وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2021/مهينو آڪٽوبر

گورنمينٽ بوائز ماڊل هاءِ اسڪول ٺري ميرواهه
ٺري سيٺارجا روڊ، گرڊ اسٽيشن ڀرسان ڪڪرن جي منظر سميت نظارو

ٺرِي مِيرواهہ خيرپور ضلعي جي ميرواهه تعلقي ۽ ميرواھ سب ڊويزن جي گاديءَ جو شهر آهي. ٺري، خيرپور جي اوائلي شهرن مان هڪ آهي، پاڪستان جي ٺهڻ کان پهرئين ڪجھ دڪانن سميت هڪ ڪاروباري مرڪز هيو ۽ هينئر ٺري اڃا بہ وڌي رهيو آهي ۽ هڪ پُرامن شهر آهي. آدمشماري ڏيڍ لک (1.5 ملين) کان وڌيڪ آهي. ٿڌي مُند (سيارو) ۽ گرمي جي مُند ۾ ٺري جي موسم متناسب ۽ سراسري گرمي جو درجو سياري ۾ 14 - ۽ اونھاري ۾ 40 سينٽي گريڊ آهي. موسمي حالت ڪيترائي اناج ۽ سبزي جي فصلن کي اڳائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جَر جو پيئڻ وارو پاڻي مٺو آھي.