واڍيلا جيڪي مختلف وڍن جا رھاڪو آھن، انھن وڍن مان ھڪ وڍ ريمدان آھي جنھن کي ڪي رھيم دان تہ ڪي رحيم خان سڏين ٿا. ريمدان گوادر کان الھندي ايران واري رستي تي آھي جتي ھن وقت ايراني چيڪ پوسٽ 250 آھي، ان سموري علائقي کي لَڪُڙ جو وڍ ۽ جدگالي زبان ۾ لڪڙ جو مڙھو سڏيندا آھن. ان کان سواءِ مختلف جاين تي ٻيا بہ ڪئي وڍ آھن جھڙوڪ ڀائو ۽ دشتياريءَ جا وڍ. ان جي معنيٰ آھي اُھا زمين جتي برسات کان پوءِ گاھ ۽ ٻوٽا مُرندا يا ڄمندا ھُجن. انھن ۾ جانورن کي چاري لاءِ بہ ڇڏيندا آھن. جيئن سنڌ ۾ جانورن جي چاري لاءِ زمين جا ڪي ٽڪرا ”رک“ ڪري رکندا آھن ۽ جڏھن برسات کان پوءِ گاھ ڦٽندا آھن تہ ان ۾ مال جي چاريو ويندو آھي. اھڙي ريت مڪران ۾ جيڪي وڍ آھن تن جي رھواسين کي واڍيلا سڏيو وڃي ٿو ۽ سندن ٻولي جدگالي آھي.

انھن وڍن جا رھواسي جيڪي ڪراچيءَ جي علائقي نوان لين يا ملير جي علائقي گڏاپ ۽ درساڻي ڇني يا ٺٽي ۾ ڳاڙھي واري علائقي توڻي ڪلر شاخ ۾ عثمان شاھ جي ھُڙيءَ ۾ رھن ٿا تن ۾ گھڻا ڀائو جي علائقي جا آھن ۽ ڀائو مرڪزي علائقو ھو. ھن وقت بہ سندن زمينون ڀائو جي ريڪارڊ ۾ بہ موجود آھن ۽ سندن مرڪزي ڳوٺ شاھبيگاڻي ”شاھ بيگ زئي“ ھو، ھن وقت سندن ڇڏيل زمينيون گھڻو ڪري کوسن ۽ نوحانين وٽ آھن. ڇو جو 18 صديءَ جي آخر ۽ 19 صديءَ جي شروعات ۾ جدگالن ۽ ايرانين جي لڳاتار جنگين سبب ملڪ ۾ ڏڪار پوڻ ڪري مختلف قبيلن سنڌ ڏانھن ھجرت ڪئي، انھن ۾ واڍيلا بہ شامل ھئا ۽ مختلف جاين تي آباد ٿيڻ کان پوءِ مختلف قبيلن سان سڱاوتي ڪري پاڻ ۾ ھڪ ٿي ويا. مثال طور درساڻي ڇني ۾ رھندڙ اڳوڻي ايم پي اي حڪيم بلوچ جو ڏاڍو حاجي چاڪر اصل ڀائو جو رھاڪو ۽ ذات جو رونجھو ھو، سندس ھڪ گھرواري واڍيلي ھئي جنھن مان حڪيم صاحب جو والد پيدا ٿيو، ان مائيءَ جي وفات کان پوءِ ٻي شادي باھو جي ميرن مان ڪيائين جنھن مان کيس سيٺ يارمحمد پيدا ٿيو. اڳ ۾ اِھي پاڻ کي جدگال سڏائيندا ھئا پر سيٺ حاجي چاڪر جي پٽ مرحوم قاسم پنھنجي وڪالت جي ڊگريءَ ۾ پنھنجي ذات واڍيلو لکرائي ڇو جو ھڪ تہ سندس واڍيلن سان ويجھي مائٽي ھئي ۽ ٻيو خضدار واري علائقي ۾ سردار عطاءَ اللہ مينگل سان سندن گھري دوستي ۽ مڪران روٽ تي سندن بسون ھلنديون ھيون. اھڙيءَ ريت واڍيلن ۾ مختلف برادريون پاڻ ۾ گڏجي ھڪ ٿي ويون آھن. جنھن جو ڪارڻ اِھو آھي تہ واڍيلا ھڪ وڏو ۽ قدري طاقت ور قبيلو آھي.

ھن وقت سنڌ اندر مختلف وڍن جا واڍيلا ھڪ متحد قبيلي جي صورت ۾ جدا جدا ھنڌن تي رھن ٿا، جن مان ڪي لياريءَ جي علائقي نوان لين ۾ تہ ڪي ملير جي ملا عيسيٰ ڳوٺ، ڪونڪر يا گڏاپ ۽ درساڻي ڇني ۾ آباد آھن تہ ڪي ٺٽي ضلعي جي ڳاڙھي واري علائقي ۾ رھن ٿا. جن جو تعلق مختلف جاين ۽ ھنڌن سان ھئڻ باوجود پاڻ ۾ متحد ۽ ھڪ ٻئي سان رابطي ۾ آھن ۽ پاڻ کي واڍيلي سان گڏ جدگال ۽ بلوچ بہ سڏرائين ٿا. مثال طور مرحوم ايم پي اي حاجي غلام مرتضيٰ پاڻ کي بلوچ سڏائيندو ھو پر سندس وڏو ڀاءٌ حاجي انور پاڻ کي جدگال سڏائي ٿو.

واڍيلا ھڪ وڏو قبيلو آھي. جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ پکڙيل آھي ۽ ڀائو ۽ دشياريءَ ۾ کين جدگال سڏيو وڃي ٿو. [1]


حوالا سنواريو

  1. محقق لياقت علي بخاري