وڪيپيڊيا:وڪي محبوب ناريون ڏکڻ ايشيا 2020


وڪي محبوب عورتون ڏکڻ ايشيا 2020رِٿائي صفحاتجويز ڪيل مضمونڀائيوارَ

وڪي محبوب ناريون، ڏکڻ ايشيا مضمون لکڻ (مضمون نويسي) جو هڪ مقابلو آهي، جنهن جو مقصد هي آهي تہ وڪيپيڊيا جي درجيڪارين ۾ موجود جنس جي فرق کي بهتر بنائڻ ۽ جنسي وِٿي (صنفي خلا Gender Gap) کي ڀريو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيائي نارين جا سوانحي (بايوگرافي) مضمون پڻ لکيا وڃن.

مرڪزي خيال

هِن سال وڪي محبوب نارين جو مرڪزي خيال (ٿيم) لوڪ ثقافت (ڪلچر) ۾ ناري واد (فيمينزم)، نارين جي سوانح حيات ۽ وڪي لوڪ ڪهاڻين هيٺ هِن رٿا (منصوبو، پروجيڪٽ) جي لاءِ ٻَڌي (ليگ) ۾ وڪيپيڊيا تي جنسي وِٿي کي ختم ڪرڻ لاءِ صنف تي ٻَڌل موضوعن تي ڌيان ڏيڻ آهي.

لوڪ داستان ۾ منفرد شخصيتون، لوڪ ڪلچر (لوڪ فنڪار، لوڪ ناچُ (جهمر، رقص)، لوڪ گلوڪار، لوڪ موسيقارن، لوڪ راندين جي رانديگرن، افسانن ۾ ناريون، لوڪ داستانن ۾ ناري سورمين (سورهيه ويڙهاڪ ناري)، ڏائڻين ۽ جادوگرياڻين جو شڪار، پرين جون ڳالهيون شامل آهن، پر هي رُڳو انهن موضوعن تائين محدود ناهي ۽ وڌيڪ اهڙا ٻيا موضوع پڻ ان ۾ شامل آهن).

ان جي لاءِ ڏکڻ ايشيا جي سڀني ٻولين منجهان هڪ ناري کي ناظم بڻايو ويندو ۽ انهن جي مدد سان وڪيپيڊيا جي ڏکڻ ايشيائي برادرين جي وچ۾ هي چٽاڀيٽي (مقابلو) منعقد ٿي رهيو آهي.

نفس موضوع

روان سال تحريڪ نسائيت، مشهور نارين جا سوانحي مضمون ۽ ٻيا صنفي موضوع هن منصوبي جو مرڪزي خيال هوندا.

جٽاءُ

مقابلي جو جٽاءُ (عرصو) فيبروري 1، 2020 کان مارچ 31، 2020 تائين جاري رهندو. روان سال ۾ هي مقابلو پهرئين فيبروري 2020ع کان شروع ٿيندو ۽ ايڪٽيهين مارچ 2020 تي پنهنجي پُڄاڻي (اختتام) تي پهچندو.

اصول ۽ ضابطا

  • سنواريل يا نوان لکيل مضمون گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار بائٽ (3000 Bytes) ۽ ٽي سئو (300 Words) لفظن تي ٻَڌل هجن.
  • مشيني ترجمو ناهي ڪرڻو.
  • مضمون پهرئين فيبروري کان ايڪٽيهين مارچ جي دوران تخليق يا واڌارو ڪيل، سنواريل هجن.
  • مضمون صنفي (نارين جي) موضوع يعني عشق ۽ محبت، نارين ۽ صنف سان لاڳاپيل اهڙن ٻين موضوعن تي لکيا وڃن.
  • مضمون جي درجيڪاري (مندرجات) ۾ حق ڇپائي (ڪاپي رائٽ) جي ڀڃڪڙي (خلاف ورزي) نہ ٿيل هجي.
  • مضمون معروفيت جي اصولن مطابق لکيا وڃن.
  • مضمون ۾ وڪيپيڊيا جي اصولن، هدايتن موجب مناسب حوالا درج ٿيل هُجن تہ جيئن ان جي مواد (متن) جي ثابتي (تصديق) ٿي سگهي.

انعامَ

  • ٽاپ 5 ڀاڱيدارن ۽ جج (جيوري) جي لاءِ ٽي شرٽس ۽ ٽوٽ بيگ
  • گهٽ ۾ گهٽ 4 مضمونَ تخليق ڪندڙ ڀاڱيدارن جي لاءِ ڊجيٽل پوسٽ ڪارڊ ۽ بارن اسٽارز

لکيل ۽ سنواريل مضمون

حصو وٺندڙ هن مقابلي جي مرڪزي خيال موجب ڪنهن بہ موضوع تي مضمون تيار ڪرڻ (لکڻ) لاءِ آزاد آهن جيڪي وڪيپيڊيا عام معروفيت هدايتن تي پورا لهندا هجن.

شرڪت ۽ شريڪ ٿيندڙ

داخلا

  • هن مقابلي ۾ شريڪ ٿيندڙ واپرائيندڙ (يوزرز) هيٺ پنهنجو نالو درج ڪريو:

مضمون جو اندراج

هيٺ ڏنل بٽڻ تي ٺِڙڪ (ڪِلڪ) ڪري اُتي پنهنجا مضمون درج ڪيو

مضمون

ناظمَ