وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2019/مهينو مارچ

شاهہ عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻولي جو قومي شاعر، سن 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر، هالا حويلي ۾ ڄائو. شاهہ عبداللطيف حبيب شاھہ جو پٽ، عبدالقدوس شاھہ جو پوٽو، جمال شاھہ جو پڙپوٽو ۽ جمال شاھہ، شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاهہ حبيب پنهنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشهور عالم آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو، وائيءَ جو ڳوٺ, ڀٽ کان ڇهہ ۽ اڏيري لعل کان ٻہ ڪوهہ پري آهي. ارنيسٽ ٽرمپ پهريون غير ملڪي عالم هو جنهن شاه جي رسالي کي ترتيب ڏيئي جرمني جي شهر ليپسگ مان 1866ع ۾ شايع ڪيو. شاه صاحب صفر مهيني جي 14 تاريخ 1165 هه مطابق 1752 ع ۾ جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مزار ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1772ع تي ٺهرايو. هن مزار ۾ هڪ مسجد ۽ لطيف جو روضو آهي، جنهن جو در هڪ وڏي اڱڻ طرف کلي ٿو. سندس عرس هر سال 14 صفر تي ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ عام موڪل هوندي آهي. شاھ جي عرس جون تقريبون ٽي ڏينهن جاري رهنديون آهن.