سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

سفارتخانو
بزمِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا شبير ڪنڀار

السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.

  • وڪيپيڊيا ھڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آھي جنھن کي اسان سڀ ملي ڪري لکندا ۽ سنواريندا آھيون. وڪيپيڊيا منصوبي جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏھن تہ سنڌي وڪيپيڊيا فيبروري 2006ع ۾ عمل آئي. في الحال ھن وڪيپيڊيا ۾ 16,827 مضمون موجود آھن.
  • ھن چيڪلي (انسائيڪلوپيڊيا) ۾ توھان مضمون نويسي، سنوار ۽ تصحيح کان پھريان ھيٺين صفحن تي ضرور نظر وجھو.
  • صفحن جي ظاھريت جي تبديلي ۽ طریقيڪار جي لاءِ ڏسو ترجيحون.

اصول ۽ قاعدا

توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
ھتي توھانجو مخصوص واپرائيندڙ صفحو بہ ھوندو جتي توھان پنھنجو تعارف لکي سگھو ٿا، ۽ توهانجي واپرائيندڙ بحث تي ٻيا رڪنَ توھان سان رابطو ڪري سگھن ٿا ۽ توھان ڏي پيغام موڪلي سگھن ٿا.

  • ڪنھن ٻئي رڪن کي پيغام موڪلڻ وقت ھنن امرن جو خاص خيال رکو:
    • جيڪڏھن ضرورت هجي تہ پيغام کي عنوان ضرور ڏيو.
    • پيغام جي آخر ۾ پنهنجي صحيح ضرور وجھو، ان جي لاءِ هي علامت درج ڪريو--~~~~ يا ھن () بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو.
    • اظھار بحث جي آدابن جو خصوصي خيال رکو.

تعاون

  • وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي. جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ٽڙڪ ڪريو.
  • توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا. اھو اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھان جي گهربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا واضع هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي. توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا.

  • لکڻ کان پهرئين ھن ڳالھ جو يقين ڪريو تہ جنھن عنوان تي توھان لکي رھيا آھيو ان تي يا ان سان ملندڙ عنوانن تي وڪي ۾ ڪوئي مضمون نہ ھجي. ان جي لاء توھان ڳوليو جي خاني ۾ عنوان ۽ ان جا هم معنيٰ لفظ (اهڙا لفظ جن جي معني هڪ هجي) لکي ڳولا ڪريو.

-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم

اوهان جو خادم

--اسد علي جوڳي   (مونسان ڳالهه )Jogi don ،  جنوري 21 ،  2017, 11:09  (UTC)

انتظاميا

--سنڌي وڪيپيڊيا (ڳالھ) 11:41, 21 جنوري 2017 (UTC)


پيارا سائين شبير ڪنڀار. اسلام عليڪم.
اوھان جي وڏي مھرباني جو اوھان سنڌي وڪيپيڊيا تي قربَ جا پير ڀريا. جيڪڏھن اوھان کي ڪا بھ ڳالھھ پُڇڻي ھجي، مطلب تھ ڪو مونجھارو ھجي تھ بلاشڪ مشورو ڪندا. ان کان سواءِ سنڌي وڪشنريءَ تي بھ ضرور پير ڀريندا. اوھان ھالا تي بھ لکيو آھي. ڏاڍو سُٺو ٿيندو جي توھان وٽ ھالا جي ڪا تصويرَ ھجي، تھ جيئن اھا ان صفحي تي رکي سگھون.

Aursani 23:38, 30 March 2006 (UTC)


