وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2022/مهينو نومبر

آگسٽ 27 2021ء تي ڏکڻ پاڪستان (ٻوڏ کان ھڪ سال اڳ) ۽ 27 اگسٽ 2022ء ڀيٽ ڏيکاريندڙ سيٽلائٽ فوٽو

جون 2022ع کان وٺي، پاڪستان ۾ سانوِڻي (چؤماسو, مون سون) جي برساتن ۽ گليشيئر پگھرڻ جي ڪري آيل ٻوڏ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 380 ٻار ۽ 1,191 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 1,700 کان وڌيڪ گھايل ٿي پيا آهن. هي 2017 کان بعد دنيا جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي. 29 آگسٽ تائين، پاڪستان جي موسمياتي تبديلي واري وزير چيو ته ملڪ جو ”ٽيوڻ حصو“ پاڻي هيٺ هو، جنهن سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا. پاڪستان حڪومت سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب هينئر تائين 10 ارب ڊالرن جي نقصان جو اندازو لڳايو آهي.