پاڪستان ۾ کجيءَ جي پوک

پاڪستان دنيا ۾ کجور پيدا ڪرڻ ۾ پنجون نمبر وڏو ملڪ آهي. [1] ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي موجب پاڪستان دنيا ۾ کجور جي وڏي پيداوار ۽ برآمد ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي، هر سال 535,000 ٽن کجور پيدا ڪري ٿو. کجور جي پوک لاءِ مکيه علائقا خيرپور ضلعو ۽ پنجگور ضلعو آهن.

کجيءَ جي وڻ تي اُڀري کجيءَ جي پوک

قسمون سنواريو

پاڪستان ۾ کجين جا 160 کان وڌيڪ قسم آهن، جن مان مشهور قسم هي آهن:

• خيرپور جي اصيل

• ڊيرا اسماعيل خان جي ڍڪي

• مڪران جي بيگم جنگي

پنجگور کجور پروسيسنگ پلانٽ سنواريو

پنجگور کجور جي پروسيسنگ پلانٽ، پاڪستان، متحده عرب امارات جي مدد سان ابوظهبي فنڊ فار ڊولپمينٽ (ADFD) جي مالي مدد سان 6.36 ملين آمريڪي ڊالر جي لاڳت سان، سال 2022ع ۾ پيداوار شروع ڪئي. منصوبي جي ايراضي 5,710 چورس ميٽر آهي ۽ روزانو 32,000 ٽن کان وڌيڪ کجور پروسيس ڪري ٿو.

حوالا سنواريو