وڪيپيڊيا:ترت ڊاهڻ جا معيار

هي صفحو وڪيپيڊيا جي حڪمت عمليءَ سان لاڳاپيل آهي،جنهن کي وڪيپيڊيا مرتب ڪندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي گڏوگڏ هي سڀني واپرائيندڙن جي لاءِ واجب پيروي معيار آهي۔ توهان هن صفحي ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا، پر خبردار اهو خيال رهي ته توهان جي ڪاءِ به ترميم ڪنهن اتفاق راءِ جي خلاف نه هجي۔


تُرت ڊاه جا معيار تحت انهن معيارن کي بيان ڪيو ويو آهي جنهن جي بنياد تي منتظم ڪنهن به صفحي يا آرٽيڪل کي ڊانهڻ لاءِ مضمون ۾ پيش ڪرڻ بغير ڊانهي سگهن ٿا.

عام صفحا (ع) سنواريو

  1. اهڙا صفحا جن جا عنوان بي معني هجن (مثلاً ضفطدت)۔
  2. تجرباتي صفحا (مثلاً ڇا آئون هتي لکي سگهان ٿو).
  3. سِڌي تخريب ڪاري.
  4. اهڙا صفحا جن ۾ ٻيهر اهڙي مواد کي درج ڪيو ويو هجُي جنهنکي ڊاهڻ لاءِ مضمون ۾ ڳاله ٻوله کانپوءِ ڊانهيو ويو هُجي.
  5.  اهڙا صفحا جيڪي شَين، خدتن يا عام تعلقات تي مشتمل هجن ۽ ڪنهن ڪمپني يا فرد جي تشهير لاءِ استعمال ڪيا ويندا هجن.
  6.  اهڙا صفحا يا مضمون مثال، عورت، سائنس ۽ ڄم روڪ، سج اوڀر کان ڇو ٿو اڀري وغيرهه جيڪي اخبارن جي ايڊيٽوريل انداز ۾ لکيل هجن ۽ انهن مضمونن ۾ لکت جو انداز انسائيڪلوپيڊيا وڪيپيڊيا جي معيار موجب نه هجي، اهڙن مضمونن ۾ لکندڙ جو نالو شامل هجي. ياد رهي ته وڪيپيڊيا مضمونن ۽ اخبارن ۾ لکي موڪليل مضمونن ۾ فرق آهي.

سنواحي صفحا سنواريو

  1.  غير معورف ماڻهن بابت اهڙا سنواحي (بايوگرافي) مضمون جن جي معروفيت ڪنهن به حوالي سان ثابت نه ٿي سگهي. وڌيڪ ڏسو معروفيت

م1- عبارت جي غير موجودگي سنواريو

اهڙا مضمون، جنهن جي متن عبارت نہ هجي، جنهن مان اها پَروڙ (خبر) نہ پوي ته مضمون جنهن بابت آهي، سو ڪير آهي، ڇا آهي۔ مثال طو؛ اهو هڪ معروف (مشهور) ماڻهو آهي، جيڪو ماڻهن کي کِلائي ٿو. ان جو لاڳاپو اڪثر مختصر مضمونن تي ٿيندو آهي. عبار نہ هجڻ تي، الف-3 کان مختلف ورتاؤ ڪيو وڃي.  نوان مضمون ان ٽيگ کي استعمال ڪرڻ وقت احتياط جي ضرورت آهي. پر غير سنڌي ۾ مواد وارا يا مشيني ترجمو وارا نون مضمونن تي ان ٽيگ جو استعمال ڪري سگهجي ٿو. احتياط جي طور تي، اهڙن مضمونن جي خارجي ڳنڍڻ، عنوان وغيرہ کي آن لائن لکي ڳولها (سرچ) ڪيو وڃِ. پوءِ انهيءَ حساب سان ٽيگ (سانچو) لڳايو وڃِي،