پيارا شبير ڪنڀار صاحب، اسلام عليڪم
مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي جو توھان مون سان رابطو ڪيو ۽ پاڻ کي درپيش مشڪل جو کليل اظھار ڪيو ۽ مدد طلب ڪئي. پيارا دوست، يقين مڃو تھ مون ڪنھن تي بھ ڪا بھ مھرباني ڪا نھ ڪئي آھي. آئون سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مقروض آھيان ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين مقروض رھندس. مون جيڪو ڪجھھ ڪيو آھي، مون کي ان کان تمام گھڻو ڪرڻ گھربو ھو. آئون گذريل ڪيتري وقت کان مايوسيءَ کي منھن ڏئي رھيو ھوس. اوھان جي قربَ سان ڪجھھ دل وڏي ٿِي آھي. مون کي ان ڳالھھ تي تمام گھڻي مايوسي آھي تھ ڪيترن ئي گروپن تي نياپا ڇڏڻ بعد بھ ڪنھن بھ وڪيپيڊيا يا وڪشنريءَ تي تشريف آوري نھ فرمائي. مون کي ان ڳالھھ جو اندازو آھي تھ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مقابلي ۾ ھالا ۾ انٽرنيٽ جي رفتار تمام سست ھوندي. ان ھوندي بھ اوھان ايتري ھمٿ ڪري ڪم ڪيو آھي، ان ڳالھھ جو توھان جس لھڻو. ڀاءُ شبير، آئون جيترن سوالن جو جيترو ممڪن ٿي سگھيو خاطر خواھ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. حقيقت ۾ آئون بھ اڃا سکندڙ آھيان ۽ جڏھن وڪيپيڊيا ۽ وڪشنريءَ تي نئون ھوس تھ مون کي بھ ڪا بھ ڳالھھ خبر نھ ھئي. پر آئون آھستي آھستي ڪيتريون ڳالھيون سکي ويو آھيان. اوھان بھ دل وڏي ڪريو ۽ جلد توھان بھ گھڻو ڪجھھ سکي ويندا. اوھان جي سوالن جو ترتيبوار جواب ھيٺ ڏيان ٿو.

نياپو ڪيئن ڪجي سنواريو

اوھان جي لاءِ مون جيڪو نياپو ڇڏيو ھو (ھن ئي صفحي تي مٿي ٽائيپ ٿيل آھي)، تنھن جي پڇاڙيءَ ۾ مون چارلھرون ~ ٽائيپ ڪيون ھيون. ان سان ڇا ٿو ٿئي جو منھنجي شناخت يعني تھ آئِي ڊِي از خود نياپي جي ڀرسان اچي وڃي ٿي. ان کان سواءِ تاريخ بھ لڳي وڃي ٿِي. توھان نوٽ ڪريو تھ مون توھان جي لاءِ نياپو توھان جي ٽاڪ پيج تي ڇڏيو آھي. منھنجي ڇڏيل نياپي جي ڀرسان منھنجي آئِي ڊِي يعني تھ ”اي عرساڻي‟ بھ ليکل آھي. ان کي ڪلڪ ڪندا تھ منھنجي يوزر پيج تي پھچي ويندا. جيڪڏھن توھان بھ منھجي لاءِ نياپو ڇڏڻ چاھيو ٿا تھ منھنجي ٽاڪ پيج تي ڇڏيندا. منھنجو مطلب آھي تھ منھنجو يُوزر پيج کلندو تھ توھان کي منھنجو تعارف نظر ايندو. ۽ مٿان ”ڊسڪشن‟ نالي ھڪ چُٽڪِي نظر ايندي. ڊسڪشن واري ان چُٽڪِيءَ کي ڪلڪ ڪندا تھ منھنجو ٽاڪ پيج کلندو. جيڪو بھ نياپو ڏيڻو ھجي اتي ڇڏيندا ۽ نياپي جي آخر ۾ چار لھرون ‌‌~ ضرور ٽائيپ ڪندا. ان سان مون کي معلوم ٿيندو تھ اھو نياپو ڪنھن ڇڏيو آھي. پر ان لاءِ ضروري آھي تھ اھو سڀ ڪرڻ کان اڳ توھان سائِينِ اِنِ ٿيل ھُجو. جيڪڏھن توھان سائين ان ٿيڻ کان سواءِ نياپو ڇڏيندا تھ نياپو تھ مون کي ملي ويندو پر مون خبر نھ پوندي تھ اھو نياپو ڪنھن ڇڏيو آھي ۽ ڪڏھن ڇڏيو آھي.
اوھان کي مک صفحي يعني تھ مين پيج تي ساڄي پاسي ڪجھھ ڳنڍڻا يعني تھ لنڪس نظر ايندا. جيڪڏھن اوھان غور ڪندا تھ اوھان کي انھن منجھھ اسپيشل پيجز جو ڳنڍڻو پڻ نظر ايندو. ان کي ڪلڪ ڪندا تھ نئون صفحو کلندو، جنھن ۾ ڳنڍڻن جي ھڪ فھرستَ ڏنل ھوندي. اھا فھرستَ الفبيوار آھي. ان ۾ توھان کي يُوزر لسٽ جو ڳنڍڻو بھ نظر ايندو. يُوزر لسٽ تي ويندا تھ توھان کي منھنجو نالو بھ نظر ايندو تھ توھان جو پنھنجو بھ. ان کان سواءِ انھن سڀني دوستن جون آئِي ڊيز نظر اينديون جن ڪڏھن وڪيپيڊيا تي پير ڀريا تھ ھئا، پر جيئن ويا آھن تھ وري مڙي ڪو نھ نھاريو اٿن. مطلب تھ سڀني جون آئِي ڊيز نظر اينديون. ڪنھن تي بھ ڪلڪ ڪرڻ سان توھان انھن جي يُوزر پيج تا پھچي سگھو ٿا. جڏھن توھان وڪيپيڊيا جي مُک صفحي تي سائين ان ٿيڻ کان پوءِ نظر ڊوڙائيندا تھ توھان کي مٿي کاٻي پاسي ماءِ ٽاڪ جو ڳنڍڻو نظر ايندو. جنھن تي اوھان ڪلڪ ڪندا تھ اوھان پنھنجي ئي ٽاڪ پيج تي پھچي ويندا.

