ٽالپور،تالپور،يا ٽالپر (انگريزي:Talpur) بلوچ قبيلو تالپر جنھن جي جد اعلیٰ شهداد ٽالپر آھي۔ جڏھن بلوچ ڪلهوڙا فوج ۾ ڀرتی ٿيا تہ شھداد ٽالپر سپہ سالار پڻ بڻجي ويو۔ بعد ۾ ڪلهوڙن ٽالپر سردارن کي قتل ڪرایو۔ ٽالپرن جنگ هالاڻي ( 1783ء ) ۾ ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي سنڌ تي حڪمراني قائم ڪئي[1]۔ سنڌ ساگر دوآبه ۾ مير چاڪر خان کين جاگير ڏني هئي. ماڙي سندن تختگاهه هو، جنهن تي انگريزن ماڙي انڊس نالو رکيو. پوءِ مزارين ۽ مگسين جي طرفداري ڪندي، چانڊين سان جنگين ڪرڻ وقت ماراچه علائقي ۾ رهڻ لڳا[2].

ٽالپر (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي،

مذھبَ

اسلام

ٽالپر جي معنيَ ۽ اصل سنواريو

ٽالپر قبیلو سنڌ ۾ ٽالپر شاھي خاندان جي حاڪميت ڪري مشھور آھي. ان شاھي خاندان ڪلھوڙن جي شاھي خاندان جي فوج کي 1783ع ۾ ھالاڻي جي جنگ ۾ شڪست ڏئي کان پوءِ سنڌ ۽ موجودہ پاڪستان ڪجهه حصن تي 1843ع تائين حڪومت ڪئي ھئي۔ 1843ء ۾ برطانوی حملہ آورن میاڻي جي جنگ ۾ ٽالپرن جي شاھي خاندان کي شڪست ڏني[1]۔ ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته ٽالپر، بلوچ ہوت جي پاڙي مان آهن، اهي پاڻ کي بني ھاشم جي امير حمزہ جي اولاد مان سڏاائين ٿا. ڪن تاريخدانن جو رايو آهي ته، ”ٽالپر اصل ۾ خانه بدوش قوم هئا جن جو ڌنڌو رڍون ۽ ٻڪريون چارڻ ھو[3]. ٽالپر لفظ اصل ۾ فارسي آهي، جيڪو ”ٽال“ ۽ پر مان جڙيل آهي (ٽال معنىٰ شاخ ۽ پر معنىٰ وڻ وڍيندڙ يا وڻ ڇانگيندڙ ٻين لفظن ۾ ڪاٺيار[4] ڪن تاريخدانن لکيو آهي ته ٽالپر اصل ۾، ايراني ميد آهن، جيڪي ڪلهوڙن جي صحبت ۾ رهي سنڌ ۾ آيا ۽ آهستي آهستي زور وٺي حڪومت حاصل ڪئي[1]. ٽالپر اصل ۾ ٽال + پور آهن جنهن جي معنىٰ آهي ٽال يا ٽالي خان جو اولاد. ٽالپرن کي ”ٽالمز“،”يا تن ميز“ سان به ملايو ويندو آهي جنهن کي يوناني پالميرا سڏيندا هئا. جيڪڏهن ايئن آهي ته ٽالپر عرب، قبطي، يهودي ۽ رومين جي مخلط نسل مان آهن ٽالپر جي شڪل شبيھ اٿ ويھ، بدني بناوٽ ۽ پڻ سندن ٻوليءَ مان ثابت ٿو ٿئي ته اهي”آريا“ آهن[5] يا ڪردن جي جنگجو قبيلي جي شاخ آهن يا ميد آهن، خراسان ۽ آذربائيجان جي علائقن تي ڪيترا سئو سال حڪومت ڪئي. سندن اصل وطن مازندران يا ڪيسپئن سمنڊ جي ڏکڻ اوڀر وارو علائقو آهي[1].مؤرخ جيمس ٽاڊ تاريخ راجسٿان جلد 02 ۾ لکي ٿو ته ٽالپر لفظ سنسڪرت لفظ تالمر مان نڪتل آهي تال، معنيٰ تر (کجيءَ جو وڻ) مر معنيٰ امير. سندن وطن تدمر ڏيکاري ٿو. جنهن کي يوناني جاگرافيدان پاميريا بيان ڪن ٿا[2][6]. بلوچن جا ڪجهه قبيلا پنهنجي معاشي زندگي ڪري ان نالي تي سڏجن ٿا. مثلاً بزدار (ٻڪرار)، گوپانگ (ڳنوار) وغيره. اهڙي طرح ٽالپر لفظ ٻن بلوچي لفظن جو مرڪب آهي، ٺال ٻيو بُر. ٺال معنيٰ وڻ جي شاخ ۽ بر معنيٰ وڍڻ. يعني شاخون ڇانگيندڙ[2]. اهڙي طرح ڪجهه قبيلا پنهنجي مورث اعليٰ جي نالي تي سڏجن ٿا. جھڙوڪ رستماڻي رستم جو اولاد، شهداداڻي شهداد جو اولاد، نظاماڻي نظام جو اولاد وغيره[2].

