ڪرهو (Karho) اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو لوڪ گيت آهي ۽ ان گيت جي هر بند جي پوئين سٽ ”هڙڪ هلو ڌيمان هلو“ (هوريان هلو، ڍرو هلو) وراڻي هوندي آهي. ”ڪرهو لمڪيان ڙي لو“ وانگر عمر ڪوٽ ۽ ان جي آس پاس ڳاتو ويندو آهي. اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو هي گيت اوٺي سفر دؤران ڏاڍي درديلي نموني ڳائيندا آهن.[1]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.