وڪيپيڊيا تي ڪو نئون عنوان لکجي ته پنهنجو نالوڏيڻ جي ڪيتري ضرورت آهي يا نالو ڏجي يا نه ڏجي؟ سنواريو

جڏھن آئون وڪيپيڊيا تي نئون نئون آيو ھوس تھ مون کي گھڻي خبر نھ ھئي ان ڪري مون سنڌي ٻوليءَ جو مختصر تعارف لکڻ بعد ھيٺان پنھنجو نالو رکي ڇڏيو ھو. در حقيقت نالو رکڻ جي ضرورتَ بلڪل بھ ڪانھي. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن توھان سائين اِن ٿِِي ڪجھھ بھ ڀاڱيداريندا (ڪنٽريبيوٽ ڪندا) تھ ازخود اوھان جي اھڙي ڀاڱيداري ھميشھ جي لاءِ اوھان جي نالي ٿِِي ويندي. اھڙو رڪارڊ ھميشھ لاءِ درج ٿي وڃي ٿو. مُک صفحي تي ماءِ ڪنٽريبيوشنس نالي ھڪ ڳنڍڻو آھي. ٿورو ان کي ڪلڪ ڪري ڏسندا. اوھان جيڪو ڪم ڪيو آھي اھو اوھان جي سامھون اچي ويندو. اڄ جيڪو صفحو توھان تخليق ڪريو ٿا، اھو در حقيقت سڀني تي کُليل آھي. مطلب تھ ان ۾ سڀاڻي آئون يا ڪو بھ ٻيو اچي تبديلي بھ ڪري سگھي ٿو ان ان ۾ واڌارا بھ ڪري سگھي ٿو. مثال طورم جيئن مون سنڌي ٻولي جو ھڪ ننڍڙو تعارف لکيو ۽ بعد ۾ اوھان قرب ڪري ان ۾ واڌارو فرمايو. ان ڪري ھر ڪنھن کي پنھنجو نالو اتي لکڻ جي ضرورت ڪانھي. بلڪھ اھڙو رڪارڊ خود بھ خود درج ٿي وڃي ٿو.

وڪيپڊيا تي ڪنهن عنوان بابت وڌيڪ ڄاڻ هجي ته سابقه لکت کي ائين رهڻ ڏجي ۽ پنهجي معلومات انجي هيٺيان لکجي يا انکي ڊاهي انجي جاءِ تي پنهنجو ليک لکجي؟ سنواريو

