ٽلو ناچ (Tiloo Dance) عورتن (زالن) جو هڪ مخصوص ناچ آهي، جيڪو اڪثر مڪراني عورتون، خوشيءَ جي موقعن تي دهل تي تاڙي وڄائي ڪنديون آهن. ناچ سان گڏ گيتن جا ٻول بہ چونديون آهن ۽ وراڻي بہ ڏينديون رهنديون آهن. انهن وراڻين ۾ ”ٽلو“ لفظ ضرور استعمال ٿيندو آهي. شادي جي سرگس ۾”ٽلو ناچ“ هڪ سٺو سنوڻ سمجهيو ويندو آهي. نموني طور ٽلو گيت جا ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا. ”ٽلو! ڊومني آچار....ٽلو! ڊومني آچار، لئي لئي لاڙھ...ٽلو! لئي لئي لاڙھ هست بڊوڪو، ڙي،... ٽلو! هست بڊوڪو! ”ٽلو! ڊومني آچار....ٽلو! ڊومني آچار.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.