پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو نائب اسپيڪر

پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو نائب اسپيڪر (انگريزي: Deputy Speaker of the National Assembly of Pakistan)، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي غيرموجودگي ۾ اسيمبلي جي ڪاروائي ھلائيندو آھي. ھي عھدو پاڪستان ٺھڻ کان موجود آھي، جڏھن پھرين آئين ساز اسيمبلي ۾ نائب اسپيڪر قانون ساز اسيمبلي جي نائب صدر طور تقرير ڪئي ھئي، 1973ع جي آئين ذريعي ھن عھدي کي برقرار رکيو ويو.

پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو نائب اسپيڪر
عهديدار
غلام مصطفيٰ شاھ

1 مارچ 2024ع کان
مقرر ڪندڙ قومي اسيمبلي جي چونڊ ذريعي
عھدي جي مدت جيسيتائين قومي اسيمبلي پنھنجو مدو پورو ڪري
اولين حامل مولوي تميز الدين

ذميداريون

سنواريو

قومي اسيمبلي جي نائب اسپيڪر جي آفيس پاڪستان جي آئين جي باب 2 حصي III ۽ شق 53 جي اختيار ذريعي ٺاهي وئي آهي. جيڪڏھن قومي اسيمبلي جو اسپيڪر موجود نہ ھجي يا اھو ڪن سبنن جي ڪري پنھنجا فرض سرانجام نہ ڏئي سگهي، تہ نائب اسپيڪر ان موقعي تي اسپيڪر طور ڪم ڪندو آهي، جيڪڏھن اسپيڪر ۽ نائب اسپيڪر موجود نہ ھجن، يا پنھنجا فرض ڪن سبب جي ڪري سرانجام نہ ڏئي سگهن تہ ان وقت اسيمبلي مان ڪنھن رڪن کي عارضي طور ڪاروائي ھلائڻ لاءِ نامزد ڪيو ويندو آھي.[1]


وڌيڪ ڏسو

سنواريو
  1. "The Constitution of the Islamic Republic of Pakistan" (PDF). National Assembly of Pakistan. حاصل ڪيل 2019-05-07.