وراثت جو اسلامي قانون
وراثت جو اسلامي قانون:(انگريزي: Islamic Law of Inheritance )اسلامي نظام ۾ ورثي ۽ وراثت جي ورھاست کي وڏي اھميت حاصل آھي. ورثي لاءِ اصول ۽ قائدا قرآن پاڪ ۾ موجود آھن جڏھن ته انھن جي تشريح سنت نبويءَ ۾ ڪئي وئي آھي. قرآني حڪم مطابق وراثت جي صحيح طريقي سان ورھاست ڪرڻ گھرجي جنھن جو تفصيل ملڪي قانونن ۾ درج آھي[1].
وراثت جي ورھاست جا بنيادي اصول
سنواريووارث، منقوله ۽ غير منقوله جائداد مان حصي وٺڻ لاءِ حقدار بڻيا. وارثن ۽ سندن حصن جو تعين شرعي حڪمن موجب ڪيو ويندو. وارثن ۾ پھرئين درجي وارن وارثن کي Sharers يا ذوي الفروض ڪوٺيو ويندو آھي. ھي اھي وارث آھن. جن جا حصا شريعت مقرر ڪيا آھن. ھي تيرنھن فرد آھن يعني پيءُ، ڏاڏو، ماءُ شريڪ ماٽيلو ڀاءٌ، ڀيڻ، مڙس، زال، ماءُ، ڌيءُ، پوٽي، سڳي ڀيڻ، پيءُ شريڪ ماٽيلي ڀيڻ ۽ ڀاءُ ڏاڏي ۽ ناني[1]. متوفي جي خوني يعني رت جي مٽيءَ وارا مائٽ جن جو تعلق پھرئين درجي يعني Sharers سان ھوندو آھي. اھي ٻئي ۽ ٽئين درجي جي وارثن کي وراثت کان محروم ڪري ڇڏيندا آھن[1]. نسل ۾ ويجھا مائٽ، ڌيءُ ۽ پٽ ان بعد پوٽا پوٽي ۽ پوءِ سندن ولاد، جڏھن نسب ۾ نزديڪ ترين ماءُ پيءُ آھن. پوءِ ڏاڏو، ڏاڏي ۽ ان کان مٿي[1]. متوفيءَ جا وارث اھي ئي هقدار ھوندا جيڪي جيئرا ھوندا آھن[1]. ورٿي جي ورھاست متوفي جي مذھب ۽ فرقي مطابق ٿيندي ۽ نه وارث جي مذھب ۽ فرقي پٽاندر[1].
وراثت جي ورھاست ۽ اثاثن جو تفصيل
سنواريومتوفي يا گذاري ويندڙ جي اھا ملڪيت ورھائي ويندي آھي جنھن جو ھو ٻئي ڪنھن جي شرڪت يا ڀائيواريءَ کان سواءِ پاڻ مالڪ ھوندو. پوءِ اھا ملڪيت، سندس زور بازوءِ جو نتيجو ھجي يا وري کيس ورثي ۾ ملي ھجي يا گفٽ طور حاصل ٿي ھجي يا جنھن جا حق ھن خريد ڪيا ھوندا. ھاڻي سڀ کان پھرين گذاري ويندڙ، جي منقوله ۽ غير منقوله جائداد جي تفصيل جي فھرست جوڙي ويندي[1]. جيڪڏھن گذاري ويندڙ، پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجي زال يا مڙس سان ازدواجي تعلق ختم ڪري ڇڏيو ھوندو ته ان صورت ۾ ھو ھڪ ٻئي جي ورثي مان حقدار نه ھوندا[1]. گذاري ويندڙ ڏانھن رھيل قرضن جي تفصيل، بيماريءَ جو خرچ، ڪفن دفن جو خرچ، زال جي ادائگيءَ قابل مھر جي رقم وغيره جو به حساب ڪيو ويندو[1]. گذاري ويندڙ جيڪڏھن ڪنھن جي حق ۾ وصيت ڪئي آھي ته ان جو تفصيل پڻ مرتب ڪيو ويندو ۽ پوءِ اھا سموري رقم جيڪا گذاري ويندڙ تي واجب آھي. مثال قرض، بيماري، ڪفن، دفن تي خرچ زال جي مھر جي رقم، عدت ٽئين نان نفقعو. اگر متوفيءَ ڪا وصيت ڪئي آھي ته ھڪ ڀاڱي ٽي (ٽيون حصو) ڪٽيو ويندو ۽ باقي ملڪيت وارثن ۾ ورھائي ويندي[1].
