سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

سفارتخانو
بزمِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا Alixafar

السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.

  • وڪيپيڊيا ھڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آھي جنھن کي اسان سڀ ملي ڪري لکندا ۽ سنواريندا آھيون. وڪيپيڊيا منصوبي جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏھن تہ سنڌي وڪيپيڊيا فيبروري 2006ع ۾ عمل آئي. في الحال ھن وڪيپيڊيا ۾ 16,780 مضمون موجود آھن.
  • ھن چيڪلي (انسائيڪلوپيڊيا) ۾ توھان مضمون نويسي، سنوار ۽ تصحيح کان پھريان ھيٺين صفحن تي ضرور نظر وجھو.
  • صفحن جي ظاھريت جي تبديلي ۽ طریقيڪار جي لاءِ ڏسو ترجيحون.

اصول ۽ قاعدا

توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
ھتي توھانجو مخصوص واپرائيندڙ صفحو بہ ھوندو جتي توھان پنھنجو تعارف لکي سگھو ٿا، ۽ توهانجي واپرائيندڙ بحث تي ٻيا رڪنَ توھان سان رابطو ڪري سگھن ٿا ۽ توھان ڏي پيغام موڪلي سگھن ٿا.

  • ڪنھن ٻئي رڪن کي پيغام موڪلڻ وقت ھنن امرن جو خاص خيال رکو:
    • جيڪڏھن ضرورت هجي تہ پيغام کي عنوان ضرور ڏيو.
    • پيغام جي آخر ۾ پنهنجي صحيح ضرور وجھو، ان جي لاءِ هي علامت درج ڪريو--~~~~ يا ھن () بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو.
    • اظھار بحث جي آدابن جو خصوصي خيال رکو.

تعاون

  • وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي. جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ٽڙڪ ڪريو.
  • توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا. اھو اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھان جي گهربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا واضع هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي. توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا.

  • لکڻ کان پهرئين ھن ڳالھ جو يقين ڪريو تہ جنھن عنوان تي توھان لکي رھيا آھيو ان تي يا ان سان ملندڙ عنوانن تي وڪي ۾ ڪوئي مضمون نہ ھجي. ان جي لاء توھان ڳوليو جي خاني ۾ عنوان ۽ ان جا هم معنيٰ لفظ (اهڙا لفظ جن جي معني هڪ هجي) لکي ڳولا ڪريو.

-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم-- جوڳي اسد راچپر 09:22, 12 جُونِ 2017 (UTC)

سائين خير ته آهي؟ سنواريو

سائين اميد ته اوهان خوش هوندا! اوهان لاءِ ڪجهه صلاحون رکيون پر اوهان انهن تي ڪو به غور نه ڪيو ۽ نه ڪو جواب ڏنو، سائين خير آ جيڪڏهن تجويزون پسند نه آيون آهن ته. مان ڪوشش ڪريان پيو ته سنڌيءَ جي هنن ٽنهي پروجيڪٽس ۾ اسان جا سنڌي حصو وٺن، ان لاءِ مان پنهنجي ياهو اي گروپس ۾ پڻ انهن جي حوالي سان پوسٽنگ ڪري رهيو آهيان، اميد ته سٺا نتيجا نڪرندا. جيڪڏهن مين پيج کي خوبصورت بڻايو ته ڀلو ٿيندو، ٽيمپليٽ جيڪي نه ٺاهيا ويا آهن ته پوءِ انهن کي هٽائي ڇڏيو ضروري ته نه آهي ٻين جيان هر ٽيمپليٽ اسان به رکون. Alixafar 20:52, 1 آڪٽوبر 2006 (UTC)

ڀليڪار سنواريو

ڀائُو علي صاحب. اسلام عليڪم.

سڀ کان پھرين اوھان کي سنڌي وڪيپيڊيا تي ڀليڪار چئجي ٿِي. توھان سنڌي وڪيپيڊيا تي پير ڀريا، ان تي مون کي بيحد خوشي ٿِي. توھان جي يوزر نيم مان توھان جي درست نالي جي خبر نھ ٿي پوي. توھان منھنجي ٽاڪ پيج تي جيڪو نياپو رکيو آھي، تنھنجي آخر ۾ توھان پنھنجي صحيح نھ ڪئي آھي. مھرباني ڪري آئيندھ ڪو بھ نياپو رکو تھ 4 لھرون (~) ٽائيپ ڪندا تھ جيئن نياپي جو وقت ۽ تاريخ بھ درج ٿي تھ اوھان جو نالو بھ درج ٿي.

پيارا دوست، عرض ايئن آھي تھ توھان مون کان ڀلي ڪيترا بھ ناراض ڇو نھ ھجو، ۽ ڀلي مون سان ڪيتريون ئي شڪايتون ڇو نھ ھجن، يا آئون ڀلي ڪيترو ئي خراب ماڻھو ڇو نھ ھجان، پر مھرباني ڪري سنڌي ٻوليءَ تان پنھنجو ارواح نھ کڻندا. ڇاڪاڻ تھ ڪنھن فرد جي ڪوتاھين جي سزا اسان جي ماءُ ٻوليءَ کي نھ ملڻ گھرجي. ٻيو عرض اھو تھ توھان چيو آھي تھ مون ڪيترن ئي ماڻھن جي دل ڏکوئي آھي. مگر توھان ان ڳالھھ جي وضاحت ڪا نھ ڪئي آھي تھ مون دل ڪيئن ڏکوئي آھي. مھرباني ڪري واضح ڪندا تھ جيئن آئون پنھنجي ڪوتاھين جي معافي بھ وٺي سگھان تھ تدارڪ بھ ڪري سگھان. ادا توھان چيو آھي تھ آئون شايد چوڪيدار آھيان. ڀائُو توھان سنڌيءَ ۾ چوڪيدار ڀلي چئوم پر انگريزي وڪيپيڊيا تي ان کي ايڊمنسٽريٽر چوندا آھن. اوھان بھ ايئن ئي ايڊمنسٽريٽر ٿي سگھو ٿا جيئن آئون. پر ان لاءِ توھان کي ٿوري محنت ڪرڻي پوندي. سنڌي وڪيپيڊيا جي شروعات مون حڪير انسان ڪئي. ان تي وس آھر جيترو ٿي سگھيو اوترو ڪم ڪيم. مگر ڪم ڪرڻ لاءِ وقت ڏيڻو پوي ٿو ۽ محنت ڪرڻي پوي ٿي. وڪيپيڊيا تي ايڊٽڱ ڪيئن ٿيندي اھا مون کي بلڪل خبر نھ ھئي. ان ڪري شروع شروع ۾ تمام ڏکيائي پيش آئي. جيئن تھ آئون اڪيلو ھوس، ان ڪري مون کي تمام ڏکيائي پيش آئي. آئون مستقل ۽ روزانو اچي ڪم ڪندو ھوس ۽ پوءِ وڪيپيڊيا جي ايڊمنسٽريشن مون کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو. پر مواد رکڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ ضروري ناھي. جيئن توھان جي ايم سيد تي پيج جي شروعات ڪئي آھي، تيئن ڪنھن بھ موضوع تي مواد رکي سگھو ٿا. پنھنجي ڳوٺ، شھر يا ڪنھن شخصيت يا اداري جي تعارف جو صفحو رکي سگھو ٿا.