ٽالپر جي سنڌ ۾ آمد سنواريو

عيسوي 15 صدي ۾ مير جلال خان جي پٽن جو اولاد مير شهڪ جي سرڪردگي هيٺ مڪران کان هجرت ڪري ڪڇيءَ جي ميدان کي وسايو[2]. رند جي قبلين قلات، سيووي، شوران، گنج آبه تائين بيٺڪون قائم ڪيون. رند ۽ لاشار جي ٽيهن سالن واري باهمي ويڙهه کان سندن قبيلا پنجاب، سنڌ، گجرات، راجپوتانا ۽ هندستان تائين پکڙجي ويا. رند ۽ لاشار جي ويڙهه ۾ ٽالپرن جي سردار مير عبدالرحمان خان عرف بليده بن هلهير خان مير چاڪر خان رند جو طرف ورتو هو[2]. مير چاڪر خان ارغونن کان شڪست کائڻ کانپوءِ بلوچي قبيلن سان همايون کي مدد ڏيڻ لاءِ دهلي ڏانهن روانو ٿيو. هن مهم ۾ مير عبدالرحمان ۽ مير هئبت خان بليدي ساڻس قبيلن سميت همرڪاب هئا. مير عبدالرحمان واٽ تي سخي سرور دره وٽ وفات ڪئي ۽ اُتي دفنايو ويو. کيس چوڏهن فرزند هئا. سندس وڏو پٽ مير تبريز خان لاشاري جي شهزادي مير ابوبڪر سان گڏ گجرات ڏانهن هليو ويو. دهلي فتح ٿيڻ کانپوءِ همايون ٽالپرن کي دوآبي سنڌ ساگر ۾ جاگير ڏني[2]. ٽالپرن مان مير آلودو خان ۽ مير مسعود خان، ميان يار محمد ڪلهوڙي جا مريد هئا، جن کي ميان يارمحمد دعوت ڏئي خداآباد گھرايو[1]. مشهور انگريز رچرڊ برٽن نه رڳو سنڌيالاجسٽ هو پر هڪ وڏو نفسياتي ماهر هو هن سنڌي ماڻهن جي نفسيات تي ڪافي ڪارائتيون لکڻيون لکيون[1]. هن لکيو ته:

دنيا جي ٻين قومن جا ماڻهو هر شئي کي پري کان اکين سان ڏسي ڪا رائي قائم ڪندا آهن. پر سنڌي ماڻهو ڇهي ڏسندا آهن.

— رچرڊ برٽن، [1]

هن وڌيڪ لکيو ته:

دنيا جا ٻيا ماڻهو ڪا ڪريل شئي نوڙي هٿ سان کڻي وٺندا آهن پر سنڌي ماڻهو جھڪي کڻڻ بجاءِ پير جي آڱوٺي سان کڻي وٺندا آهن.

— رچرڊ برٽن، [1]

ٽالپر جي سنڌ ۾ اچڻ بابت لکي ٿو ته:

ٽالپر جڏهن سنڌ ۾ آيا ۽ ڪلهوڙن جي تخت گاھ خداآباد کان 15 ميلن جي فاصلي تي پهتا، تڏهن ڪلهوڙن پنهنجا امير بطور ايلچي سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا، ، ايلچين مير آلودو بابت پڇا ڪئي، پوءِ هنن (ڪلهوڙن جي ايلچين) تخت گاھ ڏانهن آندو.

