وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2023/مهينو مئي

سنڌ ۾ رائج ملاکڙي جو ڏيک

ملاکڙو، پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ جيڪا ڪُشتي رائج آھي ان کي ملھ يا ملاکڙو ڪوٺيو وڃي ٿو. ملاکڙو عام ڪُشتين کان مختلف ۽ جدا آھي ھن کي سنڌي ڪُشتي يا ملھ چون ٿا. اڄ بہ ايران، افغانستان، ترڪي، چيڪوسلواڪيہ، روس، ھنگري ۽ جاپان ۾ ملھ وڙھي وڃي ٿي. وچ ايشيا ۾ ھن راند کي "ڪوريش" چيو وڃي ٿو. جاپاني ڪُشتي "سومو" سان بہ ھن جي گھاٽي ھڪجھڙائي آھي. فني طور تي فرق ايترو آھي تہ بلوچستان ۽ افغانستان جي ملھ ۾ ساڄي ڪلھي سان زور لڳايو ويندو آھي ۽ سنڌ جي ملھ ۾ کاٻي ڪلھي تي زور آزمائي ٿيندي آھي. وچ ايشيا جي "ڪوريش"۾ سنڌ جي "سندري"جي بجاءِ چمڙي جو پٽو ٻڌي ڪري داءُ لڳائڻ جي لاءِ ھٿ وڌا ويندا آھن. "سندرو" ان ڪپڙي کي چيو ويندو آھي جيڪو ملھ ملاکڙي جي دوران چيلھ جي چوڌاري ٻڌو ويندو آھي. سنڌي ڪُشتي ملھ جي تاريخ ۾ مشھور پھلوان بکر شيدي، غلام سرور جتوئي، جمعو شيدي، سڊل مڪراني، سيد سمن شاھ، ڪريم بخش شيدي، شير شيدي، سائيں داد ٿر، نبّن جمالي، حاجي خشڪ، نواز علي رند، دادلوشيدي، ارباب گائو، نورو مڪراڻي، علي محمد ڪوريجو، احمد مري، غلام قادرلغاري، الله جوڙيو سمّون وغيره مشھور ملھ پھلوان رھي چڪا آھن.