وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2019/مهينو جُولاءِ

منگهارام ملڪاڻي پھرئين ڊسمبر 1896ع ۾، حيدرآباد ۾ ’اُڌارام شيوڪرام ملڪاڻي‘ جي گهر ۾ جنم ورتو. پروفيسر ملڪاڻيءَ جو ادبي تاريخ نويسي جو اهم ڪم ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڪتاب آهي، جيڪو 1968ع ۾ ڇپيو. ٻئي سال هن ڪتاب کي ”اڪاڊمي ايوارڊ انعام“ مليو. ادبي تاريخ جي لحاظ کان ورهاڱي تائين، سنڌي نثر جو سلسليوار ۽ تفصيلوار اتهاس هجي. ان ۾ ڪهاڻي، ناول، ناٽڪ، اسٽيج ڊرامن، مضمون ۽ تنقيد جي نه رڳو تاريخ آهي، پر تحقيق به آهي، ته ڪٿي ڪٿي رچنائن جي مثالن سان تنقيدي جائزو به آهي. هن ڪتاب مان سنڌي ادب جي ڌار ڌار صنفن بابت ڏاڍي سٺي بنيادي ڄاڻ ملي ٿي. وڌيڪ پڙھو >اَڳُوڻَا