واڻ (انگريزي: Waanu) ھڪ قسم جو رسو يا نوڙِي ٿئي ٿي جيڪا کٽن ۽ منجِيُن واڻڻ ۾ ڪتب اچي ٿي. واڻ ٻن قسمن جو ٿيندو آهي. پِيش جو واڻ ۽ مُڃ جو واڻ. پِيش جو واڻ پِيش جو ٻُوٽو مُگلين يا مغرين سان ڪُٽي ٺاهيو ويندو آهي. مُڃ جو واڻ سَرَ يا ڪانهن جي ٻوٽي جي کلن کي ڪُٽي ان منجهان جوڙيو ويندو آهي. واڻ ٺاهڻ جو هنر ٿر، ڪاڇي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ قديم زماني کان رائج آهي. عام يا غريب ماڻهن جي روزگار جو وسيلو آهي. واڻ اڪثر ٻهراڙين ۾ عورتون وٽينديون آهن.[1][2]

واڻ

حوالا سنواريو

  1. "سنڌ جو قديم هنر واڻ تيار ڪرڻ (عمران شاهه لڪياري) | پيچرو نيوز سنڌي". www.pechro.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  2. Sindhipeoples. "سنڌي لوڪ ڏاھپ: ڪاڇي جو واڻ - ممتاز علي جمالي". سنڌي لوڪ ڏاھپ. حاصل ڪيل 2019-10-20.