جيڪڏھن موجودھ ليک جي ڪنھن بھ حصي، جزليک (پيراگراف) يا سيڪشن ۾ واڌارو ڪرڻو آھي تھ بلاشڪ ڪري ڇڏيو. بنا دير ۽ بنا ڪنھن جھجھڪ جي. پر جيڪڏھن اڳي ئي لکيل جملي، حصي يا پيراگراف جي مقصد سان متفق نھ آھيو ۽ ان کي مٽائڻ گھرو ٿا يا ٿوري گھڻي تبديلي ڪرڻ گھرو ٿا، يا ڪنھن انگ، تعداد يا سن وغيرھ سان اختلاف رکو ٿا ۽ ان کي تبديل ڪرڻ گھرو ٿا تھ ان لاءِ ضروري آھي تھ اوھان اھڙي تبديلي ڪرڻ کان اڳ ان تي بحث ڪندا. ان لاءِ توھان کي اھڙي صفحي جي ٽاڪ پيج يعني تھ ڊسڪشن واري صفحي تي پنھنجو موقف لکڻو پوندو ۽ دليل ڏيڻا پوندا. دليلن ۾ ٿي سگھي تھ ڪي پڪا ۽ مستند حوالا ڏيندا. جيڪڏھن ھڪ ھفتي تائين توھان جي ڳالھھ جو ڪير بھ جواب نھ ٿو ڏي يا ڪير بھ توھان جي موقف سان اختلاف نھ ٿو رکي تھ توھان گھربل تبديلي ڪري ڇڏيندا.
توھان جي اطلاع لاءِ عرض آھي تھ صرف چند صفحا اھڙا آھن، جن ۾ توھان جي لاءِ تبديلي ڪرڻ ممڪن نھ آھي. ڇاڪاڻ تھ اھي ”پروٽيڪٽيڊ‟ آھن. انھن کي مون ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ پروٽيڪٽ ڪري ڇڏيو آھي. جيڪڏھن اھڙي ڪنھن صفحي ۾ تبديلي چاھيو ٿا تھ اھڙي صفحي جي ڊسڪشن يا ٽاڪ پيج تي اھڙي تبديليءَ جي خواھش جو اظھار ڪندا. آئون مناسب سمجھندس تھ اھڙي تبديلي ڪري ڇڏيندس.

وڪيپيڊيا تي ٽيڪسٽ کي لنڪ ڪيئن ڪجي ۽ پڻ اهو لنڪ وڪيپيڊيا تائين محدود آهي يا ڪنهن به سائِيٽ جو رکي سگھجي ٿو؟ سنواريو

مون وڪيپيڊيا تي اوھان جي لاءِ جيڪو نياپو رکيو آھي، تنھن ۾ توھان ڏٺو ھوندو تھ مون سنڌي وڪشنريءَ جو لنڪ بھ رکيو آھي. جيڪڏھن اوھان منھنجي رکيل نياپي جي مٿان ”ايڊٽ‟ نالي چُٽڪيءَ کي ڪلڪ ڪندا تھ توھان ڏسي سگھندا تھ مون ڪھڙيءَ ريت خارجي ڳنڍڻو يعني تھ ايڪسٽرنل لنڪ رکيو آھي. خارجي ڳنڍڻو ھميشھ ٻن چورس ڏنگين ۾ رکبو آھي. جڏھن تھ وڪيپيڊيا ۾ ئي موجود ڪنھن ٻي صفحي جو ڳنڍڻو رکڻو ھجي تھ ان کي چئن چورس ڏنگين ۾ رکبو آھي. مثال طور، ڏور ربطيات توھان کي ”ڏور ربطيات‟ جي صفحي تي وٺي ويندو. جيڪڏھن اوھان چاھيو ٿا تھ اسڪرين تي ڪجھھ ٻيو نظر اچي ۽ صفحي جو نالو (جنھن جو ڳنڍڻو اوھان رکڻ گھرو ٿا) ڪجھھ ٻيو ھجي تھ اھو بھ ممڪن آھي.
مثال طور، الف اوھان کي اسڪرين تي ”الف‟ ڌيکاريندو، پر ڪلڪ ڪرڻ سان توھان کي ”بي‟ تي وٺي ويندو. ان کان پوءِ بھ جيڪڏھن اوھان کي ڪا مشڪل ھجي تھ بلاشڪ وري پڇندا يا منھنجي ٽائيپ ڪيل ڪيترن ئي صفحن تي نظر وجھي ڏسندا. ھر صفحي جي ايڊٽ ۾ وڃي ڏسندا تھ اندر ڳنڍڻا ۽ تصويرون ڪيئن رکيل آھن. منھنجو ڪم ً وڪشنريءَ تي نسبتا وڌيڪ ڪيل آھي. جيڪڏھن اوھان وڪشنريءَ جا صفحا کولي ڏسندا تھ اوھان کي وڌيڪ مدد ملندي.

