پِتافي هڪ ذات جو نالو ۽ سنڌ جو هڪ قبيلو آهي.[1][2] جيڪي اڪثر گهوٽڪي ۽ پني عاقل تعلقن ۾ ۽ ڪراچي طرف رهن ٿا.

پتافي (بلوچ)
ٻوليون

سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

ڪورائي

بنياد سنواريو

هيءَ قبيلو ڪورائي بلوچن جي شاخ آهي، پتافي قبيلي جو ڏاڏو ڪورائي هو، جيڪو جلال خان ولد هرين جو پٽ هو. ’دستي‘ ۽ ’بڊاڻي‘ به هن قبيلي جون شاخون آهن. سنڌ ۾ ميرپور ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي پاسي پتافي ڪافي تعداد ۾ ويٺل آهن، جڏهن ته بهاولپور رياست ۾ پڻ گهڻي انداز ۾ رهندڙ آهن.

ھيءُ ڪورائي سنڌ جي ھڪڙي شاخ آھي ۽ ھو اڪثر بھاولپور رياست ۾ رھندا آھن. ھنن جو ڏاڏو ڪورائي ھو، جو جلال خان ولد ھرين جو پٽ ھو. دستي ۽ ٻڍاڻي به انھيءَ شاخ جون ڦريون آھن. سنڌ ۾ مير پور ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي جي پاسي رھندا آھن.[3]

لفظي معنا سنواريو

پتافي لفظ جي معنيٰ آهي ڏکڻ وارا.

تاريخ ۽ پاڙا سنواريو

سنڌ جون چند ذاتيون ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته پتافي قبيلي جو ڳوٺ لنڊ پتافي هو، سرداريءَ جي پڳ قندراڻي قبيلي تي هئي. هن وقت پڳ گلواڻي پاڙي جي پتافين تي آهي، جنهن جو سردار احمد علي سان پتافي آهي. مرزا قليچ بيگ ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ (ص 303) ۾ لکيو آهي ته پتافي، ڪورائي بلوچن جي هڪڙي شاخ آهن، هنن جو ڏاڏو ڪورائي بن مير جلال خان هو، دستي ۽ ٻڍاڻي به انهيءَ شاخ جون ڦريون آهن. هي سنڌ ۾ ميرپور ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي طرف رهندا آهن، اڪثر سرائڪي ڳالهائين ٿا. مولائي شيدائيءَ جي ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“ (ڇاپو 1941، ص 28) ۾ گورچاڻين جا يارهن پاڙا ڄاڻايل آهن، جن مان هڪ پاڙي جو نالو ”پتافي“ آهي. يعني پتافي، گورچاڻي ”رند“ آهن. انهي ساڳئي ڪتاب ۾ پتافي خاندان، ذات، قبيلي يا شاخ جون هيٺيون ڦريون لکيل آهن:

  1. جرواڻي
  2. هـوتمـان
  3. ڪتالاڻي
  4. براهماڻي
  5. متڪاڻي
  6. جنگلاڻي
  7. سرموراڻي
  8. ٺلراڻي
  9. اميگراڻي
  10. گوڪيباواڻي (گوڪياواڻي)
  11. ڀاوناڻي.

مقامي طور چاڪراڻي، جيوڻاڻي، گهنوراڻي، رحيماڻي، ڪرماڻي ۽ بگاڻي پڻ پتافين جا پاڙا آهن.[4]مغلن جي دور ۾ ديري غازي خان ۽ مظفر ڳڙهه ۾ سندن رياست هئي، لنڊ پتافي سندن تختگاه هو.[5]

حوالا سنواريو

  1. "پتافي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-04-02. 
  2. "پتافي | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2022-04-02. 
  3. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  4. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011
  5. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي