ميڊيا پاڪستان ۾ ٽيليويزن، ريڊيو، سنيما، اخبارن، ۽ ميگزين جي ذريعي خبرون پھچائي ٿو۔ ويوردق باغي ۽ دانشور نوم چومسڪي ھڪ انٽرويو ۾ چيو "مان پاڪستان ۾ ھڪ ۽ ڀارت ۾ ٽي ھفتا رھيس . منھنجو ھڪ دوست، جيڪو لنڊن ۾ ھو جڏھن ھن انٽرويو ڏنو ته ھن چيو۔ اقبال احمد، مون کي چيو تہ مان ھي محسوس ڪريان ٿو تہ پاڪستان ۾ ميڊيا وڌيڪ آزاد آھي، بنسبت ڀارت جي۔ پھرين اخبار جيڪا ڊان، محمد علي جناح جي طرفان شايع ٿي ۽ سڀ کان پھريان 1941ع ۾ شايع ڪئي وئي، جيڪا ھڪ آزاد پاڪستان کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وقف ڪئي وئي ھئي. پاڪستان ۾ نشريات جا ھيٺ ڏنل ادارا آھن۔

صحافت سنواريو

پاڪستاني صحافت آزاديءَ کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ موجود مسلم پريس، صحافت جي وارث آهي. هندستان ۾ جڏهن مسلمانن اخبارون ڪڍيون ته هندن ۽ سکن جون اخبارون پنهنجا قدم پختا ڪري چڪيون هيون. ويهين صديءَ ۾ ’الهلال‘ (ڪلڪتو)، ’ڪامريڊ‘، ’همدرد‘ ۽ ’الجميعت‘ (دهلي)، ’زميندار‘ (لاهور) مسلمانن جي ترجماني ڪئي. مسلم ليگ جي قيام کان پوءِ اخبارن ۾ اضافو ٿيو. قيام پاڪستان وقت ’پاڪستان ٽائيمس‘ ۽ ’نواءِ وقت‘ پاڪستان جي حصي ۾ آيون. ’سول ائنڊ ملٽري گزيٽ‘ (لاهور)، ’سنڌ آبزرور‘ (ڪراچي) اڳيئي هتي موجود هيون. ’ڊان‘ (دهلي)، عين قيام پاڪستان واري ڏينهن ڪراچيءَ ۾ منتقل ٿي. ٿوري عرصي کان پوءِ ’جنگ‘ ۽ ’انجام‘ اخبارون به دهليءَ مان ڪراچي منتقل ٿيون. جلدئي ’امروز‘ ۽ ڪي نيون اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون.

1951ع کان پوءِ پاڪستان جي تقريباً هر وڏي شهر مان انگريزي، اردو، سنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون، جن جو اهم مقصد عوامي مسئلا بااختيار حاڪمن تائين پهچائڻ هو. ڪي اخبارون ذاتي ۽ پارٽي پروپئگنڊا جي مقصد سان به شايع ٿينديون رهيون. اخبارن جي زندگيءَ جو مدار سرڪاري ۽ عوامي اشتهارن تي هوندو آهي، تنهنڪري جن اخبارن جا اشتهار بند ٿيندا هئا، اهي جي نه سگهنديون هيون. اهڙيون ڪئين اخبارون ڄمنديون ۽ مرنديون رهيون. صحافين جي ملازمت جي تحفظ ۽ سٺي اجرت لاءِ سرڪار ويج بورڊ مقرر ڪيو، جيڪو هر سال ملازمن جي پگهارن جو تعين ڪندو آهي. هن وقت هر ٻوليءَ جون قابل ذڪر ممتاز اخبارون هيٺينءَ طرح ڳڻائي سگهجن ٿيون. اردو: جنگ، امروز، مشرق، نواءِ وقت، امن ڪوهستان، جسارت ۽ مساوات. انگريزي: پاڪستان ٽائيمس، مسلم، مارننگ نيوز، ڊان ۽ پاڪستان آبزور، ۽ انڊس ٽائيمس.

صحافت ۾ مددگار شعبا سنواريو

پاڪستان جي صحافت ۾ مددگار سرڪاري ۽ نيم سرڪاري اداره آهن، جن جي ڪري پاڪستاني صحافت بين الاقوامي اخبارن جي همسري ڪري رهي آهي، مثال طور:

  • (1) آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي (APNS)، جيڪا اخبارن جي مالڪن جي جماعت.
  • (2) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس (CPNE)، اخبارن جي ايڊيٽرن جي جماعت.
  • (3) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ)، صحافين جي جماعت.
  • (4) ائسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (APP).
  • (5) پاڪستان پريس انٽرنئشنل (PPI) ۽
  • (6) يونائيٽيڊ پريس آف پاڪستان (UPP).

پهرين ٻنهي ادارن، اخبارن کي ٽيلي پرنٽر مهيا ڪري ڏنا آهن، هن وقت انٽرنيٽ ذريعي آساني سان خبرن ۽ تصويرن جي رسائي ممڪن آهي. اي. پي. پي جو دنيا جي ٻين خبرون پهچائيندڙ ايجنسين جهڙوڪ: رائٽر (لنڊن)، ائسوسيئيٽيڊ پريس آف آمريڪا (نيويارڪ)، نيو چائنا نيوز ايجنسي (پيڪنگ)، تاس (ماسڪو) وغيره سان معاهدو آهي.

ميڊيا چينل سنواريو

  • جيو نيوز
  • جيو TV
  • جيو Live
  • دنيا نيوز
  • ايڪسپريس نيوز
  • سماء TV
  • ۽ ٻيا

روزنامہ قومي اخبارون سنواريو

  • ڊان
  • روزنامہ اسلام
  • روزنامہ جنگ
  • روزنامہ ايڪسپريس
  • روزنامہ اوصاف
  • روزنامہ پاڪستان
  • روزنامہ خبرين