مھرباني ڪري رڳو ان ڪري رنج نھ ٿيو تھ مون گل عرساڻي اسڪول جو تعارف رکيو آھي. بلڪ ڪوشش ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي ڪيل ڪم جو تعارف رکندا. پنھنجي ڇپايل ڪتاب جو تعارف رکندا يا توھان پنھنجي ڪنھن تنظيم جو تعارف رکندا. اوھان کي بھ مواد رکڻ جو اوترو ئي حق آھي جيترو ايڊمنسٽريٽر يا مون چوڪيدار کي آھي. ٻيو عرض اھو ڪندس تھ گل عرساڻي اسڪول منھنجو ذاتي اسڪول ھرگز بھ نھ آھي. ھيءُ اسڪول مرحومھ گل خاتون عرساڻيءَ جي نالي سان کوليو ويو آھي، جنھن جي فرزند محمد سليم عرساڻيءَ اوسر پيڙھڪا کي 65 لک رپين کان مٿي امداد ڏني. اھا سموري رقم خرچ ڪرڻ بعد ھيءُ اسڪول اوسر پيڙھڪا جي مقصدن پٽاندر سنڌي ميڊيئم اسڪول طور کوليو ويو آھي. ھن وقت اسڪول تمام گھڻي مالي مشڪلات ۾ آھي، ڇاڪاڻ تھ اھو شروع کان ئي تمام ٿوري فيءَ تي ھلي رھيو آھي. ھيءُ انگريزي ميڊيئم اسڪولن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ کوليو ويو آھي، جيڪي سنڌي بھ نھ ٿا پاڙھين ۽ سنڌي ٻارن جي والدين کي گھر ۾ اردو ڳالھائڻ تي مجبور ٿا ڪن. مطلب تھ ھيءُ منھنجو ذاتي اسڪول نھ آھي، بلڪ اوسر پيڙھا جي ملڪيت آھي، جيڪا در اصل سنڌ جي قومي امانت آھي. مون ان اسڪول جو تعارف ان ڪري رکيو آھي تھ اھو سنڌي ميڊيئم اسڪول آھي. پر آئون ڪو گھڻو مواد رکي نھ سگھيو آھيان ڇاڪاڻ تھ ايترو وقت نھ ٿو ڏئي سگھان. سڌ تھ اھا اٿم تھ آئون جنھن سرڪاري اسڪول ۾ پڙھيو آھيان، ان جو بھ تعارف سنڌي وڪيپيڊيا تي رکان. جيڪڏھن اوھان پنھنجي مادر علمي جو تعارف رکندا تھ مون کي تمام گھڻي خوشي ٿيندي.

ھڪ ٻيو عرض اھو آھي تھ توھان پنھنجي يوزر پيج تي ضرور پنھنجو مختصر تعارف رکندا ۽ پنھنجي تصوير بھ رکندا. جيئن مون رکيو آھي. آخر ۾ وري گذارش ڪندس تھ سنڌي وڪيپيڊيا تي پير ڀريندا رھندا ۽ مون کي دعائن ۾ ياد رکندا. جيترو ٿي سگھي منھنجون غلطيون معاف ڪندا ۽ رھنمائي پڻ ڪندا تھ آئون ڪيئن بھتر ڪم ڪري سگھان ٿو. ‌‌‌‌Aursani 09:27, 6 September 2006 (UTC)

حرام پائي سنواريو

ظفر علي صاحب، اوھان منھنجي ٽاڪ پيج تي جيڪو نياپو رکيو آھي، تنھن ۾ توھان ڪنھن حرام پائيءَ جو ذڪر ڪيو آھي. مون کي سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪٿي بھ حرام پائي نظر نھ آئي آھي. بلڪ اڄ تائين ڪنھن بھ مھذب دوست کي اھڙو مشاھدو نھ ٿيو آھي ۽ نھ ئي ڪنھن اھڙو اڍنگو ۽ غير مھذب لفظ استعمال ڪيو آھي. پنھنجو تعارف رکڻ جي مھرباني. اوھان جو تعارف پڙھي يقين نھ پيو اچيم تھ اوھان جھڙو ليکڪ ماڻھو اھڙا ڪڌا لفظ بھ استعمال ڪري سگھي ٿو. بھر حال جيڪڏھن وري ڪا اھڙي غير مناسب شي سنڌي وڪيپيڊيا تي نظر آئي ھجي تھ ان جي واضح نشاندھي ڪندا ۽ آئيندھ مھذب ٻولي استعمال ڪندا. وڪيپيڊيا رڳو سنڌي، انگريزي ۽ اردو نھ پر انيڪ ٻولين ۾ موجود آھي. اوھان کي کُلي ڇوٽ آھي تھ سڀني ٻولين جا وڪيپيڊيا جوائن ڪريو. مگر سنڌي وڪيپيڊيا تي غير مھذب ٻولي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪندا. ٻي صورت ۾ اوھان جي رڪنيت خارج ڪري سگھجي ٿِي.

Aursani 15:26, 6 September 2006 (UTC)

اوھان جي اعتراضن جو جواب سنواريو

‏‏ادا لغاري صاحب، اسلام عليڪم‎.‎ ‎ ھن ڀيري مھذب لفظن ۾ مخاطب ٿيڻ جي مھرباني. مگر اوھان منھنجي ڪنھن بھ‏‎ ‎غلطيءَ کي جواز ڄاڻائي ‏پنھنجي نامناسب لفظن کي جائز نھ ٿا چئي سگھو. ٻيو‏‎ ‎عرض اھو تھ توھان لاءِ مون جيڪو نياپو ڇڏيو آھي، ان ۾ ‏اوھان جي لکيل ھر ڳالھھ جو‎ ‎مون جواب اوھان کي ڏئي ڇڏيو آھي‎. ‎ ‎

