هڪ وين (Van) هڪ قسم جي روڊ گاڏي آهي جيڪو سامان يا ماڻهن جي نقل و حمل لاء استعمال ڪئي ويندي آهي. مختلف انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن ۾ لفظ جي دائري ۾ ڪجهه فرق آهي. ننڍيون ننڍيون وين، مائڪرو وين، سامان يا ماڻهن کي ننڍي مقدار ۾ پهچائڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن. مني ايم پي ويز (MPV)، ڪمپيڪٽ ايم پي ويز ۽ ايم پي ويز تمام ننڍيون وينون آھن جيڪي عام طور تي گھٽ مقدار ۾ ماڻھن کي ٽرانسپورٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿينديون آھن. مسافرن جي سيٽن سان گڏ وڏيون وينون ادارن جي مقصدن، جيئن شاگردن يا ملازمن کي ٽرانسپورٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن. صرف اڳين سيٽن سان وڏيون وينون اڪثر ڪاروباري مقصدن لاءِ ۽ سامان کڻڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن. ٽيليويزن اسٽيشنن پاران موبائيل اسٽوڊيو جي طور تي خاص طور تي سامان سان ليس وينون استعمال ڪيو وينديو آهن، جنهن کي او بي وين سڏبو آهي. پوسٽل سروس ۽ ڪوريئر ڪمپنيون، وڏي قدمن واري وينون پيڪيجز پهچائڻ لاءِ استعمال ڪن ٿيون.

ويگن

ويگن ھڪ چئن ڦيٿن واري خودڪار سواري آھي. ان کي مختلف ڪمن ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو جھڙوڪ اچ وڃ، صحت، حفاظت وغيره.