مھاشه ويرومل بيگراج(انگريزي: Veeru Mal Baigraj) سرييت ويرومل، 24 جنوري 1874ع تي رات جو نائين بجي سکر ۾، سوامي هيمنداس جي ٽڪاڻي جي ڀر واري پنهنجي گهر ۾ جنم ورتو[1].

ويرومل بيگراج
صحافي، سياسي ڪارڪن ۽ سماج سڌارڪ
ذاتي تفصيل
پيدائش 24 جنوري 1874
سکر
وفات 16 جولاءِ 1956 (82 سال)
شڪارپور
سياسي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس، ھندو مھا سڀا


تعليم سنواريو

سنڌيءَ جا ٽي درجا شڪارپور ۾ ماستر ڄيٺانند وٽ، ۽ چوٿون درجو سکر ۾ ماستر هريسنگهه وٽ پڙهيو. انگريزي پنج درجا سکر ۾ پڙهيائين، ۽ ڇهون ستون درجو شڪارپور ۾ پڙهيائين. پوءِ سيڪنڊ گريڊ پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪيائين.[1].

صحافت سنواريو

18 مئي 1893ع تي، سکر اَلبرٽ پريس ۾ نوڪريءَ تي چڙهيو، جتي ٽن ورهين کانپوءِ پنجويهه روپين پگهار تي پھتو.[1].1901ع ۾ شري ويرومل پنهنجي پريس چالو ڪئي. ابتدا ۾ ان جو نالو "ايڊورڊ پريس" رکيائين، جو پوءِ بدلائي "تلڪ پريس" ڪيائين. اتان "سنڌي" نالي هفتيوار اخبار ڪڍندو رهيو، جا تقريبن جا چاليهه سال کن هلندي رهي. صحافت جي دنيا ۾ به سندس نالو مشهور هو.[1].