مضمون ۾ تصوير ڪيئن رکجي ۽ انجي سائيز ڇا هجي؟ سنواريو

تصوير جي سائيز ڪھڙي بھ ھجي. ڪا پرواھھ نھ آھي. خيال رکجَو تھ تصوير JPG ھجي يا GIF ھجي. وڪشنريءَ تي طوطو گھمي ڏسندا تھ مون طوطي جو ٽي تصويرون ڪيئن رکيون آھن. پر انٽرنيٽ تان ڪا بھ تصوير کڻي رکي ڇڏڻ کان پاسو ڪندا. جيڪڏھن انٽرنيٽ تا ڪا اھڙي تصوير موجود آھي جيڪا اوھان رکڻ چاھيو ٿا تھ مھرباني ڪري ان سائيٽ تي موجود ڏنل رابطي تي ھڪ برق نياپو يعني اي ميل اماڻي اھا تصوير رکڻ جي اجازت طلب ڪندا. جيڪڏھن اجازت ملي وڃي تھ بلاشڪ اھڙي تصوير رکي ڇڏيندا.

ڪتابن ۾ گھڻئي علم موجود آهي ڇا انهن مان مواد جا ڪجهه حصا جيئن جو تيئن هتي رکي سگھجن ٿا يا اهو به ڪاپي رائٽ جو معاملو آهي؟ سنواريو

محترم دوست، سڀني ليکڪن جي حقن ۽ واسطن جو احترام ڪرڻ اسان جو فرض آھي. ان ڪري ڪو بھ مواد يا تصوير رکڻ کان اڳ متعلقھ افراد کان اجازت طلب ڪندا ۽ اجازت ملڻ بعد ئي اھڙو مواد وڪيپيڊيا يا وڪشنريءَ تي رکندا. نھ تھ ٻي صورت ۾ وڪشنري يا وڪيپيڊيا جي ٽيم تي قانوني ڪارروائي ٿي سگھي ٿي ۽ نتيجي ۾ سنڌي صفحا بند ٿي سگھن ٿا. ھونءَ بھ سنڌي ٻوليءَ جا دشمنَ چوطرف پکڙيل آھن.

آئون سمجھان ٿو تھ آئون اھو ڪجھھ لکي چڪو آھيان جيڪو عرض ڪري سگھيس ٿي. وري ھميشھ اوھان جي خدمتَ ۾ حاضر رھبو. Aursani 12:41, 31 March 2006 (UTC)


توھان جو مضمون سنواريو

آئون ھيٺيون صفحو کوليان ٿو تھ مون کي تھ سڄو ڪجھھ نظر اچي ٿو، جيڪي ٻي ٽي سِٽون مون لکيون ھيون ۽ جيڪي ڪجھھ توھان لکيو ھو اھو بھ. مٿان سُرخي آھي ”سنڌي ٻولي‟، تنھن کان پوءِ ھيٺ ٻھ ننڍ سُرخيون آھن: ھڪڙي تعارُف ۽ ٻِي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ. اوھان جيڪڏھن غور سان پڙھندا تھ توھان کي پنھنجو سمُورو لکيل تاريخي احوال نظر ايندو.


تصوير ڪيئن رکجي سنواريو

تصوير لاءِ توھان ڪو بھ اھڙو صفحو گھمِي ڏسندا، جنھن تي تصوير رکيل ھُجي. مثال طور جھولي لعل يا وڪيغت جو واريگاھھ گھمي ڏسندا. جيڪڏھن اوھان کي تصوير رکڻي آھي تھ ھيٺين سِٽَ ڪاپِي ڪري پنھنجي صفحي تي پيسٽ ڪندا.

