وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي. جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ٽڙڪ ڪريو.
توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا. اھو اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھان جي گهربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا واضع هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي. توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا.
لکڻ کان پهرئين ھن ڳالھ جو يقين ڪريو تہ جنھن عنوان تي توھان لکي رھيا آھيو ان تي يا ان سان ملندڙ عنوانن تي وڪي ۾ ڪوئي مضمون نہ ھجي. ان جي لاء توھان ڳوليو جي خاني ۾ عنوان ۽ ان جا هم معنيٰ لفظ (اهڙا لفظ جن جي معني هڪ هجي) لکي ڳولا ڪريو.
-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم--مھتاب-احمدڳالھ 19:29, 13 جُولاءِ 2018 (UTC)
اوهان کي وڪيپيڊيا ۾ ڀليڪار. اوهان گذريل 2 ڏينهن کان جيڪي مضمون لکي رهيا آهيو، اهي عنوان توڙي مواد جي حوالي سان وڪيپيڊيا جي پاليسي سان مطابقت رکندڙ ناهن. مضمون ڪيئن لکجي؟ هتي ڪلڪ ڪريو. ترميم ڪيئن ڪجي؟ هتي ڪلڪ ڪريو يا هي ڏسو. حوالا ڪيئن ڏجن ۽ حوالا ڇو ضروري آهن: هتي ڪلڪ ڪريو. مسلسل معياري مضمون نه لکڻ جي صورت ۾ وڪيپيڊيا ڪنهن تي به آئنده مضمون جي تخليق تي بندش وجهي سگھ ٿو. جيڪڏهن اوهان کي مدد گهرجي ته هن صفحي کي ترميم ڪري سوال پڇي ۽ صفحو سانڍي ڇڏيو راجو (ڳالھ) 17:33, 14 جُولاءِ 2018 (UTC)