وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2018/مهينو نومبر

برووخ اسپنوزا پنهنجي دور جو هڪ وڏو فلسفي هو. ھن جو جنم نالو بينيڊٽو ڊي اسپنوزا ھيو. هي 24 نومبر، 1632ع تي ايمسٽرڊيم جي علائقي جوڊنبورٽ ۾ پيدا ٿيو. جڏهن اسپنوزا اڃان ڇهن سالن جو هو ته سندس والده وفات ڪري وئي. هن جو تعلق سيفراڊي يھودي گھراڻي سان هو ۽ سندس مادري زبان پورچوگيزي ھئي پر ھي عبراني، ڊچ ۽ اسپيني پڻ ڳالھائيندو ھو. سن 1656ع ۾ هو عبادت خاني جي بزرگن آڏو پيش ڪيو ويو ۽ هن تي ڪفر جو الزام مڙهيو ويو ۽ هن کي عبراني رسم ۽ رواج جي تڪليف واري رسم مطابق پنهنجي قبيلي مان خارج ڪيو ويو. ان کان پوءِ ائمسٽرڊم کان ٻاهر هڪ خاموش ڪمري ۾ رهڻ لڳو. اسپنوزا جوهر کي قدرت ۽ خدا سان هڪ ڪري لکيندو هو. هن جي مطابق خدا جي مرضي ۽ قدرت جا قاعدا هڪ ئي حقيقت جا مختلف نالا آهن. تنهن ڪري سڀ واقعا اڻ تبديل ٿيندڙ قاعدن جو ميڪانيڪي عمل آهن ۽ نه هڪ غير ذميوار خودمختيار حاڪم جيان جيڪو تارن ۾ ويٺو آهي. سندس زندگيءَ جو ڏيئو 1677ع ۾ اجهامي ويو. سندس وفات وقت عمر اڃا 44 سال هئي، هن کي ھيگ شهر ۾ نيئووي ڪرڪ جي عيسائين واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.