— رچرڊ برٽن، [1]

ڪلهوڙن جڏهن سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمايا تڏهن هنن پنهنجي پيروڪارن هڪ وڏي فوجي ڄاڻو مير شهداد خان، جيڪو تازو ئي ديري غازي خان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”چوتي“ مان منتقل ٿي سنڌ ۾ آيو هو، کي پنهنجي فوج جو سپھ سالار بڻايو[1]. ۽ اهڙي طرح سنڌ اندر ٽالپرن جو اثر وڌيو. سنڌ جي سرحدن اندر سنڌي ۽ بلوچ ڪڏهن به هڪ ٻئي کان جدا ناهن رهيا، تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ اهڙي شاهدي يا ثابتي ڪانه ٿي ملي، البت اقتدار جي ايوانن ۾ ٻئي ڌريون ڪٿي نه ڪٿي هڪٻئي جي سامهون بيٺل ضرور نظر اچن ٿيون[1]. باقي الڳ قومي حيثيت لاءِ تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ٽڪراءُ نظر نه ٿو اچي[1]. سرحد صوبي، ديره جات يا سنڌ جي سرحد تي جن جن بلوچي قبيلن بيٺڪون وڌيون هيون تن جون پاڻ ۾ گهڻو وقت جنگيون جاري رهيون. ٽالپرن پهريان گورچاڻين سان جنگ ڪئي[2]. وري جڏهن چانڊين، مزارين ۽ مگسين سان جنگيون جوٽيائون، تڏهن مزارين ۽ مگسين کي مدد ڏيڻ لاءِ ٽالپرن مزارين جي علائقي کي وسايو جن جو تختگاهه روجھاڻ هو. ڪِن ۽ ڀاڳيسر به سندن قبضي هيٺ هئا[2].

ٽالپر قبيلي جا پاڙا سنواريو

بهاراڻي سنواريو

بهاراڻي ٽالپرن جو ممتاز خاندان ڪلهوڙن جي زماني کان جاگيردار هو. کين جان محمد جي ڳوٺ ۾ جاگير هئي[2]. مير محمد خان، ميان سرفراز خان جو ڪاردار هو. مير حسن علي خان بهاراڻي وٽ 1777ع ميان عبدالنبي خان جي لکيل سند هئي، جنهن ۾ لکيل هو ته مير سيد خان بهاراڻي ديره دار هو. سندن مرتبي موجب مير فتح علي خان هن خاندان جي خانوادن کي ٽن هزارن بيگهن (اٽڪل 15 سؤ ايڪڙ) جي جاگير ڏني[2]. منجهانئن مير جان محمد ٽنڊو مير جان محمد جو بنياد وڌو. مير محمد خان جو پٽ مير لقمان خان مير سهراب خان وٽ وڏي عهدي تي مامور هو. مير لقمان جو ڀاءُ مير مبارڪ خان مياڻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو[2].

جيوڻاڻي سنواريو

جيوڻاڻي مير ماڻڪ خان جي ڀاءُ مير جيوڻ خان جو اولاد آهن. سندن چار مضبوط پاڙا مير جيوڻ خان جي چئن پٽن جي نالن تي هئا[2].

شاهلياڻي سنواريو

شاهلياڻين جو سردار مير لعل خان هو، هالن ۾ سندس جاگير هئي. سنه 1851ع ۾ وفات ڪيائين[2].

حاجواڻي سنواريو

حاجواڻين جو سردار مير سردار خان هو. سندس صوڀي ديري ۾ جاگير هئي[2].

سکلاڻي سنواريو

سکلاڻين جو سردار مير مبارڪ خان هو[2].

ياراڻي سنواريو

مير جيوڻ جي پٽ مير يارو خان جو اولاد ياراڻي سڏجن ٿا. سندس ٽين پيڙهي مان مير پيارو خان ڊڀڙن ۾ رهندو هو[2].

هليلاڻي سنواريو

هليلاڻي مير مبارڪ خان جي پڙپوٽي مير هليل خان جو اولاد آهن. منجهانئن ڪي نوابي جي عهدي کي پهتا[2]. مير نواب فاضل خان جو حجاب خان جو پڙپوٽو هو، تنهن ٽنڊو مير فاضل تعمير ڪرايو. سندس پوٽي مير باغ علي خان 1856ع ۾ وفات ڪئي. سندس فرزند مير غلام علي خان کي گهوٽاڻن ۾ جاگير هئي[2].

