ٺيٺ ٻولي
سڀني ملڪن ۾ جيڪي اُپڀاشائون ڪم اچن ٿيون، تن مان ڪنهن هڪڙيءَ کي گهڻو شرف ملي ٿو ۽ اها ئي ڪتابن ۾ ڪم اچي ٿي. ڪڇ (Kachh) ۽ لسٻيلو (Lasbbelo) هاڻوڪيءَ سنڌ کان ٻاهر آهن، تنهنڪري ڪڇڪي (Kachhki) ۽ لاسيءَ (Laasi) جي ڳالهه ڇڏي، باقي اتر سنڌ جي اپڀاشائن تي ويچار ڪبو، ته ڄاڻ ٿيندي، ته هر ڪا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ٺيٺ (اُچي) سنڌي آهي ۽ ٺيٺ يا معياري ٻولي (Standard dialect) ٿي ڪم اچڻ جي لائق آهي، مثلاً: سري ۾ شڪارپور طرف جي ٻولي مٺي ۽ رسيلي آهي. ساميءَ جي سلوڪن (Saami'a jaa sulook) جي سنڌي، سچل (Sachal)، بيدل ۽ بيڪس جي رسالن جي سنڌي درسي ڪتابن ۾ ڪم آڻبي، ته بيشڪ سونهندي.
لاڙ جي هندن جي ٻولي جيڪي سو ڪَچي آهي، باقي لاڙ جي مسلمانن جي ٻولي گهٽ ڪانهي. شاهه جو رسالو گهڻو ڪري سمورو لاڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ۽ اها ٻولي درسي ڪتابن ۾ ڪم اچڻ جي بيشڪ لائق آهي. ساڳيءَ طرح ساهتي پرڳڻي(نوابشاهه ضلعي) توڙي سيوهڻ طرف جي ٻولي ٺيٺ آهي، پر هن وقت درسي ڪتابن ۾ رڳو وچولي، خاص ڪري حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي جي ٻولي ڪم اچي ٿي ۽ اها ئي سڀني کان وڌيڪ ٺيٺ ۽ معياري ٻولي ليکجي ٿي. ان جو ڪارڻ هيءُ آهي، ته سنه 1853ع ۾ جڏهن سنڌ جي تعليم کاتي وارن پهريون گهمرو اسڪولن جي ڪم اچڻ لاءِ درسي ڪتاب جوڙايا، تڏهن هنن اهو ڪم حيدرآباد جي ڪن معزز هندن ۽ مسلمانن تي رکيو ۽ سڀاويڪ طرح ڪتابن لکڻ ۾ هنن اها ٻولي ڪم آندي، جا پاڻ ڳالهائيندا هئا. ائين حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن هنڌن جي ٻوليءَ کي شرف مليو ۽ هن وقت اها ئي ڪتابي ٻولي ٿي ڪم اچي؛ پر انهيءَ تي ڪو ڌار نالو رکيل ڪونهي، تنهنڪري وچولي جي لهجي ۾ ليکجي ٿي. وچولي ۾ ساهتي پرڳڻو (نوشهرو، ڪنڊيارو وغيره) اچي وڃي ٿو؛ پر انهيءَ پاسي ’چيو اٿس‘ بدران چون ’چيو اٿائين‘. اهو نمونو درسي ڪتابن ۾ ڪونهي، تنهنڪري ئي چئجي ٿو ته رڳو حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي جي ٻولي ٺيٺ يا معياري ٻولي (Standard dialect) ٿي ۽ اها ئي ڪتابي سنڌي سڏجي ٿي.[1]
سنڌ جي پالي ٻولي