سني مڪتب فڪر موجب وارثن جو تفصيل
سنواريوذوي الفروض (Sharers) عصبات (Residuaries) ذوي الارحام (Uterine Relations)
شيئررس يا ذوي الفروض
سنواريواسلامي قانون وراثت ۾ ذوي الفروض ۾ اُھي وارث شامل آھن، جيڪي ڪن مخصوص حالتن ۾ مقرر ٿيل ورٿي جي رقم وصول ڪندا آھن[1].
- پيءُ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي اولاد آھي ته پيءُ کي ملڪيت جو ڇھون حصو6/1 ملندو. پر جي اولاد نه ھجي يا باقي حصو به پيءُ کي (Residuri) جي حيثيت ۾ ملندو[1].
- ڏاڏو: جيڪڏھن پيءُ موجود ناھي ته ڏاڏي کي ملڪيت جو ڇھون حصو ملندو پر جي پيءُ آھي ته ڏاڏو ملڪيت کان محروم رھندو[1].
- ماءُ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي اولاد آھي ته ماءُ کي جائداد مان 6/1 حصو ملندو. پر جي اولاد يا ڀيڻ ناھن ته جائداد مان 3/1 حصو ماءُ کي ملندو[1].
- ڏاڏي/ناني: جيڪڏھن ماءُ جيئري ناھي ته ماءُ جو حصو ڏاڏيءَ کي ملندو پر جي ڏاڏي به جيئري ناھي ته اھو حصو ناني کي ملندو. پر جي پيءُ جيئرو آھي ته ڏاڏي ۽ ناني ملڪيت کان محروم رھنديون ۽ ماءُ جو حصو به، پيءُ کي ملندو[1].
- مڙس: جيڪڏھن اولاد آھي ته مڙس کي چوٿون حصو پر جي اولاد ناھي ته ھڪ ڀاڱي ٻه 2/1 حصو مڙس کي ملندو[1].
- زال: جي اولاد آھي ته زال کي اٺون حصو ملندو ۽ جي اولاد ناھي ته جائداد جو چوٿون حصو ملندو، پر جي ٻه يا ٻن کان وڌ زالون آھن ته حصو برابر ورھائبو[1].
- ڌيءَ: جي پٽ ناھي ته ڌيءُ کي ملڪيت جو اڌ حصو ملندو ٻه يا ٻن کان وڌ ڌين جي صورت ۾ ملڪيت جي 3/2 حصو سمورين ڌيئن ۾ برابر ورھائبو. البت پٽ جي موجودگيءَ ۾ ورثو پٽ کي ٻه ۽ ڌيءُ کي ھڪ پَتي ملندي[1].
- پوٽي: جيڪڏھن ڌيءَ ناھي ته پوٽيءَ کي ڌيءَ جيتري پَتي ملندي، پر جي ٻه يا ٻن کان وڌ ڌيون آھن ته پوٽيءَ کي ملڪيت مان حصو نه ملندو. پر جي ھڪ ڌيءَ آھي ته پوٽيءَ کي ڇھون حصو ملندو[1].
- سڳي ڀيڻ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي اولاد ۽ پيءُ نه جي ته سڳي ڀيڻ کي 2/1 حصو ملندو جيڪڏھن ٻه يا ٻن کان وڌ سڳيون ڀيڻون آھن ته 3/2 حصو ملندو. البت جيڪڏھن ڀاءُ موجود آھي ته ڀاءُ جا ٻه حصا ۽ ڀيڻ جو ھڪ حصو ھوندو[1].
- ماٽيلا ڀاءُ ڀيڻ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي اولاد، پيءُ ۽ سڳا ڀاءُ ڀيڻ موجود نه آھن ته پيءُ شريڪ ڀيڻ کي سڳي ڀيڻ جو حصو ملندو، نه ته کيس ملڪيت نه ملندي. ماٽيلي ڀاءُ جي موجودگيءَ جو کيس يعني ماٽيلي ڀيڻ کي ھڪ حصو ۽ ڀاءُ کي ٻه حصا ملڪيت ملندي[1].
