وسپت
خميس (انگريزي ٻولي: Thursday) جمعي کان پهرين ۽ اربع کان پوءِ وارو ڏينهن آهي.
هي هفتي هفتي جي ستن ڏينهن مان هفتي جو پنجون ڏينهن آهي. [1]
لفظ خميسسنواريو
خميس = هن ڏينهن جو نالو عربي زبان جي لفظ خمس مان ورتو ويو آهي. سنڌ جي ڪجھ علائقن ۾ ماڻهن خمس پڻ چوندا آهن. هن جو مطلب پنج آهي. ان ڪري جو علم نجوم ۾ هي پنجون ڏينهن آهي.
سنڌي ماڻهو خمسيو نالو پڻ رکندا آهن .
عربن کان پهرين هن ڏينهن کي وسپت چيو ويندو هو.
وسپت کان خميسسنواريو
عربن کان پهريان خميس جنهن کي وِسپت چوندا هئا. ان لفظ جو بنياد ورسپتي / برہسپتي ديوتا جي نالي مان ورتو ويو آهي. هن ڏينهن جو گرھ مشتري آهي.
ورسپتي / برہسپتي ديوتاسنواريو
هي ديوتا، هندن وٽ سڀني ديوتائن جي گرو (استاد ) طور مڃو وڃي ٿو. ان نسبت هندي ۾ هن ڏينهن کي گُرو وار چوندا آهن.
جامع سنڌي لغت مطابق؛سنواريو
وِسپَتِ
ث . هفتي جي ڏينهن جو نالو، خميس.
انگريزي Thursdayسنواريو
Thursday هن ڏينهن جو نالو سيڪسنس (انگريزي ٻولي جو اولائي روپ) ماڻهن جي ديوتا Thor جي نالي مان ورتل آهي، جيڪو طوفان، کنوڻ، طاقت ۽ انسان ذات جي حفاظت جو ديوتا ان جي نالي سان منسوب آهي. هن جي هٿ ۾ هڪ هٿوڙو هوندو آهي. اڄ ڪلھ هن جي نالي سائينس فڪشن فلمون پڻ ٺهيون آهن.
گيلريسنواريو
هفتي جا ڏينهن |
---|
آچر| سومر | اڱارو | اربع | خميس |جمعو | ڇنڇر |
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |