وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2021/مهينو جنوري


سچائيري (سوئريري)، آئس لينڊ
گججڪوول، آئلينڊ کان ايجالجڪوول، هڪ آئوٽليٽ گليشيئر

آئس لينڊ، آئيس لينڊ: اتر ايٽلانٽڪ سمنڊ جو ٻيٽ تي مشتمل نورڊڪ ملڪ آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ريڪجاويڪ آهي. ھن ملڪ جي آبادي 356,991 ۽ پکيڙ 103٬000 km2 (40٬000 sq mi) آهي. اھو يورپ جو سڀ کان وڌيڪَ ڇڊي آبادي وارو ملڪ آهي. يورپ ۾ سڀ کان ڇڊي آبادي وارو علائقو گرين لينڊ آھي پر اھو ملڪ ناھي ۽ ڊينمارڪ جو حصو آهي. ملڪ جي 66 سيڪڙو آبادي ريڪجاويڪ شھر ۽ ان جي اردگرد رھي ٿي. ھن ملڪ جو شمار دنيا جي ترقي يافته ۽ اميرترين ملڪن ۾ ٿئي ٿو. 1994ع ۾ يورپين ايڪانامڪ ايريا ۾ شامل ٿيو. ھن ملڪ جي معيشت ھلڪي ٽيڪس نظام واري آھي. مالياتي لحاظ کان اھا بايوٽيڪنالاجي ۽ مينيوفيڪچرنگ وارن شعبن تي مشتمل آهي. 2018ع ۾ گڏيل قومن جي انساني ترقي جي اشاريي مطابق آئس لينڊ دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ترقي يافته ملڪ ۽ عالمي امن واري اشاريي مطابق دنيا جو پھريون نمبر پرامن ترين ملڪ ھيو. ھي ملڪ نيٽو جو گھٽ ۾ گھٽ آبادي وارو ملڪ آهي. ھي ملڪ دنيا جي انھن چند ملڪن ۾ شامل آهي جن وٽ فوج ڪانه آهي. ھتي رڳو ننڍڙي پيماني تي ڪوسٽ گارڊ موجود آهن