‏‏اوھان کي بلاڪ ڪرڻ

‏‏در اصل مون اوھان جي يوزر نيم کي اڄا تائين بھ بلاڪ نھ ڪيو آھي. اوھان‏‎ ‎جيڪڏھن ڪنھن ٻي دوست جي ‏گھران انٽرنيٽ ھلائيندا تھ توھان پنھنجي ئي‎ ‎يوزرنيم سان لاگ ان ٿي سگھندا. در اصل مون توھان جي آئي پي ‏ايڊريس بلاڪ‎ ‎ڪئي آھي. ڇاڪاڻ تھ مون کي پڪ نھ ھئي تھ اھا آئي پي ڪنھن جي آھي. مون‏‎ ‎واريگاھھ ۾ ھڪ گم ‏نام نياپو پڙھيو. مون کي اندازو ٿيو تھ اھو اوھان ئي‏‎ ‎لکيو آھي. مگر جيئن تھ ان ۾ بھ نا مناسب لفظن جو استعمال ‏ھو، ۽ ٻيو تھ‎ ‎لکڻ واري غلط جاءِ تي مون لاءِ اناب شناب لکيو ھو، تنھنڪري مون وٽ ٻي ڪا‎ ‎واٽ نھ ھئي سواءِ ان ‏جي تھ آئون ان گم نام يوزر کي بلاڪ ڪري ڇڏيان. آئون‏‎ ‎ٿوري ئي دير ۾ اوھان جي آئي پي کي اَن بلاڪ ڪريان ٿو ‏تھ جيئن توھان پنھنجي‎ ‎ئي ڳڻپيوڪر کي استعمال ڪندي وڪيپيڊيا استعمال ڪري سگھو‎. ‎‏ آئيندھ جيڪڏھن ‏منھنجي لاءِ ڪو نياپو ڇڏڻو ھجي تھ مھرباني ڪري منھنجي ٽاڪ پيج تي ڇڏيندا.‏ ‎ ‏‏ھاڻي اوھان جي مختلف اعتراضن جا جواب‏‎. ‎

‏‏عربي فارسي ۽ اردو لفظن جو استعمال

‏ ‏‏ادا لغاري صاحب سڀ کان پھرين اھا ڳالھھ تھ لفظن جي استعمال ۽ چونڊ جي باري ۾ اوھان جي جيڪا بھ راءِ آھي ‏اھا اوھان جي پنھنجي ذاتي راءِ آھي ۽ ھر انسان کي پنھنجي راءِ رکڻ جو حق حاصل آھي. توڙِي جو آئون توھان ‏جي راءِ سان متفق بلڪل بھ نھ آھيان، پر وري بھ ان ڳالھھ جي وضاحت ڪندو ھلان تھ اوھان جيڪي لفظ ڄاڻايا ‏آھن، (مثال طور تصفح اشار ابجد، زمراجات، وثق، مقالات به يڪ نظر، حلقات، ‏منبع، انواع وغيرهه) تن مان مون ھڪ بھ استعمال نھ ڪيو آھي. اوھان ھرڀرو ڪاوڙ ۽ جنون ۾ اچي گھڻو ڪجھھ ‏‏۽ غير مناسب لفظ استعمال ڪري ويٺا آھيو. ھاڻي ڳالھھ کي سمجھو. مون جڏھن سنڌي وڪيپيڊيا جي شروعات ‏ڪئي، تڏھن سڀ کان پھرين مون کي ان جو مين پيج ٺاھڻو ھو. جيئن تھ ناڪافي وقت ھوڻ جي باوجود سنڌي ‏ٻوليءَ جي محبت ۾ آئون ڪم ڪري رھيو ھوس، تنھن ڪري مون لاءِ آسان ترين ڪم اھو ھو تھ آئون ڪاپي ‏COPY‏ ‏‏۽ پيسٽ‏‎ ‎‏ ‏PASTE ‎ڪريان. جيئن تھ اردو زبان بھ سنڌيءَ وانگي ساڄي کان کاٻي پاسي لکي ويندي آھي، ‏تنھنڪري مون کي اھو آسان لڳو تھ اردو وڪيپيڊيا جي مين پيج کي ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريان ۽ پوءِ رفتھ رفتھ ‏آئون ھڪ ھڪ ڪري سڀني لفظن ۽ جملن کي سنڌي ڪريان. ان وقت آئون بلڪل نئون ھوس ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪو ‏نھ ھوس. تنھنڪري سڄي دنيا مان ڪو بھ سنڌي اچي اتي ڪم ڪري سگھيو پئي. پر سڄي دنيا مان آئون ھڪ ‏فقير انسان آھيان جيڪو روزانو ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪندو آھيان. ٻيو سڀ اللھ جو نالو مٺو موچارو آھي. ‏


اوھان شايد وڪيپيڊيا تي رکيل منھنجو يوزر پيج نھ پڙھي ڏٺو آھي. آئون ھن وقت فرانس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري ‏رھيو آھيان. نھ تھ آئون وڪيپيڊيا جو پگھاردار آھيان، ۽ نھ ئي وڪيپيڊيا جي طرفان پابند آھيان تھ کين سنڌي ‏وڪيپيڊيا جو ڪم ڪري ڏيان. اھڙيءَ ريت وڪيپيڊيا جو ھر يوزر آزاد آھي تھ ڪم ڪري يا نھ ڪري، يا ڪيترو ‏ڪم ڪري. جيڪڏھن مون ڪو ڪم مڪمل نھ ڪيو يا اڌورو ڇڏي ڏنو يا پورو ڪري نھ سگھيس تھ ان تي مون کي ‏گار گند نھ ٿو ڪري سگھجي ۽ نھ ئي ڪنھن کي ڪو حق حاصل آھي تھ وڪيپيڊيا تي ڏنل غلط ڄاڻ جو مون کي ‏ذميوار ٺھرائي. ادا جيڪڏھن مون ڪو ڪم سٺو يا مڪمل نھ ڪيو آھي ۽ اوھان سنڌي ٻوليءَ جا دردوند آھيو تھ ‏اوھان ئي ڪم ڇو نھ ٿا ڪري وٺو؟ اوھان جن لفظن تي اعتراض اٿاريو آھي، سي در حقيقت ڳنڍڻن يا لنڪس جا ‏نالا آھن. اردو وڪيپيڊيا تي ڪيترا ئي يوزرس آھن ۽ ڪيترا ئي مضمون موجود آھن، جن کي ھنن ڪيٽيگريز ۾ ‏ورھائي انھن ڪيٽرگريز جا لنڪس مين پيج تي رکيا آھن. پر جيئن تھ سنڌي وڪيپيڊيا تي ايترا مضمون ئي نھ ‏آھن تھ انھن جون ڪيٽيگريز وري ڪھڙيون ٺھنديون؟ انھن جي لنڪس جا نالا ڪھڙا رکبا؟ اھو تھ آئون ان وقت ‏فيصلو نھ ٿي ڪري سگھيس جڏھن آئون مين پيج اردوءَ مان سنڌي ڪري رھيو ھوس. تنھنڪري اھي لنڪس بنا ‏استعمال جي ۽ بنا ڪنھن مقصد جي ايئن ئي مين پيج تي پيا آھن. انھن کي باآساني مٽائي سگھجي ٿو. پر آئون ‏انھن کي مٽائي انھن جي جاءِ تي ڪھڙا ڳنڍڻا رکان؟ بھرحال، اوھان کي ڪا بھ شي پسند نھ ٿي اچي تھ اوھان ‏واسطيدار صفحي جي ٽاڪ پيج يا ڊسڪشن پيج تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندا ڪريو. باقي بنا سوچڻ سمجھڻ ‏جي ھرڀرو ھر ڳالھھ جو ذميوار احسان عرساڻيءَ کي سمجھي ان کي گھٽ وڌ لفظ لکڻ ڪٿي جو انصاف آھي؟ ۽ ‏ڇا اوھان کي اھڙا لفظ لکڻ سونھين ٿو؟ وڪيپيڊيا جا ڪجھھ آداب آھن، جن جي پوئواري لازمي آھي. اوھان غير مھذب لفظن جي استعمال کان پاسو ‏ڪندا، ٻيو اھو تھ ڪنھن بھ صفحي تي رکيل ڪنھن بھ مواد، عبارت، يا لفظ تي اعراض آھي يا تبديل ڪرڻ گھرو ٿا ‏تھ پھرين پنھنجي راءِ جو مھذب لفظن ۾ استعمال ڪندا اھو بھ فقط ٽاڪ پيج تي. واريگاھھ فقط نون آيل دوستن ‏لاءِ آھي تھ جيئن ھُو ايڊٽڱ ڪرڻ سکي سگھن. مطلب تھ اھو رف صفحو آھي. اتي ڪھڙي بھ ٻولي ٽائيپ ڪري ‏سگھجي ٿي. ھر نئين يوزر کي گھرجي تھ سنڌي زردو انگريزي ۽ ٻيون ٻوليون واريگاھھ ۾ ڀلي ٽائيپ ڪري ڏسي. ‏محض تجربي لاءِ تھ ڪھڙي شي ڪيئن ٽائيپ ٿيندو. واري گاھھ نياپا ڇڏڻ جي جاءِ نھ آھي. ‏

