اسلام عليڪم۔

وڪيپيڊيا تي ڀلي ڪري آيا! آئون اميد ٿو ڪريا ته اوهان وڪيپيڊيا تي اسان جي سنڌي مضمون وڌائڻ لاءِ ضرور مدد ڪندا۔
ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ مون سان رابطو ڪري سگهو ٿا۔

  • جڏهن اوهان ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪريو ته آخر ۾ هي ( ~ اها نشاني چار دفعا - جيڪا پڻ ايڊٽ باڪس جي آپشن ۾ ڏنل آهي ۽ Esc بٽڻ جي هيٺان) نشاني ڏئي ڇڏيو اِها اوهان جي دستخط آهي۔
  • ڪنهن به صفحي تي ترميم ڪيو ته سانڍڻ کان پهريان پيش نگاهه ضرور ڏسندا ۽ بعد ۾ صفحو سانڍيو تي ڪلڪ ڪري ڇڏيندا ته اهو صفحو محفوظ ٿي ويندو.
  • نئون مضمون لکڻ لاءِ هيٺ ڏنل خاني ۾ عنوان لکي نئون مضمون لکو تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو.
  • وڌيڪ مدد لاءِ ضرور ڏسندا۔




اوهان جو مخلص:

مهراڻ مڱريو مون سان ڳالهه | منهنجو ڀاڱو

وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ / تقريب 20مئي-24مئي 2017/ ڪراچي، ۾ توهان کي اچڻ جي ڪوٺ ڏجي ٿي سنواريو

وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ / تقريب / ڪراچي لاءِ توهان کي شرڪت جي دعوت

سائين محترم دوست صاحب اسلام عليڪم

توهان جي تمام وڏي مهرباني جو توهان سنڌي وڪيپيڊيا تي پنهنجو کاتو ٺاهيو آهي، توهان کي سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪم ڪرڻ، مضمونن ۾ ترميم ڪرڻ، حوالا، زمرا ۽ سانچا وجهڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي هوندي، پوءِ به اسين توهان منجهان اميد ڪريون ٿا ته توهان ڪجھ نه ڪجھ سنڌي وڪيپيڊيا تي ترميمون ڪرڻ شروع ڪندا. سائين محترم توهان سميت تمام نون سنڌي وڪيپيڊيا يوزرس جي سنڌي وڪيپيڊيا ۽ وڪميڊيا جي ٻين رٿائن بابت سکيا ۽ تربيت لاءِ اسان ڪراچيءَ ۾ هڪ تربيتي (آگاهي) ورڪشاپ ۽ گڏجاڻي ورڪشاپ رٿي آهي جيڪا 20 مئي 2017 بروز ڇنڇر، يا 23 مئي اڱارو، 24 مئي 2017 اربع جي ڏينهن ٿيندي، حتمي ڏينهن ۽ تاريخ تمام جلد ٻڌائينداسين، اسان توهان کي دل جي گهرائين سان اتي جي اچڻ جي دعوت ڏيون ٿا.اميد ته ضرور شرڪت ڪندا، هي ورڪشاپ انڪري به اهم آهي ته سنڌي وڪيپيڊيا جي يارنھن سالن جي تاريخ ۾ اهڙي نوعيت جي پھرين ورڪشاپ آهي، جنهن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي يارھين سالگرهه پڻ ملهائي ويندي.

اسانجي وڏي عرصي کان ڪيل اڻ ٿڪ محنتن ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ وڪيپيڊيا تقريب لاءِ ڪراچي سنڌ جو مقام رکيو ويو آهي. مهرباني ڪري شرڪت ڪندا، تمام سنڌي وڪيپيڊين (سنڌي وڪيپيڊيا تي يوزر کاتو رکندڙ شخصيتون) جيڪي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آهن انهن کي دعوت ڏيون ٿا. ان سميت ٻيا تمام اهي نوجوان، وڏا، ننڍا، اديون، ادا، شاگرد، شاگردياڻيون وغيره جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي وڪيپيڊيا سان دلچسپي رکن ٿا کين پڻ ان تقريب (ورڪشاپ) ۾ اچڻ جي کُلي عام دعوت آهي

وڌيڪ تفصيلات لاءِ توهان اسانجي سنڌي وڪيپيڊيا فيس بُڪ پيج کي لائيڪ ۽ فالو ڪريو، 

۽ هنن نمبرز تي رابطو ڪريو

  • جوڳي اسد | 031520679273
  • مھتاب احمد | 03023390644

برقي پتو (اي ميل) jogiasad.sdwiki@gmail.com

مهربانيون....
توهان جو خادم ۽ ٿورائتو--مھتاب احمد (ڳالھ) 18:29, 1 مَئي 2017 (UTC)

اچو وڪيپيڊيا کي ھٿي وٺرايو سنواريو

دوستو اميد آھي تہ سڀ خيريت سان ھوندا. توھان کي ادب جا ھٿ ٻڌي گذارش ٿي ڪجي تہ اڳتي اچو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا کي ترقي وٺرايو. پنھنجي ٻوليءَ جي مالڪي ڪيو ۽ ان جو دنيا ۾ نالو روشن ڪريو. ڪنھن بہ قسم جي مدد لاءِ مون سان ڳانڍاپي ۾ اچو يوزر:مھتاب احمد، سدائين آباد ھجو.