فائل:Jlal.JPG
جھُولي لعل

تنھن کان پوءِ لفظ اميج کي ايئن ئي رھڻ ڏيندا ۽ Jlal.JPG بدران پنھنجي فائيل جو نالو لکندا. ڪو بھ نالو لکي چڏيندا. تنھن کان پوءِ ساڄي پاسي جيڪو جھُلي لعل آھي تنھن کي مِٽائي ڪو مناسب عُنوان ڏيندا، جيڪو مانيٽر جي پردي تي نظر ايندو. تنھن کان پوءِ پنھنجي صفحي کي محفُوظ يعني سيوِ ڪندا. توھان ڏسندا تھ توھان جو فائيل نيم يعني تھ Anyname.JPG توھان کي صفحي تي ڳاڙھي رنگ ۾ نظر ايندو، جيئن ھن صفحي تي نظر اچي رھيو آھي. ان کي ڪلڪ ڪندا. تجربو ڪرڻ لاءِ ھن ئي صفحي تي تصوير رکي ڏسندا. ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ توھان کي تصوير اپ لوڊ ڪرڻ جو صفحو نظر ايندو. توھان کي خبر ھوڻ گھرجي تھ جيڪا تصوير توھان کي اپ لوڊ ڪرڻي آھي اھا توھان جي ڳڻپيوڪر تي ڪٿي محفُوظ ٿيل آھي. جھانگي (برائُوز ڪري) ان جاءِ تان تصوير کڻندا ۽ اپ لوڊ جو بٽن ڪلڪ ڪندا. اوھان ڏسندا تھ توھان جِي تصوير توھان جي صفحي تي اچي ويندي.
توھان منھنجي صفحي تي جيڪو نياپو ڇڏيو آھي، تنھن جي پڇاڙِيءَ ۾ توھان چار لھرون ٽائيپ نھ ڪيون آھن. توھان جيڪو پنھنجو تعارف لکيو آھي، تنھن ۾ آئون ڪجھھ تبديليون ڪري رھيو آھيان. ھڪ نظر ڏسي وٺندا.


Aursani 19:43, 3 April 2006 (UTC)

See following page on Sindhi Bbolee سنواريو

سنڌي ٻولي This text is already part of the page. Aursani 23:12, 17 April 2006 (UTC)

پيارا شبير، اهو ڏسي خوشي ٿي ته توهان هاڻي تصويرَ به رکي سگھو ٿا. Aursani 17:32, 26 April 2006 (UTC)

وڪشنري ۽ وڪيپيڊيا ۾ فرق سنواريو

ادا شبير، اسلام عليڪم.
جيستائين توهان جو وڪشنري ۽ وڪيپيديا ۾ فرق متعلق خيالات جو تعلق آهي، ته آئون توهان سان سو سيڪڙو متفق آهيان. در اصل، ڪجھه ڀيرا ايئن ٿيو آهي جو توهان ۽ هڪ ٻي دوست طرفان وڪيغت تي ڪن لفظن جي صفحن تي معنيٰ سان گڏ ٿورو اضافي تفصيل رکيو ويو، جنهن کي مون کڻي وڪيپيڊيا تي منتقل ڪري ڇڏيو. جيئن ته مون تي پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ڪم جو بار آهي ۽ اڪثر وقت نه هوڻ جي باوجود وڪيغت تي ڪم ڪرڻ چاهيندو آهيان، تنهنڪري اهڙا اڻ پورا ڪم توهان کي اڪثر نظر ايندا. پر ان جو مطلب هرگز به اهو نه آهي ته ڪو آئون وڪيپيڊيا تي وڪيغت جا صفحا جيئن جو تيئن ڇڏڻ گھران ٿو. در اصل منهنجي من ۾ اهو ئي هوندو آهي ته توهان يا ڪو ٻيو دوست ان کي اچي وڌائيندو ۽ سنواريندو. اهڙن اڻپورن يا ڪچن صفحن جو وجود هر ٻوليءَ جي وڪيپيڊيا تي آهي. اهڙن صفحن کي انگريزي وڪيپيڊيا تي اسٽب ڪوٺيو ويندو آهي. ڪيترا ئي ماڻهو اڻپوري ۽ تمام مختصر ڄاڻَ هوڻ جي باوجود ڪنهن موضوع تي صفحو جوڙي ڇڏيندا آهن ۽ ان کي اسٽب ڪوٺيو ويندو آهي. پر اهڙا غير پختا صفحا هر صورت ۾ سٺا سمجھيا ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪجھه نه هوڻ کان ڪجھه هوڻ بهتر آهي. ٻيو ته اهڙو اڻپورو ۽ غير پختو صفحو نون ايندڙن کي ڪم ڪرڻ تي اڪسائيندو. هر ڪنهن کي گھرجي ته اڻ پوري معلومات رکندڙ صفحي تي وٽس موجود اضافي ڄاڻَ درج ڪري اهڙي صفحي کي قابل مطالعه بڻائي.
جيستائين منهنجي پي ايڇ ڊي واري رپورٽ جو واسطو آهي ته اهو ڪو وڏو ڪم ڪونهي. اهو منهنجو کيتر آهي، ۽ پنهنجي کيتر تي سنڌيءَ ۾ لکڻ هر سنڌيءَ جو فرض آهي. اوهان به يقيناً اهڙو ڪم ڪري سگھو ٿا. توهان جو جيڪو به پسنديده موضوع هجي، ان تي مهرباني ڪري سنڌيءَ ۾ لکي رکندا. انسان جيستائين حيات آهي اوستائين ڪم هلندو رهندو آهي. ڪو به ڪم مڪمل ڪو نه ٿيندو آهي، هميشه سڌاري ۽ واڌاري هيٺ رهندو آهي. مهرباني ڪري توهان جيڪو ڪجھه به لکيو آهي، اهو بنا تصويرن جي موجوده صورتَ ۾ ئي رکي ڇڏيندا. تصويرون پوءِ به رکجي وينديون، ۽ سڌارا به پيا ٿيندا. اوهان جي هٿان به ته ٻين نون ايندڙن جي طرفان به. Aursani 16:28, 29 April 2006 (UTC)

