وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2022/مهينو جولاءِ

اٽلي جي شھر روم ۾ پراچين آکاڙو (ڪولوزيم)


اٽلي (Italy ) جو سرڪاري نالو ريپبلڪ اطاليه (Republic of Italy) آهي، جنهن جو پراڻو نالو آسونيا ۽ اطاليه هو. قديم رياست اطاليه سبب کيس اٽليءَ جو نالو ڏنو ويو. هي ڏکڻ اولهه يورپ جو اهم ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ سوئزرلينڊ ۽ آسٽريا، اوڀر ۾ سلووينيا، سان مينو ۽ ايڊرياٽڪ سمنڊ، ڏکڻ اولهه ۾ تائرهنيان سمنڊ، اولهه ۾ موناڪو ۽ فرانس آهن. اٽلي رومي سمنڊ ۽ ايڊرياٽڪ سمنڊ وچ ۾ ٻيڙيءَ جي شڪل جو هڪ ٻيٽ نما ملڪ آهي. جنهن جي ڪل پکيڙ 301255 چورس ڪلوميٽر (116314 چورس ميل) ۽ آبادي 6 ڪروڙ آهي. گاديءَ جو هنڌ روم (Rome) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مونٽ بلانڪ (بلندي 4807 ميٽر) آهي، هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي اطالوي/ اٽالين آهي، جڏهن ته هتي جرمن ۽ فرينچ پڻ ڳالهائجن ٿيون.