وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2019/مهينو مَئي

ڏياري يا ڏيپوالي قديم هندو ڌرم جو ڏڻ آهي، جنهن کي هر سال بهار جي موسم ۾ ملهايو ويندو آهي. هي روحاني حوالي سان اونده کان روشني، بيوقوفي کان عقل، برائي کان چڱائي ۽ مايوسي کان اميد جي طرف وڌڻ جو ڏڻ آهي. هِن ڏهاڙي جون تياريون 9 ڏينهن اڳ شروع ڪيون وينديون آهن ۽ وڌيڪ رسمون 5 ڏينهن تائين جاري رهنديون آهن. هي ڏهاڙو اماوس جي رات يا نئين چنڊ جي رات ملهايو ويندو آهي. ڏياري جي رات کان اڳ هندو پنهنجي گهرن کي رنگ رونڱن ڪري سينگاريندا آهن، ۽ ڏياري جي ڏينهن نوان ڪپڙا پائيندا آهن، روشن دان، در ۽ درين جي سامهو ڏيئا ٻاريندا آهن. ھن ڏينھن جي موقڳي تي دولت ۽ خوشحالي جي ديوي لڪشمي جي پڻ پوڄا ڪئي ويندي آهي.