وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو جون

فينڪس جو شھر
فينڪس شھر جو ّخوبصورت نظارو

فينڪس (انگريزي: Phoenix) آمريڪا جي رياست ايريزونا جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شھر آھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق، ھن شھر ۾ 1608139 ماڻھو رھن ٿا. ھي آباديءَ جي لحاظ کان آمريڪا جي گڏيل رياستن جو پنجون نمبر وڏو شھر آھي. ھي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو واحد گاديءَ جو ھنڌ آھي جنھن جي آبادي ڏھن لکن کان مٿي آھي. ھي ايريزونا رياست جو پکيڙ جي لحاظ کان بہ وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ھن جي ڪل پکيڙ 1342 چورس ڪلوميٽر (517.9 چورس ميل) آھي. فينڪس جو بنياد 1867ع ۾ پيو ۽ 1881ع ۾ ھن کي شھر جو درجو مليو.