وڪيپيڊيا:ناري واد ۽ لوڪ وارتا/2023


وڪي محبوب عورتون ڏکڻ ايشيا 2020رِٿائي صفحاتجويز ڪيل مضمونڀائيوارَ

ناري واد ۽ لوڪ وارتا مضمون لکڻ جو هڪ مقابلو آهي، جنهن جو مقصد وڪيپيڊيا جي درجيڪارين ۾ موجود جنس جي فرق کي بهتر بنائڻ ۽ جنسي وِٿي کي ڀرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ئي نارين جا سوانحي مضمون پڻ لکڻ آهي.

مرڪزي خيال سنواريو

هِن سال ناري واد ۽ لوڪ وارتا جو مکيه ڌيان لوڪ سڀيتا ۾ ناري واد (فيمينزم)، نارين جي سوانح حيات ۽ وڪي لوڪ ڪهاڻين هيٺ هِن رٿا جي لاءِ ٻَڌي ۾ وڪيپيڊيا تي جنسي وِٿي کي ختم ڪرڻ لاءِ صنف تي ٻَڌل موضوعن تي ڌيان ڏيڻ آهي.

لوڪ داستان ۾ منفرد شخصيتون، لوڪ ڪلچر (لوڪ فنڪار، لوڪ ناچُ (جهمر، رقص)، لوڪ گلوڪار، لوڪ موسيقارن، لوڪ راندين جي رانديگرن، افسانن ۾ ناريون، لوڪ داستانن ۾ ناري سورمين (سورهيه ويڙهاڪ ناري)، ڏائڻين ۽ جادوگرياڻين جو شڪار، پرين جون ڳالهيون شامل آهن، پر هي رُڳو انهن موضوعن تائين محدود ناهي ۽ وڌيڪ اهڙا ٻيا موضوع پڻ ان ۾ شامل آهن).

ان جي لاءِ ڏکڻ ايشيا جي سڀني ٻولين منجهان هڪ ناري کي ناظم بڻايو ويندو ۽ انهن جي مدد سان وڪيپيڊيا جي ڏکڻ ايشيائي برادرين جي وچ۾ هي چٽاڀيٽي منعقد ٿي رهيو آهي.

نفس موضوع سنواريو

روان سال تحريڪ نسائيت، مشهور نارين جا سوانحي مضمون ۽ ٻيا صنفي موضوع هن منصوبي جو مرڪزي خيال هوندا.

مقابلي جو جٽاءُ (عرصو) فيبروري 1، 2023 کان اپريل15، 2023 تائين جاري رهندو. روان سال ۾ هي مقابلو پهرئين فيبروري 2023ع کان شروع ٿيندو ۽ ايڪٽيهين مارچ 2023 تي پنهنجي پُڄاڻي تي پهچندو.

اصول ۽ ضابطا سنواريو

  • سنواريل يا نوان لکيل مضمون گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار بائٽ (3000 Bytes) ۽ ٽي سئو (300 Words) لفظن تي ٻَڌل هجن.
  • مشيني ترجمو ناهي ڪرڻو.
  • مضمون پهرئين فيبروري کان ايڪٽيهين مارچ جي دوران رچنا ڪيل يا واڌارو ڪيل، سنواريل هجن.
  • مضمون صنفي (نارين جي) موضوع يعني عشق ۽ محبت، نارين ۽ صنف سان لاڳاپيل اهڙن ٻين موضوعن تي لکيا وڃن.
  • مضمون جي درجيڪاري ۾ حق ڇپائي (ڪاپي رائٽ) جي ڀڃڪڙي نہ ٿيل هجي.
  • مضمون معروفيت جي اصولن مطابق لکيا وڃن.
  • مضمون ۾ وڪيپيڊيا جي اصولن، هدايتن موجب مناسب حوالا درج ٿيل هُجن تہ جيئن ان جي مواد جي ثابتي ٿي سگهي.

انعامَ سنواريو

  • ٽاپ 5 ڀاڱيدارن ۽ جج (جيوري) جي لاءِ ٽي شرٽس ۽ ٽوٽ بيگ
  • گهٽ ۾ گهٽ 4 مضمونَ تخليق ڪندڙ ڀاڱيدارن جي لاءِ ڊجيٽل پوسٽ ڪارڊ ۽ بارن اسٽارز

لکيل ۽ سنواريل مضمون سنواريو

حصو وٺندڙ هن مقابلي جي مرڪزي خيال موجب ڪنهن بہ موضوع تي مضمون تيار ڪرڻ يا لکڻ لاءِ آزاد آهن، جيڪي وڪيپيڊيا عام معروفيت هدايتن تي پورا لهندا هجن.

شرڪت ۽ شريڪ ٿيندڙ سنواريو

داخلا سنواريو

  • هن مقابلي ۾ شريڪ ٿيندڙ واپرائيندڙ (يوزرز) هيٺ پنهنجو نالو درج ڪريو:

مضمون جو اندراج سنواريو

هيٺ ڏنل بٽڻ تي ٺِڙڪ (ڪِلڪ) ڪري اُتي پنهنجا مضمون درج ڪيو