- ماٽيلا ڀاءُ ڀيڻ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي اولاد، پيءُ ۽ سڳا ڀاءُ ڀيڻ نه آھن. ماءُ شريڪ ماٽيلي ڀيڻ يا ڀاءُ کان ملڪيت جو ڇھون حصو ملندو پر جي ٻه يا ٻنکان وڌ ھوندو ته 3/1 حصو ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ھڪ جيترو ورھائبو.
عصبات (Residuaries)
سنواريوعصبات ۾ اھي وارث شامل ھوندا آھن جن جا حصا قرآن ۽ سنت ۾ مقرر نه ھوندا آھن. پر ھو Sharers جا مقرر حصا ڪڍڻ کان پوءِ بچيل ورثي جا حقدار ھوندا آھن ۽ قرآني حڪم مطابق ھڪ حصو عورت کي ملندو آھي ۽ ٻه حصا مڙد کي[1]، عصبات جي تفصيل ڪجهه ھن ريت آھي
- پٽ ڌيءَ: جيڪڏھن پٽ نه ھجي ته پوٽو ۽ پوٽي، جي پوٽو نه ھجي پڙ پوٽو. پڙ پوٽي ۽ ان کان ھيٺ[1].
- پيءُ، پٽ، پوٽو، پڙ پوٽو نه ھوندو ته ان صورت ۾ پيءُ کي حصو ملندو. جي پيءُ به ناھي ته ڏاڏو حقدار بڻبو ۽ ڏاڏو به ناھي ته پڙ ڏاڏو ۽ ان کان مٿيون مائٽ حقدار ٿيندو[1].
- سڳا ڀاءُ ڀيڻ: جيڪڏھن گذاري ويندڙ کي سڳا ڀاءُ ڀيڻ موجود ناھن ته ماٽيلا ڀاءُ ڀيڻ حقدار ٿيندا، پر جي ماٽيلا ڀاءُ ڀيڻ موجود نه آھن، ته سڳو ڀائٽيو ڀائٽي ۽ جي سڳا ڀائٽيا ڀائٽي نه آھن ته ماٽيلو ڀائيٽو ۽ ڀائٽي حقدار ٿيندا[1].
- چاچو پڦي: جيڪڏھن چاچو موجود نه آھي ته سوٽ حقدار ٿيندو[1].
- پيءُ جو چاچو، پيءُ جي پڦي: جيڪڏھن پيءُ جو چاچو پيءُ جي پڦي نه آھن، پيٽ جو سوٽ ۽ پيءُ جي سوٽ حقدار ٿيندا[1].
ذوي الارحام (Uterine Relations)
سنواريوذي الارحام ۾ اھي وارث شامل آھن جن جو تعلق گذاري ويندڙ سان ڪنھن عورت جي ناتي سان ھجي ۽ انھن کي ملڪيت مان حصو فقط ان صورت ۾ ملندو آھي، جڏھن Sharers يا Residuaries منجھان ڪو به وارث موجود نه آھي[1].
- ڌيءُ جو اولاد (ڏوھاٽا ۽ ڏوھٽي) جي ڏوھٽا ۽ ڏوھٽيون نه ھجڻ ته پوٽيءَ جو اولاد جيڪڏھن پوٽيءَ جو اولاد نه ھجي ته ڀائٽيءَ جو اولاد جي ڀائٽي نه آھي ته ڀاڻج جو اولاد[1].
- نانو ۽ ناني نه ھجن ته پڙنانو ۽ ان کان مٿي.
جيڪڏھن نانو يا پڙنانو نه ھجي ته مامو ۽ ماسي پر جي اھي به موجود نه آھن ته سندن اولاد[1].
