وڪيپيڊيا:نياتي باب/مشورو:فھرستن وارن مضمونن جا عنوان ڪيئن لکجن

سلام دوستو! اميد تہ سڀ خيريت سان ھوندا. توھان سڀني دوستن ڏٺو ھوندو تہ جڏھن اسان ڪنھن فھرست واري مضمون جو عنوان لکندا آھيون تہ ڪجھ ھن ريت لکندا آھيون. آذبائيجان ۾ يونيورسٽين جي فھرست. اھڙي طرح لکڻ سان فھرست جون عنوان تہ ٺھي وڃي ٿو پر ان ۾ معنائون ٻہ ٿيون نڪرن، جيڪي ھيٺ ڏجن ٿيون.

  1. انھن يونيورسٽين جي فھرست جيڪي آذربائيجان ۾ آھن
  2. يونيورسٽين جي اھا فھرست جيڪا آذربائيجان ۾ آھي

اسان سمجھي سگھون ٿا تہ اسان جو قطعي طور ٻيون مقصد ناھي، پر روايتي فھرست مضمونن جا عنوان اھڙو معنائي مونجھارو پيدا ڪري رھيا آھن. ھي معاملو نبيرڻ لاءِ مان ھڪ مشورو پيش ڪريان ٿو جيڪڏھن سڀ دوست ان مشوري تي راضي ٿين ٿا تہ پوءِ پاڻ سڀ راضي ٿيڻ کانپوءِ ان تي عمل ڪرڻ جا پابند ھونداسين ۽ سڀني پراڻن ۽ نون فھرست مضمونن جي عنوانن کي ان طريقي تي لکنداسين.

مشورو ھي آھي تہ ھر فھرست مضمون جي عنوان کي ھن طرح لکيو وڃي. پھريان لفظ فھرست لکيو وڃي ان کانپوءِ ان کي ڪولن (:) ڏني وڃي بعد ۾ لاڳاپيل فھرست جو عنون ڏنو وڃي. مثال ھيٺ ڏجن ٿا:

  • فھرست: آذربائيجان ۾ يونيورسٽيون
  • فھرست: پاڪستان ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جا ماڳ
  • فھرست: سنڌي ٽيليويزن چينل

دوستن وٽ جيڪي بہ مشورا يا رايا آھن اھي ھيٺ ڏنا وڃن. توھان سڀني جي مشورو جو انتظار رھندو.--مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 12:42, 10 ڊسمبر 2019 (UTC)

... مھتاب علي منهنجي خيال موجب سڀني ۾ لفظ فهرست شامل ٿيڻ نه گهرجي. آذربائيجان ۾ يونيورسٽيون يا آذربائيجان ۾ سئنيمائون وغيره عنوان هئڻ گهرجي.... --عزيز ڪنگراڻي (ڳالھ)' 07:23, 14 ڊسمبر 2019 (UTC)

راضي سنواريو

مخالف سنواريو

  •   Disagree اھو بلڪل نئون خيال آھي، پر: ڪولن نشاني سان عنوان الڳ نيم ايسپيس Namespace جو ڏيک ڏئي ٿو جيڪو نيم اسپيس وڪيپيڊيا ۾ وجود ئي نٿو رکي، تنھنڪري اھو نہ ڏنو وڃي تہ بھتر. اھو ايئن ئي رھڻ ڏيجي مثال.

مراٺي سينيما جي اداڪارائن جي فھرست انگريزي وڪيپيڊيا تي عنوان ھن ريت آھي مثال List of Marathi cinema actresses سنڌي ۾ عنوان. مراٺي سينيما اداڪارائن جي فھرست. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:40, 10 ڊسمبر 2019 (UTC)

  •   Disagree ادا پھريان کان رائج طريقو ٺيڪ اَھي.Shar ilyas (ڳالھ) 13:02, 11 ڊسمبر 2019 (UTC)

ادا پهريون طريقو بهتر آهي. --جمالي ڪامران (ڳالھ) 07:44, 11 ڊسمبر 2019 (UTC)

مختلف سنواريو