... ته گهوٽڪي جو اصل نالو گهوٽہ آهي. هن شهر کي 1447ع ڌاري پير محسن شاھ ٻڌو هو.
... ته سنڌي ٻوليءَ جي پهرين فلم جو نالو ايڪتا هو، هيءَ فلم 1934ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1942ع ۾ مڪمل ٿي، هيءَ فلم پهريون ڀيرو ڪراچيءَ جي تاج محل سئنيما ۾ چئين بجي واري شو ۾ رليز ٿي.
... ته سوفيءَ جي دنيا ناروي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ناول آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو 1995ع ۾ شايع ٿيو، ان سال هي انگريزي جو وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب پڻ ثابت ٿيو.
... ته سنڌ سڌارسنڌي ٻوليءِ ۾ پهرين اخبار تسليم ڪئي وڃي ٿي. هي اخبار تعليم کاتي طرفان 1882ع ۾ جاري ڪئي وئي. هن اخبار جا پهريان ايڊيٽر مرزا صادق علي بيگ، ساڌو هيرانند ۽ ٻيا ناليرا صحافي ٿي گذريا آهن.
... ته چاڪر خان رند (تصوير) بلوچ قوم جو پهريون نامور سردار هو. سندس والد مير شهڪ خان جي وفات کانپوءِ 30 سالن جي عمر ۾ سڀني بلوچ سردارن کيس پنهنجو اڳواڻ منتخب ڪيو.