ٺلهه هيرو خان

قديم آثار

ٺلھ هيرو خان انگريزي (Thul Hairo Khan) ٻڌمت جو اسٽُوپا (Stupa) آهي جيڪو جوهي تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ پاڪستان جي ڳوٺ هيرو خان[1] جي ويجھو هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي اولهه طرف آهي. ٺُلهه هيرو خان[2] [3]پڪين ۽ ڪچين سرن سان تعمير ٿيل آهي جن جي اوساري گِل سان ٿيل آهي. ٺُلهه 50 فوٽ اونچو ۽ 30 فوٽ ويڪرو آهي. ٺلهه جي چوٽيءَ تي رسڻ لاءِ اتر پاسي کان ڪچين ۽ پڪين سرن جي ڏاڪڻ جوڙيل آهي. اهو يقين ڪيو وڃي ٿو ته هيرو خان واخان وارو ٺلهه 5 ۽ 7 صدي عيسوي جي وچ ڌاري تعمير ڪيل آهي. لڳي ٿو ته هيرو وارو ٺلهه سنڌ جي ٻين علائقن ۾ موجود ٺلهن جي سلسلي منجهان هڪ آهي. [4][5]

ٺلھ هيرو خان جو ڏيک

تاريخ سنواريو

ڪجهه تاريخي تذڪرن موجب سنڌ ۾ بڌمت 3 صدي قبل مسيح ۾ موريا گھراڻي جي حڪمران اشوڪا جي دور ۾ ڦهليو.[6]راءِ خاندان جي دوؤر ۾ سنڌ ٻڌمت جي مرڪز هئي.[7] چچ سنڌ ۾ برهمڻ گھراڻي جي حڪمراني جو بنياد رکندڙ هو. سندس ڀاءُ چندر ٻڌمت جو قائل هو.[8] سومرن جي سنڌ تي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٻڌمت 13 صدي عيسوي تائين سنڌ جي چپي چپي ۾ رهيو ۽ وڌيو ويجھيو.[8] ٺلهه بڌمت جا پاڪ ۽ مذهبي آثار طور ڄاتا وڃن ٿا.[9]

محل وقوع سنواريو

ٺلهه هيرو خان جوهي شهر کان 15 ڪلومٽرن جي مفالي تي اتر طرف آهي. Latitude: 26°49'40.3", Longitude: 67°28'28.81"[2]

حوالا سنواريو