سنواريومهاراجا اشوڪ پاڻ مگڌ يعني بهار جي ڏاکڻي، ڀاڱي ۾ رهندو هو؛ پر اتي جي پالي ٻوليءَ کان سنڌ جي پالي ٻولي وڌيڪ ٺيٺ هئي. سنڌ مان ڪي اڪريل نوشتا ڪونه لڌا آهن، ته به هن ڳالهه لاءِ ثابتيون آهن. گنڌار (قنڌار) پرڳڻي ۾ شهباز ڳڙهيءَ طرفان مهاراجا اشوڪ جي وقت جا جيڪي به ڪتبا (اڪريل نوشتا) لڌا آهن، تن ۾ ڪم آيل ٻولي، قديم سنسڪرت کي گهڻو ويجهي آهي، پر انهيءَ ساڳئي مهاراجا جا جيڪي ڪتبا بهار طرفان لڌا آهن. تن جي ٻولي سنسڪرت کان گهڻو ڦريل آهي. هيءَ حقيقت ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجي جي ٺاهيل ’بينگالي ٻوليءَ جي تاريخ‘ (جلد 1، صفحي 44 ۾) ۽ ٻين ڪن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي. سر گريئرسن پنهنجي جوڙيل ’لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا‘ [2] ۾ لکيو آهي، ته گنڌار (قنڌار) پرڳڻي وارن نوشتن ۾ جيڪا پالي ٻولي ڪم آيل آهي، تنهن ۾ اُچارن سان لاڳاپو رکندڙ ڪي ڪي اهڙيون خاص ڳالهيون آهن، جي اڄ تائين داردڪ ٻولين (ڪشميري وغيره)، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ نظر اچن ٿيون، مثال ڏنو اٿس، ته سنسڪرت لفظ ’ڀڪت‘ جو اچار پاليءَ ۾ بگڙجي ٿيو ’ڀت‘ (Bhatta) (’ت‘ اکر ٻَٽو)، پنجابي، لهندا (پنجاب جي الهندي طرف جي ٻولي، ديري غازي خان واري ۽ سرائڪي)، ۽ سنڌيءَ ۾ به چون ’ڀت‘، باقي هندستاني، گجراتي، مراهٽي وغيره ۾ چون ’ڀات‘ يعني ٻَٽي ’ت‘جو چار ڪڍي ڇڏيو اٿن، ۽ انهيءَ کوٽ جي مجرائيءَ لاءِ لفظ جي منڍ واري ’اَ‘ جي اچار کي وڌائي ’ا‘ ڪيو اٿن. سر گريئرسن هيئن به چيو آهي ته آءٌ پنهنجي دل ڪري ائين سمجهان ٿو ته گنڌار طرف تڪش سلا ۾ جيڪا پالي ٻولي ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، سا ٻڌ ڌرم وارن پنهنجن ڌرمي پستڪن ۾ ڪم آندي. انوُ (شوي) آرين جي جڏهن سنڌ ۾ صاحبي هئي ۽ گنڌار طرف درهيوُ آرين راڄ ٿي ڪيو، تڏهن انهن ٻنهي هنڌن جي سنسڪرت مڌيا ديش وارن آرين جي سنسڪرت کان وڌيڪ ٺيٺ هئي. سنسڪرت پوءِ بگڙجي پالي ٿي، ته سنڌ ۽ گنڌار طرف جي پالي ٻولي به ضرور بهار ۽ ٻين هنڌن جي ٻوليءَ کان وڌيڪ ٺيٺ ٿيندي. ٻي مکيه ڳالهه هيءَ به آهي، ٽه پالي ٻوليءَ جا نه رڳو اچار، پر ڪي لفظ به، جهڙا اسان جي سنڌي ٻوليءَ سانڍيا آهن، تهڙا ٻيءَ ڪنهن به ڏيهي آريا ٻولي نه سانڍيا آهن.
پاليءَ جا سنڌ ۾ نشان
سنواريوپالي ٻوليءَ جي اچارن ۾ هڪ مکيه ڳالهه، جا گهڻو ڌيان ڇڪي ٿي، سا هيءَ آهي، ته جن سنسڪرت لفظن ۾ دتيا يعني ٻٽا اکر يا گڏيل حرف صحيح آهن، تن جا اچار پاليءَ ۾ ڀَچي يا ملي هڪ روپ (Assimilate) ٿي ويا آهن. مثلاً، سنسڪرت ’سپت‘، پالي ’سَت‘، سنڌي ۾ به چئون ’ست‘(7)؛ پر هندستانيءَ وغيره ۾ چون ’سات‘- ڏسو ته اسان جا اُچار بجنسي پاليءَ وارا بيٺا آهن!
