وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو آڪٽوبر

گونگي بسنت

گونگي بسنت يا خاموش بهار (انگريزي: ( Silent Spring) هڪ ماحولياتي سائنسي ڪتاب آھي جو 27 سيپٽمبر 1962ع ۾ ھڪ آمريڪي سامونڊي جيو ودياتي ماهر، ماحولياتي بچائُڪ ۽ ليکڪا ”رچل ڪارسن“ لکيو. هن ڪتاب جو موضوع زهريلين جيت مار دوائن جي ڌڙاڌڙ استعمال سببان فطرت تي پوندڙ ھاڃڪارَوِ اثرن کي چٽو ڪرڻ آھي. هن ڪتاب ۾ ڪارسن ڪئميڪل انڊسٽريءَ کي عوام کي ان قسم جي خطرن کان بيخبر رکڻ جو ذميوار ڄاڻايو آھي جي زهريلين دوائن جي جهجهي واهپي جي ڪري جنم وٺن ٿا. جڏهن ته عوامي نمائنده ادارن کي ان انڊسٽريءَ جي مارڪيٽنگ دعوائن کي سواءِ سوال جي قبول ڪرڻ جو ذميوار ٺھرايو اٿائين. 1950ع ۾ ھن ڪتاب جي ڇپجڻ کان اڳ ڪارسن پنهنجو سڄو ڌيان ماحولياتي بچاءَ جي بابت ڄاڻ پرائڻ تي کپايو، خاص طور ماحولياتي مسئلن طرف جنهن بابت سندس مڃڻ هيو ته اهي هٿرادو جيت مار دوائن جي ڪري پيدا ٿين ٿا. گونگو بسنت هن جي کوجنا ۽ محنت جو نتيجو هيو، جنهن نه فقط آمريڪي پر پوري دنيا جي عوام ۾ ماحولياتي تحفظ جو شعور آندو.