‏‏لفظ واريگاھھ

‏‏ادا جيئن تھ آئون اڳي ئي ٻڌائي چڪو آھيان تھ انگريزيءَ ۾ ان جو لفظ سينڊ باڪس آھي ۽ اردوءَ ۾ ان جو متبادل ‏ريت گاھھ آھي، تنھنڪري مون ان جو سنڌي بدل واريگاھھ رکيو. لفظ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ کان سواءِ ٿو رکيل ‏آھن تھ بھ اوھان کڱي اعتراض آھي، ۽ جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل آھن، تھ بھ اوھان کي اعتراض آھي. آخر ڪجي ‏تھ ڪجي ڇا؟؟؟؟ پر وري جيڪڏھن اوھان کي منھنجو ٺاھيل لفظ پسند نھ آيو تھ بھ ان جو مطلب ھرگز بھ اھو ‏ڪونھي تھ توھان مون کي گار گند ڪندا ۽ پتون پاراتا ڏيندا. بلڪھ آسان ڳالھھ اھا آھي تھ اوھان پنھنجي راءِ جو ‏اظھار ڪندا اھو بھ ٽاڪ پيج تي. انگريزيءَ ۾ سينڊ باڪس جو لفظ ان ڪري استعمال ٿيل آھي جو واريءَ جي ‏ٿيلھيءَ کي يا واري وڇايل جاءِ تي ڌڪ ڪو نھ لڳندو آھي ۽ اتي ماڻھو ڪرڻ جي صورت ۾ بھ ڌڪ ڪو نھ کائيندو ‏‏۽ نھ ئي زخمي ٿيندو. ان ڪري ان رف پيج يا نون آيلن لاءِ تجربيگاھھ کي سينڊباڪس يا واريگاھھ جو نالو ڏنل ‏آھي. جڏھن سماج ۾ نيون شيون مروج ٿينديون آھن تھ انھن سماجن جي ٻولين ۾ بھ نوان لاڙا ۽ نوان لفظ متعارف ‏ٿيندا آھن. ‏

‏‏ذاتي اشتھاربازي

‏‏جيڪڏھن اوھان ٿورو غور ڪندا تھ اوھان کي محسوس ٿيندو تھ توھان وري بھ غلط ئي سوچي رھيا آھيو. مين ‏پيج تي ڪاوش جو بھ لنڪ آھي تھ ڪجھھ ٻين جو بھ. پر بھرحال گل عرساڻي اسڪول جو لنڪ يا ڳنڍڻو اڄ جو ‏اسڪول جي عنوان ھيٺ آھي. در اصل مون اھو نيڪ نيتيءَ سان رکيو ھو. منھنجو خيال ھو تھ جيئن ئي سنڌي ‏وڪيپيڊيا جنم وٺندو تھ سنڌي دوست ڀرپور حصو وٺندا ۽ اچي پنھنجي پنھنجي ڀاڱيداري نڀائيندا. ان عنوان جو ‏مقصد اھو ھو تھ آئون روز ھڪ نئين اسڪول جي تعارف جو ڳنڍڻو رکندس. پر بد قسمتيءَ سان آئون اڄ بھ اڪيلو ‏ئي آھيان ۽ اڄ بھ آئون ھڪ ئي ريگيولر يوزر آھيان ۽ اڪيلو ئي ايڊمنسٽريٽر آھيان. جيڪڏھن اوھان ڪم ڪرڻ ‏جو ڪو چڱو جذبو رکو ٿا تھ اوھان ئي ڪنھن ٻي سنڌي اسڪول جو تعارف لي ڏيو يا ڪنھن سنڌي ميڊيئم ‏اسڪول جي ويب سائيٽ اڳي ئي موجود آھي تھ ان جي يو آر ايل مون ڏيندا تھ آئون مين پيج تان گل عرساڻي ‏اسڪول جو لنڪ ھٽائي ان جو لنڪ اڄ جو اسڪول جي عنوان ھيٺ رکي ڇڏيان. مون کي سمجھھ ۾ اھا ڳالھھ نھ ‏ٿي اچي تھ صرف گل عرساڻي اسڪول جي لنڪ جو مين پيج تي ھوڻ اوھان کي ايترو ڏکيو ڇو لڳو جو اوھان ‏منھنجي ڪيل ھيتري ساري محنت کي پاڻيءَ ۾ لوڙھي ڇڏيو ۽ سنڌي ٻوليءَ تان بھ ارواح کڻي ڇڏيو؟ بلڪھ ‏نامناسب لفظن جي استعمال کان بھ گريز نھ ڪيو؟ ‏ اوھان ڪجھھ فانٽس جو ذڪر ڪيو آھي. مون وڪيپيڊيا ۽ وڪشنريءَ ۾ رڳو ايم بي سارگ ستار استعمال ڪيو ‏آھي. مون کي اھو ئي بھتر نظر آيو. توھان نوٽ ڪندا تھ ھر فانٽ جي نالي اڳيان ايم بي يعني تھ ماجد ڀرڳڙي اچي ‏ٿو. ماجد صاحب جي ڪيل ڪم تي اسان کي فخر آھي ۽ ان جي اسان کليءَ دل سان ساراھھ بھ ڪريون ٿا. ڪيترن ‏دوستن سندن ٺاھيل ويب پيجز تي تمام وڏن اکرن سان ماجد ڀرڳڙي صاحب جو ٿورو بھ مڃيو آھي. سندن انسٽالر ‏جو نالو بھ ايم بي انسٽالر آھي. اسان کي ان مان ڪنھن بھ ڳالھھ تي اعتراض ڪونھي. مگر خبر نھ آھي ڇو اوھان ‏کي سنڌي وڪيپيڊيا ۽ سنڌي وڪشنريءَ تي ھيترو سارو ڪم ڪندڙ ماڻھوءَ جو نالو يعني ”عرساڻي” مين پيج تي ‏لکيل ايڏو ڏکيو لڳو جو اوھان جو سنڌي وڪيپيڊيا تان ارواح ئي کڄي ويو! ‏

