وڇو پٽ قبرستان (انگريزي:Graveyard Wachho Patt) سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ وڇو پٽ ۾ پراڻو قبرستان آهي.

وڇو پٽ قبرستان

تاريخ سنواريو

مقامي روايتن موجب وڇو خان ذات جو ٻٻر هو ۽ فقير جادو شهيد ٻٻر سندس رشتيدار هو. ميانوال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. ڪلهوڙن طرفان کيس جاگير ملي جيڪا وڇو پٽ نالي سان اڄ به موجود آهي. هيءُ قبرستان ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جي دور جو يادگار آهي. قبرستان ۾ مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي پڻ شاندار ٿيل آهي.[1][2]

حوالا سنواريو