ٻول
ٻول (Utterance) عام طرح ”ٻول“ گفتگو، قول، (سخن) يا وچن کي چئبو آهي. اصطلاحي زبان ۾ راڳيندڙ جي سھڻي سخن کي ”ٻول“ سڏبو آهي. لوڪ ادب ۾ ”ٻول“ نظم جي صورت ۾ هوندا آهن، جنھن ۾ ٻھراڙيءَ جا ڏاها سادن لفظن ۽ تشبيهن ۾ فڪر انگيز ڳالهيون ڪندا آهن. ٻول بيت، ٻن بندن کان وٺي ويھن، ٽيھن بندن تائين بہ لکيا ويا آهن. هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو: ڏچر گهوڙي سچر زال، ڇڊي ڪڻڪ، گهاٽا تر، اڌارو وهانءُ، پنجئي نہ ٿيا.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.