پروانو سيوهاڻي (انگريزي: Perwano Sewhani) سنڌ جو سنڌي ٻولي جو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ پبلشر آهي. سندس ڪيترا.ئي ڪتاب ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال سنواريو

پرواني سيوهاڻيءَ جو پورو نالو منظور علي سومرو ولد گل محمد سومرو آهي. سندس جنم 21 جولاءِ 1958ع تي دادو ضلعو هاڻ ڄامشورو ضلعو جي شهر سيوهڻ ۾ ٿيو.[1]

خدمتون سنواريو

پرواني سيوهاڻيءَ لکڻ جي ابتدا شاعريءَ سان ڪئي، هن غزل، گيت، قطعي ۽ وائيءَ ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. ٻاراڻي ادب لاءِ تمام گهڻو لکيو آهي. هي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان 1975ع ۾ استاد بخاريءَ جي تجويز تي ”سرهاڻ پبليڪيشن“ قائم ڪري، ٻارن جا 100 کن ڪتاب ڇپائي چڪو آهي.ان کان سواءِ هن ”سرهاڻ پبليڪيشن“ طرفان ٻارن جي رسالي ”سرهاڻ“جا 60 کان مٿي پرچا ڪڍيا آهن. هن رسالي جو ايڊيٽر به پروانو سيوهاڻي پاڻ رهيو آهي ۽ 1989ع کان وقت به وقت شايع ٿيندو رهي ٿو. سيوهاڻي سنڌي ادبي سنگت سيوهڻ جو ميمبر به آهي. کيس سنڌي ادبي سنگت سنڌ، روشن تارا اسڪول، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترا اوارڊ ملي چڪا آهن. پرواني سيوهاڻيءَ جي ڪتابي سلسلن ۽ ’سرهاڻ‘ رسالي کان اتساهه وٺي، ٻارن جا ڪيترا ليکڪ پيدا ٿيا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ پرواني سيوهاڻيءَ جون خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن.[1][2]

ڪتاب سنواريو

(1) ٽيـاسـيءَ جا ٽـي ناٽڪ،

(2) پکـيــن جي ديـس ۾

(3) ڌرتيءَ جو تارو (ناٽڪ)

(4) تماشو (ڪهاڻيون)،

(5) هل ته هلون چنڊ تي (سائنسي ناول)

(6) اڏام (ڪهاڻيون)

(7) خير و خيالي (ڪهاڻيون)

(8) انڌي فقيرياڻي (ڪهاڻي)

(9) چنڊ ۽ چڪور (ڪهاڻيون)،

(10) ٻارن جا گيت (شاعري)

(11) منهنجون يادون، منهنجو ننڍپڻ (آتم ڪٿا)[1]

اوارڊ سنواريو

سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ”اڏام“ کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سال 2001ع ۾ ٻاراڻي ادب جو بهترين ڪتاب قرار ڏئي انعام ڏنو هو.[1]

حوالا سنواريو