ٻيا مثال:
سنواريوسنسڪرت پالي سنڌي سنسڪرت پالي سنڌي ڌرم ڌم ڌرم-ڌم پريم پيم پريم- پيم سنسڪرت لفظ ’ڌرم‘ ۽ ’پريم‘ اسين هاڻ جيئن جو تيئن چئون ٿا، پر ڌمن مل ۽ ڌمي ٻائي (ڌرمي ٻائي) نالن ۾ نج پالي لفظ ’ڌم‘ ڪم آڻيون ٿا، جو ٻئي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪم نٿو اچي. پيوي ٻائي نالي ۾ ’پيوي‘ نج پالي لفظ ’پيمي‘ (پريمي) آهي، جنهن ۾ ’م‘ کي مٽي ’و‘ ڪيو اٿئون. سنڌ جي ڪن هندو ڇوڪرين ۽ زالن جو نالو ’ميمي‘ آهي اهو به اصل ۾ ساڳيو پالي لفظ ’پيمي آهي، جنهن ۾ ’پ‘ کي مٽي ’م‘ ڪيو اٿئون. ڪٿي آهن ’ڌم‘ ۽ ’پيم‘ لفظ هندستاني ۽ ٻين آريه ٻولين ۾؟ تڏهين چئبو ته شاباس اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي آهي، جا قديم زماني جي پاليءَ وارا نشان اڄ تائين سانڍيندي پئي اچي.
سنڌيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جي اصلوڪي سنسڪرت صورت ايتريقدر مٽجي ويئي آهي، جو اهي سڃاڻڻ ئي مشڪل؛ پر پاليءَ ۽ پراڪرت جي اُچارن سان انهن جي ڀيٽ ڪجي، ته پوءِ سڃاڻڻ سولا ٿين ٿا. مثلاً، سنسڪرت لفظ ’للاٽ‘ جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ’نرڙ‘‘ هن ۾ هڪڙو به ساڳيو اکر ڪونهي، ته پوءِ سڃاڻجي ڪيئن؟ سنسڪرت جو اُچار پاليءَ ۾ ٿيو ’نلاٽ‘، پراڪرت ۾ ’نڊال‘ (ڻڊال) سنڌيءَ ۾ نراڙ، نرڙ معنيٰ پيشاني. ائين پالي ۽ پراڪرت ٻوليون سنڌي لفظن جي بنيادن ڳولي لهڻ ۾ وڏي واهر ڪن ٿيون.
سنسڪرت ۽ پاليءَ جي باريڪ ڀيٽ ڪرڻ سان، عالمن کي ڄاڻ پئي آهي ته ٻنهي ٻولين جي وچ ۾ جيتوڻيڪ فرق آهي، ته به پالي ٻولي سنسڪرت کي بلڪل ويجهي آهي. ڊاڪٽر ڀنڊارڪر پنهنجن تقريرن ۾ ڄاڻايو آهي، ته اٽڪل روءِ پالِيءَ ۾ پنجن مان ٽي پتيون لفظ نج سنسڪرت آهن؛ باقي ٻن پتين ۾ به رڳو ٿوري تبديلي معلوم ٿئي ٿي. سنسڪرت وياڪرڻ جي، پالي وياڪرڻ سان ڀيٽ ڪرڻ سان عالمن کي معلوم ٿيو آهي ته پاليءَ مان ’دووچن‘ (Dual) نڪري ويو آهي، اسمن جي حالتن ۽ فعلن جي گردانن ۾ به ٿورو ڦير آهي. اهڙيءَ طرح ڪن جزوي ڦير ڦارين کان سواءِ، ٻنهي ٻولين جو وياڪرڻ به گهڻو ڪري ساڳيو آهي. مطلب ته سنسڪرت کي جهڙي پالي ٻولي ويجهي آهي، تهڙي ٻي ڪا به پراڪرت ٻولي ويجهي ڪانهي. حقيقتن ’پراڪرت‘، نالو ئي انهن ٻولين تي پيل آهي، جي پاليءَ کان وڌيڪ بگڙيل هيون. جنهن صورت ۾ گوتم ٻڌ پنهنجو پرچار پالي ٻوليءَ ۾ ڪيو هو، ۽ ٻڌ ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ ان ۾ لکيل آهن، تنهن صورت ۾ پالي ٻولي ٻڌ ڌرم وارن جي پوتر ڀاشا يا پاڪ ٻولي ٿي ۽ ان جو مرتبو ٻين پراڪرت ٻولين کان مٿي ليکجڻ ۾ آيو.