‏‏‏"جيڪڏهن سنڌي اکر درست نظر نه پيا اچن ته هتي ڪلڪ ڪريو" وارو آپشن سائز ۾ ‏انتهائي وڏو ۽ غير مناسب آهي

‏‏ادا اھڙيون تھ اڃا ڪيتريون ئي درستگيون ڪرڻيون پونديون. پر ان جو مطلب ھرگز بھ اھو نھ آھي تھ اوھان ‏سنڌي ٻولي ۽ سنڌي وڪيپيڊيا تان پنھنجو ارواح کڻي ڇڏيندا ۽ مون کي گار گند ڪندا. جيڪا بھ ڳالھھ ھجي، ‏واسطيدار صفحي جي مين پيج تھ ڊسڪس ڪندا. آئون اتي ئي جواب ڏئي ڪوشش ڪندس تھ مناسب تبديلي ‏ڪريان يا ڪا وضاحت پيش ڪريان. آئون بھ وضاحت وغيرھ واسطيدار صفحي جي ٽاڪ پيج تي ئي ڪندس. مون کي ھيءُ جواب ڏيڻ لاءِ بھ پنھنجو تمام گھنو وقت وڃائڻو پئجي ويو. آئون ھڪ شاگرد آھيان. مون کي تمام گھڻو ڪم ڪرڻو ھوندو آھي. مھرباني ڪري ان جو ڳالھھ جو آئيندھ خيال رکندا ۽ ذاتي اي ميل لکڻ بدران ٽاڪ منھنجي ٽاڪ پيج تي نياپو رکندا.‏


‌‌Aursani 08:19, 8 September 2006 (UTC) ‏ ‏

جدول براءِ رابطو ۽ ربطيات سنواريو

ادا لغاري صاحب، لفظ ربطيات مون ئي جوڙيو آھي ۽ مون ئي استعمال ڪيو آھي. اھو مون اردوءَ تان ڪو نھ ورتو آھي. اھو لفظ آئون پنھنجي مضمونن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ڇپائي چڪو آھيان. منھنجا اھڙا مضمون سرڪاري توڙي خانگي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آھن. اھو لفظ مون لاطيني لفظ ڪميونيڪيشن جي بدل طور ٺاھيو آھي. اھو لفظ ڪنھن بھ طرح سان نامناسب يا ڏکيو يا سمجھھ ۾ نھ ايندڙ ڪونھي. رابطو يا ربط لفظ سنڌيءَ ۾ اڳي ئي مانوس آھن. يات پڇاڙي سنڌي سائنسي ڪتابن ۾ اڳي ئي استعمال ٿيندي رھي آھي. معدنيات، معاشيات، اقتصاديات، حيوانيات، وغيرھ وغيرھ. مون لاطيني سائنسي اصطلاح ٽيلي ڪميونيڪيشن جو سنڌي متبادل ڏور ربطيات جوڙيو ۽ ڪيترا ئي ڀيرا ڇپايو. ان تي ڪنھن بھ اعتراض نھ ڪيو. بلڪھ ڪيترن ئي ماڻھن ساراھيو. جيئن تھ اھو سائنسي اصطلاح جي بدل طور استعمال ڪيو ويو آھي، تنھنڪري سائنس کان بنھھ اڻڄاڻ ماڻھن کي اھو لفظ سمجھھ ۾ اچڻ ضروري نھ آھي. تنھنڪري ان لفظ تي اوھان جو اعراض اجايو آھي. باقي ڳالھھ رھي جدول براءِ رابطو جي، تھ ان ۾ توھان کي ڇا نھ ٿو سمجھھ ۾ اچي؟ رابطو بھ سنڌي لفظ آھي تھ جدول بھ تھ براءِ بھ. مون کي لڳي ٿو تھ توھان کي خواھمخواھھ مون تي ڪاوڙ آھي يا وري ھرڀرو اعتراض ڪرڻ جي عادت. ڪنھن ماڻھوءَ تي ھرڀرو گھٽ وڌ لکڻ کان پھرين اوھان کي ان جي سموري ڪيل ڪم جو جائزو وٺڻ گھرجي. Aursani 12:10, 8 September 2006 (UTC)

توھان جي ڀاڱيداري سنواريو

لغاري صاحب، توھان کي پنھنجي پيج تي پنھنجون ڀاڱيداريون لکيون آھن. توھان کي ٻڌائڻ چاھيندس تھ سائين ان ٿيڻ کان پوءِ مٿان ئي مٿان توھان ئي ماءِ ڪنٽريبيونشنز جو ڳنڍڻو نظر ايندو. ان کي ڪلڪ ڪرڻ سان توھان پنھنجي ڀاڱيداري ڏسي سگھو ٿا. ‌‌‌‌Aursani 08:30, 11 September 2006 (UTC)

طعنن جو سلسلو سنواريو

‏مان وارا لغاري صاحب، مون توھان کي ھڪڙو بھ طعنو نھ ڏنو آھي. اوھان کي منھنجون چيل ڳالھيون ھرڀرو طعنا محسوس ٿي رھيون آھن. شايد توھان کي پنھنجي ڪيل غلطين جو احساس ستائي رھيو آھي. ادا مون تھ رڳو توھان کي نئون يوزر ڀائيندي ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ وڪيپيڊيا جي آداب کان آگاھھ پئي ڪيو.