فقه جعفريه مطابق وارثن جو تفصيل
سنواريوفقه جعفريه ۾ سمورن وارثن کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويو آھي. ذوي الفروض جن جا حصا قرآن موجب مقرر آھن ۽ جن تي سڀني کي اتفاق آھي. عصبات جيڪي باقي بچيل ورثي جا حقدار آھن. فقه جعفريه ۾ رت جي رشتي جي وارثن کي ٽن درجن ۾ ورھايو ويو آھي[1]. پھرين درجي جي وارثن جي موجودگيءَ ۾ ٻئي ۽ ٽئين درجي جا وارث محروم رھندا آھن. پھرين درجي جي وارثن جي غير موجودگيءَ ۾ ٻئي درجي ۽ ٻئي درجي جي وارثن کي وراثت مان حصو ملندو آھي[1]. البت زال ۽ مڙس ڪنھن به درجي جي وارثن سان گڏ ھڪ ٻئي جي ورثي ۾ مقرر حصي لاءِ حقدار ھوند ا آھن[1]. پھرين درجي جي وارثن ۾ ماءُ، پيءُ، پٽ ڌيءُ ۽ ان جي اولاد پوءِ ڀلي ھو ڪيترو نه ھيٺين درجي جو ھجي شامل آھي، اولاد جي موجودگيءَ ۾ گذاري ويندڙ جي حصي مان ماءُ پيءُ کي ڇھون حصو ملندو آھي. البت جيڪڏھن اولاد موجود نه ھجي ته ماءُ کي ٽيون حصو ۽ بقي پيءُ کي ملندو[1]. ٻئي درجي جي وارثن ۾ ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني، ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ان جو اولاد شامل ھوندو آھي. ڀاءُ پيڪن جي غير موجودگيءَ ۾ سمورو ورثو ڏاڏي ڏاڏيءَ ۾ ھڪ حصو ۽ ٻن حصن جي حساب سان ورھائبو. ٽئين درجي جي وارثن ۾ چاچا پڦيون، ماما، ماسيون ۽ ان جو اولاد شامل آھي، چاچن ۽ پڦين کي ورثي جا ٻه، ٽيان حصا ملندا جڏھن ته مامي ۽ ماسين کي ھڪ ٽيون حصو ملندو. انھن جي غير موجودگيءَ ۾ انھن جي اولادن کي اھو حصو ملندو[1].
يتيمن جو وراثت ۾ حق
سنواريومسلم عائلي قانون 1964ع جي ايڪٽ چار تحت جيڪڏھن گذاري ويندڙ جو پٽ يا ڌيءَ سندس حياتيءَ ۾ ئي گذاري وڃن ته سندس وفات کان پوءِ سندس پوٽا ۽ پوٽيون، ڏھٽا ۽ ڏھٽيون، ماءُ پيءُ جي قائم مقام ھئڻ جي صورت ۾ ان جو حصو وٺندا ۽ کين ڏاڏي ۽ ناني جي وراثت مان اوترو ئي حصو ملندو. جيڪو کيس سندن والدين جي حياتيءَ جي صورت ۾ ملڻو ھئو[1]. ذڪر ڪيل ايڪٽ چار ۾ ترميم لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل سفارش ڪيل آھي، ته جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جي حياتيءَ ۾ سندس ڌيءُ يا پٽ فوت ٿي وڃن ۽ ٻيو پٽ يا ڌيءُ سندس وفات وقت جيئرا ھجن ته ان ڌيءُ ۽ پٽ جو اولاد پنھنجي ناني ۽ ڏاڏي جي وراثت مان ايترو حصو کڻندو، جيتري جي وصيت سندس ناني يا ڏاڏي سندن حق ۾ ڪئي ھوندي. بشرطيڪ اھا وصيت مجموعي طور تي ميت جي ابتدائي واجبات ادا ڪرڻ بعد ڪل ورثي جي ٽئين حصي کان وڌ نه ھجي[1]. البت جيڪڏھن ڏاڏي يا ناني، ذڪر ڪيل اولاد جي حق ۾ وصيت ناھي ڪئي ته ان ڏاڏي يا ناني جي وارثن تي لازم آھي ته ذڪر ڪيل اولاد کي ايترو نفقو ادا ڪن جيترو عائلي عدالت متعلقه ڪمن تي غور ڪرڻ کان پوءِ اسلامي شريعت مطابق انھن لاءِ تجويز ڪيو آھي[1]. قرآن فرمائي ٿو ته:
وَإِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ أُولُو الْقُرْبَىٰ وَالْيَتَامَىٰ وَالْمَسَاكِينُ فَارْزُقُوهُمْ مِنْهُ وَقُولُوا لَهُمْ قَوْلًا مَعْرُوفًا
ترجمو: "۽ جڏھن ورھاڱي مھل مائٽيءَ وارا ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر ٿين تڏھن اُن (مال) مان اُنھن ماڻھن کي (ڪجهه) ڏيو ۽ اُنھن کي مٺي ڳالھ چئو"— سورہ النساء: 8
ھن آيت ۾ ميت جي وارثن کي خطاب آھي ۽ کين ھدايت ڪئي وئي آهي تہ ميراث جي تقسيم وقت خاندان م غريب۽ مسڪين، ۽ يتيم ٻار اچن تہ کين بہ ڪجهه نہ ڪجهه ڏيو توڻي اھي وارث نہ بہ آھن پوءِ بہ انھن سان تنگدلي نہ ڪيو[2]. حديث ۾ اچي ٿو ته جنگ احد کان پوء حضرت سعد بن ربيع جي زال پنھنجي ٻن ڌيئن کي وٺي نبي ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين تہ "يا رسول الله! ھي سعد جون ڌيئرون آھن جيڪو توهان سان گڏ ھو ۽ احد ۾ شھيد ٿي ويو. انھن جي چاچي پوري ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي ۽ انھن لاء ھڪ داڻو بہ نہ ڇڏيو آهي. ھاڻي ھنن ڇوڪرين سان ڪير نڪاح ڪندو ". ان موقعي تي سورہ النساء جي مٿين آيت نمبر 8 نازل ٿي[2].
وراثت مان محروميءَ جا سبب
سنواريوعام طرح ھيٺ بيان ڪيل ڪنھن وارث کي وراثت جي حق محروم ڪري سگھجي ٿو[1]. غير مسلمان شخص، مسلمان جو وارث نه ٿو ٿي سگھي[1]. قاتل کي مقتول جي حصي مان ورثو نه ملندو، مثال ڪو پٽ پيءُ کي قتل ڪري ته ان پٽ کي ورثو نه ملندو[1]. حرام النسب (بنا نڪاح جي پيدا ٿيندو اولاد) پنھنجي مائٽن جي ورثي جو وارث نه ٿو ٿي سگھي[1].
عورت جي وراثت لاءِ قانوني تحفظ
سنواريوڪنھن به شخص جي وفات کان ھڪدم پوءِ، سمورا وارث سندس ملڪيت جا حقدار بڻجي ويندا آھن، جن کي ڪنھن به حالت ۾ پنھنجن حصن کان محروم نه ٿو ڪري سگھجي[1]. سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي (پي ايل ڊي 1990 صفحو1) مطابق ڀاءُ، ڀيڻ، زال يا ڌيءُ کي زندگيءَ ۾ ڏنل تحفن يا ٻين خرچن باعث کين سندن ورثي جي حق کان محروم نه ٿو ڪري سگھجي[1]. اھڙي طرح ڌيءُ جي شاديءَ تي ٿيندڙ خرچ، ڏاج ۽ ٻيا تحفا، ورثي جي حق جو نعم البدل ناھن ۽ نه زال کي مھر جي ادائگي کيس سندس ورثي جي حق کان محروم ڪري سگھي ٿي يا متاثر ڪري سگھي ٿي[1]. ملڪي قانون مطابق اھا متعلقه ادارن جي ذميواري آھي ته گذاري ويندڙ جي جائداد جي سڀني وارثن پوءِ توڙي اھي مڙد ھجن يا عورتون انھن جي نالي منتقلي ٿئي[1]. جائداد يا ملڪيت جي منتقليءَ کان پوءِ ڪو وارث پنھنجو حصو وڪڻڻ چاھي يا گفٽ طور ڏيڻ چاھي ته اھو کيس