حق مھر يا ڪابينو(انگريزي: Dower) شادي يا نڪاح ۾ زال جو ھڪ مالي حق آهي جنھن کانسواءِ نڪاح ممڪن ناھي. نڪاح جي آڇ ان حق سان مشروط ھوندي آھي جيڪڏھن عورت قبول ڪندي تہ نڪاح ٿيندو آهي. اسلام ۾ مھر ٻن قسمن جو ھوندو آھي:

قرآن سورہ النساء جي آيت نمبر 4 ۾ فرمايو آھي ته:

وَآتُوا النِّسَاءَ صَدُقَاتِهِنَّ نِحْلَةً ۚ فَإِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِنْهُ نَفْسًا فَكُلُوهُ هَنِيئًا مَرِيئًا
ترجمو: "۽ زالن کي سندن ڪابين خوشيءَ سان ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي پاڻ خوشيءَ سان اُنھيءَ مان ڪجهه ڇڏين تہ اُھو سُھائيندڙ وڻندڙ ڪري کائو"

— سورہ النساء:4

حضرت عمر ۽ قاضي شريح جي فيصلي مطابق جيڪڏهن ڪنھن عورت پنھنجي مڙس کي سڄو حق مھر يا ان جو ڪجهه حصو معاف ڪري ڇڏيو ھجي ۽ بعد ۾ ان جو ٻيھر مطالبو ڪري تہ ان صورت ۾ مڙس کي مجبور ڪيو ويندو ته کيس ادا ڪري. ڇوته ان جو اھو ٻيھر مطالبو ٻڌائي ٿو ته ھوء پنھنجي خوشي سان پورو مھر يا ان جو ڪجهه حصو ڇڏڻ نہ ٿي چاھي[1].

حوالا سنواريو

  1. - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 322