Aursani 08:34, 11 September 2006 (UTC)

آدابن کان آگاهه ڪرڻ جي مهرباني، مون اوهان لاءِ هڪ صلاح اوهان جي ٽاڪ پيج تي رکي آهي، اوهان ٽيمپليٽ استعمال ڪري پوءِ پنهنجن اکرن جو درست ويو ٿا ڏسو اوهان مهرباني ڪري مونوبڪ سيٽ ڪري ڇڏيو ڊفالٽ ۾ پاڻ ئي سڀ اکر اوهان جي پسنديده فونٽ ۾ اوپن ٿيندا، ان سان گڏ ڪاما ڏيئي ٻيا سنڌي فونٽ به رکڻ گهرجن جيئن مثال طور ڪنهن وٽ ”سارنگ“ فونٽ نه هجي ته ان وٽ پاڻ ئي ”لطيفي“ ۾ پيج اوپن ٿي ويندو. مان ان لاءِ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، مهرباني ڪري ”سنڌي وڪي اخبار“ وزٽ ڪريو شايد اوهان گهڻو ڪجهه سمجهي ويندا. Alixafar 17:33, 25 September 2006 (UTC)

مھرباني سنواريو

ادا ظفر، اوھان جي رھنمائيءَ جي وڏي مھرباني. جيئن تھ آئون اڳي ئي عرض ڪري چڪو آھيان تھ آئون ھڪ شاگرد آھيان، ۽ پنھنجي پي ايڇ ڊي جي ڪم ۾ گھڻو مصروف رھندو آھيان. تنھنڪري آئون گھڻو ڪم ڪري نھ ٿو سگھان. پر جيئن اوھان رھنمائي ڪندا ويندا تيئن وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري وقت ڪڍي ڪم ڪندو ويندس. Aursani 11:40, 27 سيپٽمبر 2006 (UTC)

سائين عرساڻي صاحب! اوهان منهنجي ڳالهه شايد نه سمجهي آهي هڪ فائل آهي مونوبڪ جي نالي سان جنهن کي اوهان ايڊيٽ ڪيو آهي ان ۾ اوهان مهرباني ڪري جيڪو سورس ”وڪي نيوز سنڌي“ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي سموري جو سمورو ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريو، ضرورت هجي ته فونٽ جي ترتيب پنهنجي پسند مطابق رکو مثال طور مون پهريان ”ايم بي سنڌي ويب“ رکيو آهي اوهان سڀ کان پهريان ”ايم بي سارنگ ستار“ رکي سگهو ٿا. جيڪڏهن ان کي اوهان سيٽ ڪندا ته پوءِ اسان سڀني کي مبسس4 وارو ٽيمپليٽ نه ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن اهو ڪم جيڪو اڳي پوءِ ٿيڻو ئي آهي اتي اسان سڀني کي ٻيڻي محنت ڪرڻي پوندي ته سورس مان مبسس4 جو ٽيمپليٽ هٽايون. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو موجود هوندو ته پوءِ هر ڪنهن وزٽر کي زوري به اهو فونٽ ڊائون لوڊ ڪرڻو پوندو پوءِ ڀلي ان وٽ ٻيا سنڌي فونٽ هجن. مونو بڪ سيٽ ڪرڻ سان ۽ سڀني فونٽ جا نالا لکڻ سان اها سهولت آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ پهريون فونٽ نه آهي ته برائوزر ٻيو نمبر فونٽ ڳوليندو اهڙي طرح وزٽر وٽ برائوزر کي جيڪو به سنڌي فونٽ لڀندو ته ان ماڻهوءَ کي اکر صحيح طور پڙهڻ ۾ ايندا. Alixafar 17:18, 28 سيپٽمبر 2006 (UTC)

ادا اهو مونوبڪ اوهان هتي ڏسي سگهو ٿا، http://sd.wikinews.org/w/index.php?title=MediaWiki:Monobook.css&action=edit هو پيج اوهان وٽ سورس ظاهر ڪندو اهو سمورو ڪاپي ڪري پنهنجي مونوبڪ جي ساڳي ائڊريس ۾ پيسٽ ڪريو، چاهيو ته فونٽ جي اوليت بدلائي سگهو ٿا. مون مبسس4 ٽيمپليٽ کي هٽائڻ جي ڳالهه ان ڪري ڪئي آهي جو اهو دوستن کي اڳتي هلي ڊسٽرب ڪندو، ۽ اوهان کي پڻ جڏهن مواد تمام گهڻو گڏ ٿي ويندو. Alixafar 19:18, 28 سيپٽمبر 2006 (UTC)

خير آھي سنواريو

ادا لغاري صاحب، پڪ تھ نھ اٿم تھ ھيءُ نياپو توھان ڪنھنجي لاءِ لکيو آھي، پر شايد منھنجي لاءِ رکيو اٿو. توھان غلطيءَ سان اھو نياپو پنھنجي ئي ٽاڪ پيج تي رکي ڇڏيو آھي. مھرباني ڪري نياپو درست جاءِ تي رکندا ڪريو ۽ نياپو اھڙو لکو جيڪو پنھنجي مفھوم ۾ چٽو ھجي.

اوھان جون غلط ڪاريون اڄا تائين منھنجي نظر تي وقفي وقفي سان چڙھنديون رھن ٿيون. اوھان گل عرساڻي اسڪول واري صفحي جي ٽاڪ پيج تي اناب شناب لکيو ھو. سو مون ڊاھي ڇڏيو آھي. اھو نياپو بھ پنھنجي مفھوم ۾ چٽو ڪو نھ ھو. ان ۾ لکيل ھو تھ سنڌي قوم ان ڪري ئي پٺتي آھي جو سنڌي وڪيپيڊيا تي گل عرساڻي اسڪول جو صفحو آھي. ڇا توھان اھو ئي چوڻ چاھيو ٿي جيڪو لکيو اٿو؟ مطلب تھ سچ پچ سڄي سنڌي قوم ان ڪري ئي پٺتي آھي جو مون سنڌي وڪيپيڊيا تي گل عرساڻي اسڪول جو تعارفي صفحو رکيو آھي؟ مون کي سمجھ ۾ نھ ٿو اچي تھ توھان جي مٿي ۾ اھا ڳالھھ ڇو نھ ٿي ويھي تھ ھيءُ ھڪ کليل انسائيڪلوپيڊيا آھي ۽ ان ۾ ھر ماڻھو پنھنجي متعلق، يا پنھنجي خاندان متعلق ذاتي ڄاڻ بھ رکي سگھي ٿو تھ پنھنجي ڪيل سماجي ڪم يا تنظيمن يا ادارن جو تعارف بھ رکي سگھجي ٿو. توھان پنھنجي دوستن جي شاعري رکي آھي ۽ انھن جو تعارف رکيو آھي... ان تي نھ مون ڪو اعتراض ڪيو ۽ نھ ئي مون کي ڪو اعتراض ھوڻ گھرجي. توھان تمام گھڻو اناب شناب ۽ فضول لکيو آھي... مثلاً سڄي وڪيپيدِا تي عرساڻي عرساڻي لڳي پئي آھي. منھنجا دوست، مون کي ايترو وقت ئي ڪونھي جو آئون پنھنجي ڪيل ڪم جو ئي کڻي تعارف لکي رکان. نھ مون پنھنجي ڪم جو ڪو تعارف رکيو آھي نھ ئي پنھنجي بزرگ والد ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي ڪم جو. نھ ئي مون کان ايترو ئي ٿيو آھي جو آئون پنھنجي بزرگ ناني محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ئي تعارف رکي سگھان. اميد تھ توھان محمد اسماعيل عرساڻيءَ کي سڃاڻندا ھوندا ۽ کانئن وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي دعويٰ ڪانھ رکندا ھوندا. بابا سائينءَ بھ سڄي عمر سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آھي. پر انھن جو بھ ڪٿي تعارف ڪو نھ لکي رکيو اٿم. پوءِ بھ توھان کي سڄي وڪيپيڊيا تي عرساڻي عرساڻي خبر نھ آھي تھ ڇو پئي نظر اچي. توھان مون کان ۽ منھنجي خاندان کان ھروڀرو خائف آھيو ۽ ساڙ ٿا رکو ۽ ان ساڙ ۾ توھان کي اھا بھ خبر نھ ٿي پوي تھ توھان لکو ڇا پيا ۽ ڪھڙن لفظن جو استعمال پيا ڪريو. اوھان حرام پائيءَ جھڙو گندو لفظ استعمال ڪيو جنھن جي توھان اڃا تائين بھ کليءَ ريت معافي طلب نھ ڪئي آھي.