اختيار آھي. پر وارث جي نالي جائداد جي منتقليءَ کان سواءِ، گفٽ ۾ ملڪيت ڏيڻ کي مشڪوڪ تصور ڪيو ويندو[1]. اسلامي نظرياتي ڪائونسل تجويز ڪري ٿي ته نمبردار، چئرمن، يونين ڪائونسل علائقي جي ڪائونسل جي ذميواري آھي ته ٽيھن ڏينھن اندر گذاري ويل جي ملڪيت ۽ وارثن جو تعين ڪري بئنڪ اڪائونٽ جي صورت ۾ فيصلي کان اڳ ڪفن دفن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ وارث کي گھٽ ۾ گھٽ ڏھ ھزار رپيا عدالت جي فيصلي کان سواءِ بئنڪ مينيجر، شاھدن جي تصديق سان ڏئي ته جيئن وارثن کي تڪليف نه ٿئي[1]. قرآن فرمائي ٿو ته[2]:
لِلرِّجَالِ نَصِيبٌ مِمَّا تَرَكَ الْوَالِدَانِ وَالْأَقْرَبُونَ وَلِلنِّسَاءِ نَصِيبٌ مِمَّا تَرَكَ الْوَالِدَانِ وَالْأَقْرَبُونَ مِمَّا قَلَّ مِنْهُ أَوْ كَثُرَ ۚ نَصِيبًا مَفْرُوضًا
ترجمو: "مردن جي لاءِ سن مال مان حصو آھي جيڪو پيء ماء يا رشتيدارن ڇڏيو ھجي، ۽ عورتن جي لاء بہ ان مال مان حصو آهي جيڪو پيء ماءُ ۽ رشتيدارن ڇڏيو ھجي، توڻي ٿورو ھجي يا گھڻو، ۽ اھو حصو (الله جي طرفان) مقرر آھي."— سورہ النساء: 7
مٿين آيت مان واضح طور تي پنج قانوني حڪم ڏنا ويا آهن:
- ميراث ۾ رڳو مردن جو حصو ناھي پر عورتون پڻ حقدار آهن[2].
- ميراث لازمي طور تي تقسيم ٿيڻ گھرجي توڻي ڪيڏي بہ گھٽ ڇونه ھجي[2]. جيڪڏهن مرن وارو ھڪ گز ڪپڙو بہ ڇڏي وڃي ۽ ان جا ڏھ وارث ھجن تہ پوء بہ ان ڪپڙي جي تقسيم لازم آهي. اھا ٻي ڳالھ آهي تہ ڪو وارث ٻئي جي حق ۾ پنھنجو حصو نه وٺي[2].
- وراثت جو قانون ھر قسم جي مال ۽ ملڪيت تي لاڳو آھي[2].
- ميراث جو حق ان وقت پيدا ٿيندو آهي جڏھن مورث مال ڇڏي مئو ھجي[2].
- قريب تر رشتيدارن جي موجودگي ۾ بعيد تر رشتيدارن کي ميراث نہ ملندي[2].
حڪومت جو حصو
سنواريوڪجهه مسلمان ملڪن جي رياستن مغربي تقليد ۾ وفات ٽيڪس (Death Duty) رائج ڪئي آھي جنھن جو مقصد اھو آهي ته حڪومت بہ ميت جي ميراث ۾ وارٽ آهي[2]. اسلام ۾ حڪومت جو حصو صرف تڏهن ٿيندو آهي جڏھن مرڻ واري جو ڪوبه قريب يا بعيد رشتيدار نہ ھوندو آھي ۽ ان جو سمورو ورثو متروڪ شين (unclaimed property) وانگر بيت المال ۾ داخل ٿي ويندو آهي. حڪومت جي حصو ھجڻ جي ٻي صورت مرحوم جي وصيت ھوندي آھي[2].
حوالا
سنواريو- ↑ 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 1.20 1.21 1.22 1.23 1.24 1.25 1.26 1.27 1.28 1.29 1.30 1.31 1.32 1.33 1.34 1.35 1.36 1.37 1.38 1.39 1.40 1.41 1.42 1.43 1.44 1.45 1.46 1.47 - رسالو: سرتيون؛مضمون:اچو ته قانون سکون ( قانون ۽ انصاف ڪميشنس جي ڪتاب قانون فھمي تان ورتل) ؛از: تنوير جوڻيجو آڪٽوبر2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 324 کان 331