مظھر علي زنگيجو
غزل
سنواريوغزل ....
تون سونھن جو مينار آھين تون ئي بس سنسار آھين
منھنجي زندگيءَ ۽ آخرت فقط رڳو تون يار آھين
قاتل ادائون تنھنجيون اھڙيون ڄڻ تکي ڪا تلوار آھين
اسان قيدي تنھنجي الفت جا تون ئي مٺا ٿاڻيدار آھين
ڏسان ٿو روز خواب تنھنجا اھڙو ته ڪو خمار آھين
لکان ڇا تنھنجي سنا دلبر حَسینن منجھ نروار آھين
سھڻي جھڙي پريت تنھنجي مارئي جو ڄڻ معيار آھين
مظھر علي زنگيجو...... مظھر علي زنگيجو (ڳالھ) 06:34, 12 نومبر 2022 ( يو.ٽي.سي)
جي ھا مظھر علي زنگيجو (ڳالھ) 09:55, 15 ڊسمبر 2022 ( يو.ٽي.سي)
ڀليڪار!
سنواريواسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ،
۽
۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)
سفارتخانو
السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.
اصول ۽ قاعدا توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
تعاون
|
-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم
تعارف.
سنواريوآءُ مظھر علي زنگيجو ويٺل ڳوٺ ٻيڙو خان گاڏهي تعلقه ڪي اين شاھ ضلع دادو سنڌ 2/4/1993 تي محبوب علي زنگيجو جي گھر ۾ منھنجو وڏي پُٽ جي حيثيت سان جنم ٿيو . پرائمري کان وٺي مڊل تائين جي تعليم پنھنجي ڳوٺ ٻيڙو خان گاڏهي مان پرائي انکان بعد مئٽرڪ ھاءِ اسڪول گوزو کان ڪئي مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ تقريباً ٻه سال منھنجي پڙھائي ۾ گيپ اچي ويو انکان بعد وري انٽرميڊئيٽ کان وٺي بي اي سي جي تعليم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪي اين شاھ مان حاصل ڪئي . 2018ع ۾ بي اي سي جي تعليم مڪمل ڪري 2020 ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڊپارٽمينٽ پاڪستان اسٽڊي ۾ ماسٽرز ڪرڻ لاء ايڊميشن ورتي . 2021 ع ۾ ايم فائنل جو امتحان پاس ڪري پوء پنھنجي ڳوٺ ٻيڙو خان گاڏهي ۾ گذريل سال ڊسمبر جي آخري تاريخن ۾ واپس آيم . آءُ شوشل ورڪر طور پنھنجي ڳوٺ کان وٺي تعلقي ليول جي عھديدار جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
آءُ تاريخ سان وابسته شاگرد آھيان ۽ ادب سان بيحد چاھ رکندو آھيان مون ھن وقت تائين پنھنجي زندگيءَ ۾ 20 کان 30 موضوعن تي مضمون لکيا آھن تقريباً 100 کان وڌيڪ شعر لکيا آھن ۽ زندگيءَ ۾ اڳتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لکڻ پڙھڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد سمجهندو آھيان . مظھر علي زنگيجو (ڳالھ) 10:44, 15 ڊسمبر 2022 ( يو.ٽي.سي)
مضمون ڊاھڻ لاءِ نامزد ڪيو ويو آھي
سنواريوهڪ ٽيگ ھا تي مضمون کي ڊليٽ ڪرڻ لاءِ لڳايو ويو آهي. سبب هيٺ ڄاڻيل آهي:
بغير حوالن جي خيالي تحرير، جيڪا عنون سان گڏ مناسب پڻ نٿي رکي
هي مضمون ڪنهن وقت ڊليٽ ڪري سگھجي ٿو.
جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا هن صفحي کي ڊاٺو نه وڃي انهي سبب جي ڪري، اوهان هن فيصلي خلاف هن صفحي تي وڃو ۽ هن فيصلي خلاف لکو تي ڪلڪ ڪري ٻڌائي سگھو ٿا. اتي اوهان کي موقعو ڏنو ويندو ته هي صفحو ڇو نه ڊليٽ ڪيو وڃي. تنهن باوجود هڪ ڳالهه ياد رکو، جيڪڏهن ڪو صفحو فورن حذف لاءِ نامزد ڪيو وڃي، ته اهو صفحو ڪنهن به وقت بغير دير جي مٽايو ويندو. مهرباني ڪري اوهان پاڻمرادو هن پيغام کي هٽائڻ جي ڪوشش نه ڪيو. جيڪڏهن صفحو ڊاٺو ويو آهي، ۽ اوهان ان کي ٻيهر بحال ڪرڻ چاهيو ٿا ته جيئن مواد کي مستقبل جي حوالن لاءِ استعمال ڪجي ته رابطو ڪيو حذف ڪندڙ متنظم سان، جيڪڏهن اوهان اهو اڳئي ڪري چڪا آهيو ته پوءِ اوهان هتي درخواست ڏيو. ارسلان (ڳالھ) 18:08, 25 جنوري 2023 ( يو.ٽي.سي)