Usamameerchandio
توهان غلط نالي تي مضمون لکيا آهن توهان مضمون جو نالو عبدالوهاب سڪندري لکو ها--—محمد مجیب— 03:17, 15 آگسٽ 2015 (UTC)
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ،
۽
۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)
سفارتخانو
السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.
اصول ۽ قاعدا توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
تعاون
|
-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم—Mohammad Mujeeb— 07:34, 3 نومبر 2015 (UTC)
حضور نبي ڪريم ﷺ جو شجرو مبارڪ
سنواريوالفقير ابو الرضا محمد عبدالوهاب چانڊيو سڪندري
محمد (صلي الله عليه وسلم تسليما ڪثيرا)بن عبد اللہ(عام الفيل کان 25 سال پهريان پيدا ٿيا بن عبد المطلب (سندن نالو شيبة الحمد هو ان نالي جو سبب اهو آهي ته جڏهن پاڻ پيدا ٿيا ته مٿي جا ڪجهه وار اڇا هئا . پوءِ جڏهن سندن چاچو مطلب کين مڪي وٺِ آيا ته قريشن پڇيو ته اهو ڪير آهي ته ان چيو ته عبدي بس پوءِ کين عبدالمطلب جي نالي سان سڏڻ لڳا، جڏهن پاڻ سڳورن جي عمر مبارڪ اٺ سال هئي ته عبدالمطلب جو وصال ٿيو. بن هاشم (ان جو نالو عمرو آهي)بن عبد مناف (هن جو نالو مغيره آهي، کين خوبصورتي جي ڪري “قمر البطحاء ” به چيو ويندو آهي.) بن قصي (سندن نالو زيد آهي، سندن اولاد ۾ عبدالعزي به جيڪو حضرت خديجه جو ڏانڏنگ آهي) بن ڪلاب (سندن نالو حڪيم آهي) بن مره (سندن ڪنيت ابو يقظه آهي) بن ڪعب بن عدي (سندن ڪنيت ابو ڪعب آهي) بن غالب بن فهر (سندن لقب قريش هو سندن لقب جي نسبت سان قبيلي جو نالو پيو) بن مالڪ (سندن ڪنيو ابوالحارث آهي) بن النضر (سندن نالو قيس آهي) بن ڪنانه بن خزيمة (سندن ڪنيو ابو اسد آهي) بن مدرڪة (سندن نالو عامر ۽ ڪنيو ابوهذيل آهي اهو به چيو ٿو وڃي ته سندن ڪنيو ابو خزيمه آهي)بن الياس بن مضر (سندن نالو عمرو ۽ ڪنيو ابو الياس آهي) بن نزار (سندن ڪنيو ابو اياد يا ابو ربيعه آهي) بن معد (سندن ڪنيو ابو قضاعه يا ابو نزار آهي) بن عدنان (سندن ڪنيت ابو معد آهي) (عدنان تائين سندن نسب ۾ علماء تاريخ جو اتفاق آهي ان کان پوءِ ڪجهه نالن ۾ اختلاف آهن ۽ ڪجهه نالن جي تلفظ ۾ پڻ اختلاف آهي ) بن اُد بن اُدَد بن اليسع بن الهميسع بن سلامان بن نبت بن حمل (مجل) بن قيذاربن اسماعيل (ذبيح الله) بن ابراهيم (خليل الله، پاڻ ابو الانبياء به آهن) بن تارح (يا تارخ) بن ناحُور بن ساروغ (سندن نالو سروغ، شاروخ به ٻڌايو وڃي ٿو) بن راعو ( سندن ارغو نالو به بيان ڪيو وڃي ٿو اهي هود عليه السلام آهن) بن قانِع (سندن نالو فالخ ۽ بلغ به ٻڌايو وڃي ٿو قيس ۽ يمن جو هن تي اتفاق آهي ته هي هو عليه السلام آهن) بن عابر (سندن نالو عَيبَر ۽ عور به ٻڌايو وڃي ٿو، پاڻ پوري يمن جا جد امجد آهن) بن شالخ (شامخ) بن ارفخشند بن سام بن نوح بن لمڪ (سندن نالو لامڪ به ٻڌايو وڃي ٿو) بن مُتُّوشلخ بن اخنوخ (سندن نالو خنوخ به ٻڌايو وڃي ٿو انهن کي ئي ادريس عليه السلام بيان ڪيو وڃي ٿو) بن يارد (سندن نالو يرد به بيان ڪيو وڃي ٿو) بن مهلائيل بن قينان (سندن نالو قينن به ٻڌايو وڃي ٿو) بن اَنُوش (سندن نالويانش به ٻڌايو وڃي ٿو) بن شيث عليه السلام بن (ابو البشر) آدم عليه السلام. (ڪتاب تهذيب سيرت ابن هشام)