رَسو (انگريزي:rope) هڪ قسم جو نوڙ يا نوڙي ٿئي ٿي جيڪا مختلف شين مان ٺهي ٿي. رسو پِيش، سَر، ڪانهن، سِڻي، ڪپھ جي سُٽ، کجيءَ جي ڪاٻار وغيره مان ٺهندو آهي. رسا ٻڪري، رڍ، اٺ جهڙن جانورن جي وارن مان بہ ٺهندا آهن. هاڻ رسو پلاسٽڪ منجهان بہ ٺهي ٿو. رسو مال متاع جي ٻَڌڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. کٽڻ جي واڏڻ لاءِ بہ رسو ڪم اچي ٿو. سنڌ ۾ رسن جي استعمال جي نسبت سان مختلف نالا بہ آهن. مهار، ڪڍ، ڇِڪو، ڳارو، واڻ، واڏڻ، گور بند، پينڌ وغيره.[1]

حوالا سنواريو