وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 35
- ... تہ ڪرھو اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو لوڪ گيت آهي جنھن کي اوٺي سفر دؤران ڏاڍي درديلي نموني ڳائيندا آهن.
- ... تہ دور جاھليت ۾ اھل عرب لات جي پوڄا ڪندا ھئا، جيڪو ھن وقت سعودي عرب جي شھر طائف ۾ رکيل آھي.
- ... تہ سکر ۾ 1895ع ۽ 1915ع ۾ طاعون جي وبا پکيڙي جنھن سبب ھزارين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا.
- ... تہ ويلو ناچيار کي تامل ماڻھو سورهيه عورت جي لقب سان ياد ڪن ٿا، ھي پھرين راڻي ھئي جنھن برطانوي راڄ خلاف مزاحمت ڪئي.
- ... تہ تاريخ معصومي مير محمد معصوم بکريءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنھن کي سنڌ بابت لکيل فارسي تاريخن مان هڪ آڳاٽو ۽ جهونو ڪتاب تصور ڪيو ويندو آهي.