سائين شبير صاهب آئون هر هڪ فونٽ انسٽال ڪري ڏٺي آهي پر پوءِ به وڪي تي يونيڪوڊ ۾ ٿا اچن - مدد ڪندا ته مهرباني ٿيندي.

مهراڻ مڱريو مون سان ڳالهه | منهنجو ڀاڱو

وڪيپيڊيا 15 / تقريب /حيدرآباد سنڌ پاڪستان سنواريو

سائين محترم دوست صاحب

اسلام عليڪم تمام مهرباني آئون وڪيپيڊيا تقريب لاءِ حيدرآباد سنڌ جو مقام تجويز ڪيو آهي. مهرباني ڪري شرڪت ڪندا، 7 تمام وڪيپيڊين جيڪي سنڌ ۾ آهن يا ٻاهرين ملڪن ۾ آهن انهن کي پڻ دعوت ڏيو.مهربانيون....اسد علي جوڳي [وڪيپيڊيا 15 / تقريبون /حيدرآباد سنڌ پاڪستان https://meta.wikimedia.org/wiki/Wikipedia_15/Events/Hyderabad,_Sindh_Pakistan] يوزر بحث:اسد علي جوڳي--اسد علي جوڳي 09:30, 17 ڊسمبر 2015 (UTC)

وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ / تقريب 20مئي-24مئي/ ڪراچي لاءِ توهان کي شرڪت جي دعوت سنواريو

وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ / تقريب / ڪراچي لاءِ توهان کي شرڪت جي دعوت سائين محترم دوست صاحب اسلام عليڪم توهان جي تمام وڏي مهرباني جو توهان سنڌي وڪيپيڊيا تي پنهنجو کاتو ٺاهيو آهي، پر اسان اها ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته توهان اڃا سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪوئي ڀاڱيداري، تحرير ۽ ترميم ناهي ڪئي، اسان سمجهون ٿا ته توهان نوان يوزر آهيو تنهنڪري توهان کي سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪم ڪرڻ، مضمونن ۾ ترميم ڪرڻ، حوالا، زمرا ۽ سانچا وجهڻ ۾ مشڪل پيش اپي رهي هوندي، وري به اسين توهان منجهان اميد ڪريون ٿا ته توهان ڪجهه نه ڪجهه سنڌي وڪيپيڊيا تي ترميمون ڪرڻ شروع ڪندا. سائين محترم (محترمه) توهان سميت تمام نون سنڌي وڪيپيڊيا يوزرس جي سنڌي وڪيپيڊيا ۽ وڪيپيڊيا بابت سکيا ۽ تربيت لاءِ اسان ڪراچيءَ ۾ هڪ تربيتي (آگاهي) ورڪشاپ ۽ گڏجاڻي ورڪشاپ رٿيو آهي جيڪا 20 مئي 2017 بروز ڇنڇر، يا 23 مئي اڱارو، 24 مئي 2017 اربع جي ڏينهن ٿيندي، حتمي ڏينهن ۽ تاريخ تمام جلد بڌائينداسين، اسان توهان کي دل جي گهرائين سان ان ