وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2023/مهينو فيبروري

جلال چانڊيو سنڌ جو لوڪ فنڪار، 10 آگسٽ 1944 ڌاري تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر پيدا ٿيو. 1985 ڌاري جلال چانڊيو انتهائي اوج وارو زمانو ڏسي تڏهوڪي وقت جي ڪامياب فلمي هدايتڪار جناب شاهه اسد پنهنجي سنڌي فلم لاءِ جلال چانڊيو سان وڃي ڪچهري ڪندي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀرائي ۽ سنڌي فلم جلال چانڊيو ٺاهي جڏهن فلم جلال چانڊيو سنڌ جي سينمائن تي لڳي ته سنڌي فلمن جي دنيا ۾ نوان بزنس جا ريڪارڊ قائم ڪيا. سنڌ جي هن عوامي ۽ سدا حيات لوڪ فنڪار جي حياتي جا ڏينهن ڏهين جنوري 2001 تي رات جو ساڍين ڏهين وڳي پورا ٿي ويا. مرحوم جي آخري آرامگاه نوشهرو فيروز جي شهر ڦل ۾ آهي