وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2019/مهينو فيبروري

سنڌي ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا سنڌ جي تاريخي خطي ۾ سنڌي ماڻھن پاران ڳالھائي وڃي ٿي. سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي. انڊيا ۾، سنڌي وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي. گھڻا سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جي صوبي سنڌ، ڀارت جي رياست گجرات جي علائقي ڪڇ ۽ مھاراشٽر جي علائقي الھاس نگر ۾ رھن ٿا. ان سان گڏوگڏ ھانگ ڪانگ، عمان، انڊونيشيا، سنگاپور، گڏيل عرب اماراتون، گڏيل بادشاھت ۽ آمريڪا ۾ لڏي ويل جماعتن پاران بہ سنڌي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي. سنڌي الف ب يا رسم الخط جا ٻاونجاھ اکر آھن. موجوده عربي-سنڌي الف ب 1853ع ۾ جُڙي. ڀارت ۾ معياري عربي رسم الخط کان سواءِ ديوانگري رسم الخط بہ لاڳو آهي، جيڪا 1948ع لاڳو ڪئي وئي۔ پهرين صديءَ جي شروعات ۾ براهمي لپي، سنڌو لکت مان ٺاهي وئي، اشوڪ بادشاهه پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي حڪومتي وهنوار کي هلائڻ لاءِ براهمي لکت ڪم آندي، براهمي لکت ۾ 33 حرف ساڪن ۽ 10 حرف علت وارو اُصول پڻ شامل هو، جيڪي سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ڪيترين ئي صدين تائين جاري رهيو.