جيئنداڻي ٺوڙا سنواريو

امير ٽالو خان جي پٽ مير جيئند خان جو اولاد جيئنداڻي ٺوڙها سڏجن ٿا[2]. نواب مير محمد خان ٺوڙهو جو مير جيئند خان جي پنجين پيڙهي مان هو، تنهن کي مٽيارين کان سواءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن ۾ جاگيرون هيون[2]. سنه 1847ع ۾ ڪپتان راٿ بورن ڪمشنر سنڌ کي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي هئي، تنهن ۾ هن ڏيکاريو هو ته نواب محمد خان سڄي سنڌ ۾ اثرائتو ۽ مان وارو امير آهي. نواب محمد خان جي ڏاڏي مير فتح خان جي ڀاءُ مير جعفر خان جي پٽ مير دريا خان کي مير فتح علي خان سامتاڻين جو ڪاردار مقرر ڪيو هو، مير مراد علي خان جي زماني ۾ مختيارڪار ٿي رهيو[2]. مير فتح خان هن خاندان جو پويون مير هو، جنهن 1862ع ۾ تاجپور ۾ وفات ڪئي. مير خير محمد جو پٽ مير دوست علي خان، مير محمد خان وٽ عهديدار هو. پوءِ مير حسين علي خان وٽ مختيارڪار هو[2]. ٽالپر امير فقط رفاه عام لاءِ عهديدار هئا، کين وڏيون جاگيرون مليل هيون. تنهن کان سواءِ پاڻ ۾ مائٽ هئا. مير دريا خان ٺوڙهي 1845ع ۾ وفات ڪئي. ڄام پور، ديره حمزه، ميهڙ، گهمڻي ۾ وٽس جاگيرون هيون[2].

عيساڻي سنواريو

مير عيسيٰ بن زنگي خان جو اولاد عيساڻي سڏبو هو[2]. سندس فرزند مير آدم خان آدماڻين جو مورث اعليٰ هو. مير علي بخش خان آدماڻي کي شهدادپور ۽ ميهڙ ۾ جاگيرون هيون. سنه 1867ع ۾ هن وفات ڪئي[2]. انگريزن جي اچڻ وقت مير شير محمد ۽ مير خان محمد پوئين آدماڻين جي سردارن وٽ جاگيرون هيون. خان محمد خان 1845ع ۾ شير محمد خان 1855ع ۾ وفات ڪئي. ٻئي ڀائر هئا[2].

درياخاني سنواريو

خاناڻين جي مورث اعليٰ مير مبارڪ خان جي ڀاءُ مير دريا خان جو اولاد درياخاني سڏبو هو. مير راڄو خان جي سالياني آمدني ٽيهه هزار روپيا هئي[2]. سندس ڀيڻ مير شير محمد خان ماڻڪاڻي جي والده ماجده هئي. امير دريا خان جي اولاد کي مير ٺاري خان سنه 1790ع ۾ الله آباد ۾ جاگير ڏني هئي. مير احمد خان مير راڄو خان جي ڀاءُ مير الله داد خان جي قبيلي جو سردار هو. ميان سرفراز خان پاران کيس پوڙهائپ ۾ جاگير مليل هئي[2].

گهراماڻي سنواريو

امير سليمان خان (ڪڪو) کي باگراڻي ديره مان سفر، دڦڙ ۽ بجر ٽي فرزند هئا. گهراماڻي مير سفر خان جي فرزند مير گهرام خان جو اولاد هئا[2].

مراداڻي سنواريو

مير هليل خان جي پوٽي مير خداداد خان کي ٻه فرزند هئا. بهار خان جو اولاد بهاراڻي سڏبو هو. مير مراد خان جو اولاد مراداڻي سڏبو هو[2].

حوالا سنواريو

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 [ ڪتاب ؛ جنرل هوش محمد شيدي ليکڪ؛ منصور قادر جوڻيجو]
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 2.21 2.22 2.23 2.24 2.25 2.26 2.27 2.28 2.29 2.30 [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. {تحفت الڪرام جلد 3؛ از: مير علي شير قانع ٺٽوي }
  4. {ٽالپرن جي تاريخ ، رحيمداد مولائي شيدائي صفحو 10}
  5. {سنڌين جي فوجي مهارت ــ دادا سنڌي صفح 106}
  6. {J. Tod: The Amals & Antiquities of Rajasthan, Vol.II, P.73}