مون وڪيپيڊيا تي پنھنجو ڪم يا پنھنجي بزرگن جو تعارف رکڻ بدران وڪيپيڊيا جي ترقيءَ تي وقت ڏنو آھي. ياھو گروپس تي مون ھڪ ٻھ يا ٽي نھ پر سوين ڀيرا نياپا ڪيا آھن تھ سنڌي ڀائرو اچو اچي ڪم ڪريو. تازو ئي سخت مصروفيت باوجود مون وڪيپيڊيا جا سمورا آپشنز جيڪي انگريزيءَ ۾ نظر اچي رھيا ھئا، تن کي سنڌيايو آھي. پر بجاءِ ان جي جو توھان ٻھ لفظ تعريف جا لکو، توھان خبر نھ آھي پنھنجن ڪھڙن مشورن ڏانھن اشارو ڪيو آھي جن تي مون عمل نھ ڪيو آھي. مون توھان کي ٻڌايو آھي تھ آئون ڪوشش ڪري وقت ڪڍي ڪم ڪندس. پر توھان جي سمجھھ ۾ ڳالھھ نھ ٿي اچي. مشورن جي مھرباني. مون کي جيئن سمجھ ۾ ايندو اوئن ئي ڪم ڪندس. توھان کي جيڪو سمجھھ ۾ اچي ٿو اھو ڪم ڪريو. توھان ھڪ جاءِ تي ايم بي سارنگ ستار فانٽ لکڻ لاءِ چيو ھو. مون ان جاءِ تي وڃي لکيو بھ ھو. پر ان سان ڪو بھ فرق نھ پيو. اھو سمجھڻ لاءِ تھ فرق ڇو نھ پيو، مون وٽ وقت ڪو نھ ھو. جڏھن وقت ملندو تڏھن ڏسندس. اميد تھ پنھنجي رويي تي نظر ثاني ڪندا ۽ غلط لفظن جي استعمال کان پاسو ڪندا.


Aursani 13:09, 2 آڪٽوبر 2006 (UTC)

ھڪ ڀيرو وري ڀليڪار سنواريو

ادا لغاري صاحب، جيئن مون اوھان کي پھريون ڀيرو سنڌي وڪيپيڊيا تي اچڻ وقت ڀليڪار ڪئي ھئي، تيئن ھڪ ڀيرو وري ڪريان ٿو. اوھان جو ڪم ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿيندي آھي. اميد تھ ڪم جاري رکندا. مون ھميشھ اھو ئي چاھيو آھي تھ اوھان جي دماغ ۾ ڪا بھ غلط فھمي نھ رھي. جھڙوڪ، وڪيپيڊيا کي آئون پنھنجي ذاتي جاگير سمجھيو ويٺو آھيان وغيرھ وغيرھ. جيتوڻيڪ اوھان سنڌي وڪيپيڊيا تي اچڻ شرط انتھائي گٿن لفظن جو استعمال ڪيو ھو، پر پوءِ بھ مون درگزر ڪندي اوھان کي ڀليڪار ڪئي ھئي.

پيارا دوست، اوھان کي مون فقط پنھنجي دل ۽ دماغ يعني تھ پنھنجو اندر صاف رکڻ جو چيو آھي. اوھان کي پورو حق حاصل آھي تھ اختلاف راءِ رکو. پر اوھان کي ھرگز بھ اھو حق حاصل نھ آھي تھ بنا سوچي سمجھي ڪنھن تي بھ بغض رکڻ جو ڏوھھ ڏئي ڇڏيو. سنڌ جي خدمت ڪندڙ ھر شخصيت تي صفحو ٺھڻ گھرجي ۽ انھن تي بھ صفحو ٺھڻ گھرجي جيڪي توھان جي نظر ۾ غدار آھن. مگر ڪوشش ڪري ھر صفحي کي عقيدت، اعتقاد ۽ ذاتي پسند يا ناپسند کان خالي رکڻو آھي تھ جيئن گھٽ ۾ گھٽ ھر سنڌيءَ جي آڏو اسان جو لکيل مواد اڻ ڌريو ھجي.

اوھان طرفان مسلسل گٿا لفظ استعمال ڪرڻ باعث مون وٽ ٻيو ڪو بھ رستو نھ بچيو سواءِ ان جي تھ توھان کي ٽن ڏينھن جي آرام جي تلقين ڪريان. جيتوڻيڪ درگزر تمام سٺي شي آھي پر توھان کي ڪنھن بھ فرد مان ھميشھ در گزر جي توقع نھ رکڻ گھرجي. آخر بھ انسان تھ انسان ئي آھي ۽ ھر شي جي ھڪ حد ٿيندي آھي. آئون اميد ٿو رکان تھ توھان پنھنجي رويي تي نظر ثاني ڪندا ۽ آئيندھ سڀني جو احترام ڪرڻ سکندا. عزت ۽ احترام ھر فرد جو بنيادي حق آھي. مون کي اميد آھي تھ اھا ڳالھھ توھان کي فرائيڊ ٻڌائي ھوندي. اوھان جو پنھنجو، سنڌي وڪيپيڊيا جو منتظم،

Aursani 11:36, 8 آڪٽوبر 2006 (UTC)