سماجي خدمتون ۽ سياسي زندگي سنواريو

هو شري گوڪلداس جي صحبت ۾، 1895ع ۾ شروع ڪيل "سڌار سڀا" ۾ حصو وٺڻ لڳو، ۽ "ڪنيا پاٺشالا" ۾ ماستر ٿي ڪم ڪيائين. 1897ع ۾ پليگ جي بيماري پيئي جنھن ۾ ساڌو گوڪلداس 2- اپريل 1897ع تي وفات ڪئي جنھن بعد "سڌار سڀا" جو سمورو ڪم ھن سنڀاليو. سندس ڪوشش سان، "سڌار سڀا" جي عاليشان جاءِ تيار ٿي، جتي رام- ليلا ۽ پرهلاد- ليلا جا ناٽڪ ٿيندا رهيا، جن ۾ پاڻ بہ حصو ورتائين..[1] سکر ۾ پهرين راڄنيتي ڪانفرنس، سيٺ هرچندراءِ وشنداس جي صدارت هيٺ، 1908ع ۾ ڪٺي ٿي. ٻي پنگتي ڪانفرنس راءِ بهادر ڪـَـوڙيمل جي صدارت هيٺ ڪٺي ٿي. شري ويرومل ٻنهي ڪانفرنسن جي سڏائڻ جو انتظام ڪيو، ۽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. ٻئي سال، 1909ع ۾، ساڳئي قسم جي ڪانفرنس حيدرآباد سنڌ ۾ ڪوٺائي ويئي، جتي سوديشي لاءِ شري ويرومل جو ڇپايل ڪتاب شايع ڪيو ويو. ان تي شري ويرومل ۽ سيٺ چيٽومل کي ٽي ٽي سال شهر کان جلاوطني ۽ پنجاهه رپيا ڏنڊ پيو، ۽ مهراج گورڌنداس کي پنج سال جيل جي سزا ملي. سنڌ ۾ سياسي ڏوهن ۾ سزائن ڪاٽڻ جو اهو پهريون دفعو هو. 30- جون 1912ع تي آزاد ٿيو. شري ويرومل صوفي منش ماڻهو هو. سن 1917ع ۾، حيدرآباد ۾، صوفي سميلن ڪانفرنس ڪٺي ٿي هئي، تنهن جو کيس صدر چونڊيو ويو هو. سکر ۾ "سرو سڀا منڊل"، مسٽر اڌارام مير چنداڻيءَ جي ڪوشش سان برپا ٿيو: مهاشيه ويرومل کي ان جو پهريون صدر چونڊيو ويو.[1]. انهن ڏينهن ۾ سندس اهڙو اثر هو جو جڏهن "تلڪ سوراج فند" لاءِ اپيل ڪيائين، ته سکر جي شهر مان پنجن ڏينهن ۾ پنجٽيهه هزار روپيا ڪٺا ٿي ويا. سکر ان وقت راڄنيتي هلچل جو مکيه مرڪز هوندو هو. ٽڪريءَ تي، ليوڪس پارڪ واريءَ جاءِ تي، پبلڪ مينٽنگون ٿينديون هيون، جن ۾ هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. صوبه سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو دفتر انهن ڏينهن ۾ سکر ۾ هوندو هو. شري ويرومل ان جو صدر هوندو هو. 1916ع ۾ مهاتما گانڌي سکر آيو، ته مهاشيه ويرومل جي ڪوشش سان سندس وڏو پروگرام رٿيو ويو هيو هو. لوڪمانيه تلڪ سکر ۾ آيو، ته سندس وڏي آجيان ڪئي ويئي. ان کانپوءِ ڀائي هيمنداس جي ٽڪاڻي تي "تلڪ هال" نالو رکيو ويو. 1922ع ۾، مٽيءَ مٽڪ واري ڪيس ۾، مهاشيه ويرومل کي ٻه سال سزا ملي. اتان آزاد ٿيڻ تي سکر واسين سندس نهايت وڏي آجيان ڪئي. سکر ضلعي ۾، 1930ع ۾، فرقيوار فساد ٿيا ۽ ٻوڏون ٿيون. ان وقت هن سهائتا- ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿي، 88 هزار رپيا ڪٺا ڪري ضلعي ۾ ورهايا. شري ويرومل سکر ميونسپالٽيءَ جو ڪيترن سالن تائين مکيه ميمبر رهندو آيو. ان جي جدا جدا ڪاميٽين جو چيئرمين به رهيو. سدائين پهرئين تڪ مان چونڊبو ايندو هو، ۽ کيس اڪثري "ميمبر ميڪر" ڪري سڏيو ويندو هو.[1]. 1931ع ۾ جڏهن آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيو، ته ان وقت هن سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان جدائيءَ خلاف ڪانگريس ليڊرن سان بحث ڪيو. جڏهن الهه آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪٺي ٿي، ته ان ۾ مهاشيه ويرومل سنڌ جي جي جدائيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. ان کانپوءِ هن ڪانفريس کان جدا ٿي، سنڌ ۾ "هندو مهاسڀا" قائم ڪئي، جنهن جو ورهين جا ورهيه هو صوبائي پريزيڊنٽ رهندو آيو. سکر ۾ هندو- مسلم فساد ٿيا، ۽ جنهن وقت سڀ ڌريون جوش ۾ هيون، هن صاحب جو دماغ توازن ۾ هو. سندس ڪوشش سان مسلم ليگ ۽ هندن جي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ وزارت ٺهي. جڏهن ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته سڀ هندو لڏپلاڻ ۾ لڳي ويا. ڪانگريس جا مکيه ڪارڪن ملڪ ڇڏي ويا، پر ھن سنڌ ۾ رھڻ کي ترجيح ڏني.[1].

موت سنواريو

1941ع ۾ کيس اڌرنگ جي بيماريءَ جي چپيٽ آئي، پر وري چاڪ ٿي ويو. 16 جولاءِ 1956ع تي، شام جو، شڪارپور ۾، پنهنجي فرزند مسٽر رامچند جي ڪوهنور پريس مٿان جڳهه ۾، ٻياسي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس پٽ رامچند شڪارپور ۾ رھيو.[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005