وڪيپيڊيا:آسمان نيرو آهي ان لاءِ حوالو ڇو ڏجي

ڪڏهن ڪڏهن ”آسمان نيرو آهي“ ان کي هرڪوئي سمجهي سگھي ٿو ۽ ڪنهن حوالي جي ضرورت ناهي. پر ڪڏهن”سمجه ايندڙ“ ڳالهه لاءِ حوالي جو هجڻ ضروري هوندو آهي، جيئن آسمان نيرو ڇو آهي؟.

آسمان جو رنگ ڏينهن جي مختلف وقتن تي تبديل ٿيندو رهي ٿو. اهو موسمي تبديلن ۽ ڏسندڙ جي لحاظ کان پڻ تبديل ٿيندڙ هجي ٿو.

جيڪڏهن آسمان جي نالي سان لکيل مضمون ۾ اهو ڄاڻيل آهي ته، ”آسمان جو رنگ نيرو آهي“ ته ڪنهن ٻي مضمون ۾ ان جو ذڪر اچي ته فوٽ نوٽ ۾ اصل مضمون يعني آسمان جو حوالو ضروري آهي ۽ خاص ڪري ان سيڪشن جو جتي آسمان جي رنگ جي باري ۾ ڳالهايل هجي.

هر پڙهندڙ الڳ سوچ جو مالڪ آهي ۽ الڳ الڳ پسمنظر رکندڙ آهي، ان لاءِ اهو نه سمجهڻ گھرجي ته هر ڪنهن جي ڄاڻ برابر هجي ٿي.