اوهان اهو ئي ڪيو (جنهنجي اوهان کي پنهنجي ظرف اجازت ڏني!) جنهن جو مون اشارو اڳ ئي ڪيو هو. نيٺ به طاقت اوهان وٽ آهي دليل جي ڪهڙي اهميت آهي، آخر طاقت ئي فيصلو ڪندي. ”مٿي جي صفائي ڪرايو“ احترام جو دائرو آهي باقي ”الائي ڪهڙي عضوي جي صفائي“ احترام وارو نه آهي، ”اها ڳالهه اوهان کي فرائيڊ ٻڌائي هوندي“ احترام وارا لفظ آهن!!! فرائيڊ اهڙن نفسياتي ڀڃ ڊاهه جي شڪار ماڻهن جي حوالي سان سچ چيو آهي اها ڳالهه اوهان کي ايڏي دل سان لڳي جو اوهان اهي جملا ئي ڊاهي ڇڏيا. جيڪڏهن مان چوان ته ”اوهان پنهنجي مٿي جي صفائي ڪرايو ته بهتر آهي“ جي اهو جملو اوهان کي ناراض نٿو ڪري ته پوءِ مان مڃان ٿو ته اهو جملو احترام سان چيو ويندو آهي. User:Alixafar

السلام عليڪم سنواريو

سائين ظفر لغاري صاحب امد ته خوش هوندا.

سائين آئون هر فونٽ انسٽال ڪئي آهي پر پوءِ به اکر يوني ڪوڊ ۾ ٿا اچن اوهان پراڻا يوزر آهيو اميد ته ڪجه رهنمائي ڪندا ته لک لائق ٿيندا.

مهراڻ مڱريو مون سان ڳالهه | منهنجو ڀاڱو

مان هن پيج مان توبھ تائب ٿي چڪو آهيان، جنهن جا سنڀاليندڙ پاڻ تـ مصروف هجن وري ٻين سان بـ بداخلاقي سان پيش ايندا هجن تـ اهڙي ڪم کان بس ڀلي! ـ Alixafar 11:33, 18 آگسٽ 2011 (UTC)


مان واپس اچي چڪو آهيان Alixafar 16:23, 20 نومبر 2011 (UTC)


توهان کي ڀليڪار Snazsindhu 17:17, 20 نومبر 2011 (UTC)

اوهان جا ٿورا Alixafar 18:12, 20 نومبر 2011 (UTC)


سلام آهي ظفر توهان جي ڪاوشن کي Sindhi noor 07:27, 23 نومبر 2011 (UTC)

اوهان جي مهرباني ڀيڻ Zafar 21:54, 24 نومبر 2011 (UTC)

ادا سنڌي ويڪيپيڊيا تي هڪڙو منتظم ڇو آهي جڏهن ته اردو ۾ 13 ۽ انگلش ۾ 1380 کان وڌيڪ منتظم(administrators) آهن يوزر:Mujeeb Rahman Chandio 21:44, 21 نومبر 2014 (UTC)

وڪيپيڊيا 15 / تقريب /حيدرآباد سنڌ پاڪستان سنواريو

سائين محترم دوست صاحب

اسلام عليڪم تمام مهرباني آئون وڪيپيڊيا تقريب لاءِ حيدرآباد سنڌ جو مقام تجويز ڪيو آهي. مهرباني ڪري شرڪت ڪندا، 7 تمام وڪيپيڊين جيڪي سنڌ ۾ آهن يا ٻاهرين ملڪن ۾ آهن انهن کي پڻ دعوت ڏيو.مهربانيون....اسد علي جوڳي [وڪيپيڊيا 15 / تقريبون /حيدرآباد سنڌ پاڪستان https://meta.wikimedia.org/wiki/Wikipedia_15/Events/Hyderabad,_Sindh_Pakistan] يوزر بحث:اسد علي جوڳي--اسد علي جوڳي 09:21, 17 ڊسمبر 2015 (UTC)

پنهنجي قيمتي راءِ ڏيو سنواريو

پنهنجي قيمتي راءِ ڏيو

اسلام عليڪم راءِ شماريءَ ۾ پنهنجي قيمتي راءِ ڏيو

منتظمين/راء شماري Wikipedia:منتظمين/راء_شماري/يوزر:اسد_علي_جوڳي...--اسد علي جوڳي 10:55, 17 ڊسمبر 2015 (UTC)

Khowar Wikipedia سنواريو

محترم جناب، السلام علیکم، آپ ویکیپیڈیا پر بہت ہی اچھا اور معیاری کام کررہے ہیں اللہ آپ کو اجر عطا فرمائے کہ آپ اردو زبان کے ویکیپیڈیا کو ایک عالمی انسائکلوپیڈیا بنانے کی جدوجہد میں شریک ہیں.جیسا کہ آپ کو پتہ ہے کہ شمالی علاقہ جات، سوات، ضلع چترال، ہندوستان، افغانستان اور سنکیانگ چین میں بولی جانے والی زبان کھوار میں راقم الحروف نے ویکیپیڈیا تخلیق کیا ہے اور تمام ترجمے کا کام مکمل ہوچکا ہے لیکن کھوار ویکیپیڈیا کو تکنیکی مسائل کا سامنا ہے جیسے ماڈیول، سانچہ جات، ابواب اور دیگر مشکل اور ٹیکنیکل کام کو آگے بڑہانے میں کھوار ویکیپیڈیا کو آپ کی مدد کی ضرروت ہے مجھے معلوم ہے کہ آپ کھوار زبان میں مضموں نہیں لکھ سکتے لیکن ماڈیول، سانچہ جات، ابواب زمرہ جات اور انٹرویکی لنکس بنانے میں ہمارے ساتھ تعاون کرسکتے ہیں، تاکہ جب کھوار زبان کی تاریخ لکھی جائے گی تو اس میں آپ کی کھوار کے لیے تکنیکی کام اور خدمات کو بھی شامل کیا جاسکے، آپ کھوار ویکیپیڈیا کا صفحہ اول یہاں[1] پر دیکھ سکتے ہیں امید ہے کہ آپ اردو ویکیپڈیا کی طرح روزانہ کھوار ویکیپڈیا میں بھی اپنی خدمات سے اہل کھوار کو بھی مستفید کرکے شکریہ کا موقع دیں گے،ہمیں کھوار ویکیپیڈیا کے لیے آپ کی مندرجہ زیل تکنیکی کام میں مدد کی ضرورت ہے:-ؔ۱۔ ماڈیول بنانا۲۔ سانچے بنانا۳۔ مضامین میں انٹرویکی لنکس کا اندراج۴۔ ابواب بنانا۵۔ انفوباکس بنانا۶۔ ناوباکس بنانا۷۔ سانچہ جات اور ماڈیول سے اغلاط کی درستگی۸۔ مزیددیگر انتظامی کام وغیرہآپ کا بہت بہت شکریہ --Rachitrali (ڳالھ) 09:17, 24 جنوري 2019 (UTC)