مهاراجا اشوڪ جي وقت ۾ سنڌ ۾، ڪن هنڌ ”سٽوپ“ (Stupa) ٺهيا ۽ اهي تيرٿن جا هنڌ ليکجڻ ۾ آيا. ان وقت ٻڌ ڌرم هيڪاري زور ورتو ۽ پالي ٻوليءَ به ترقي ڪئي. مهاراجا اشوڪ، عيسوي سنه کان 227 ورهيه اڳي گذاري ويو. کانئس پوءِ عيسوي سنه کان 180ع کن ورهيه اڳي، بختر (بئڪٽريا) طرف جا ڪي يوناني لوڪ پنجاب تي ڪاهي آيا ۽ پوءِ سنڌ جي به فتح ڪيائون. سندن وقت جي نشاني، بختي، بغدي، ۽ بلغاري لفظ آهن.
بغدي بلوچن جا اَٺ ويهون اُٺن،
ڌاڙي خاطر ڌاريا، مهري ملوڪن.
ٽنگن ڊگها، وڃن سگها، جن جا چيريا چپ چُرن،
ڪنڌن ڪارا، پڇ ٻاهرا، جن جا کر نه کڙڪو ڪن،
نڪ ۾ نوڙي، وڃن ڊوڙي، بختي بلوچن،
منزل مارڻ، پوءِ نهارڻ، اهو عيب اُٺن،
وڃي واءِ چڙهن، ته به ڪنبن ڪين ’ڪبير‘ چوي.
(ڪبير شاهه)
بغدي معنيٰ بلغ (بلغ- بخارا) جو اُٺ؛ بختي معنيٰ بختر(بئڪٽريا) جو اُٺ – اهي ٻيئي يوناني لفظ آهن. بئڪٽريا (بڪتر – بختر) جو قديم فارسيءَ ۾ اُچار’باختري‘ ۽ ”باخدي“ هو، ۽ اهو هاڻ ’بلخ‘ (بلغ) سڏجي ٿو*. انهن نالن مان ’بغدي‘ ۽ ”بختي“ لفظ ٺهيا آهن. اهي اُٺ ٻن ٿُوهن سان هئا ۽ پنڌ جا تکا هئا، تنهنڪري ٻنهي جي هاڻ معنيٰ آهي ’ڀلو مهري اُٺ‘.
(الف) بولغار جو شهر وولگا نديءَ جي ڪناري تي آهي. اتي جي نانگ جي ورن وانگر حُقن جا نڙ سنڌ ۾ عام ٿيا. ته اهي ’بلغاري‘ يعني بولغار جا سڏجڻ ۾ آيا: انهن نڙن سان ڦوڪ سٺي ڀري سگهجي ٿي، تنهنڪري پوءِ ’بلغاري‘ معنيٰ ٿي سٺي متل چلم يا چڱو متل حقو.[3]
حوالا
سنواريو- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ جلد 8، ڀاڱو 1، صفحي 2 ۽ 7
- ↑ Sindhi Adabi Board Online Library (Lasaniyat)