يمي گوتم ڌَر (انگريزي: Yami Gautam Dhar)، پيدائش 28 نومبر 1988ع، ھندوستاني اداڪارا آھي جيڪا بُنيادي طور تي ھندي فلمن ۾ ڪم ڪندي آھي. جڏھن تہ ڪُجھ تيلگو ۽ تامل ٻولين جي فلمن ۾ بہ ھن ڪم ڪيو آھي. فيئر اينڊ لوَلي (Fair @ Lovely) جي اشتھارن ۾ اچڻ کانپوءِ کيس نُمايان حيثيت ملي. اُن کانپوءِ ھن ٽيليويزن ڊرامي "چاند ڪي پار چلو" (2008ع - 2009ع) ترجمو "چنڊ جي ھُن ڀَر ھل" سان اداڪاريءَ جي شروعات ڪئي. اُن سان گڏ "يي پيار نا ھوگا ڪم" (2009ع- 2010ع) ترجمو "ھي پيار نہ ٿيندو گھٽ" ڊرامي ۾ بہ ڪم ڪيائين. ھن ڪيترن ئي ڏکڻ ھندوستاني فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو .

يمي گوتم ڌَر

گوتم 2018ع ۾
پيدائش نومبر 1988 (عمر 35 سال)
بِلاسپور، ھِماچل پرديش، انڊيا.
پيشو اداڪارا
سَرگَرمُ سالَ 2008– ھيستائين
جيون ساٿي ادَتيہ ڌَر (شادي: 2021ع)
رشتيدار سُريلي گوتم (ڀيڻ)

حوالا سنواريو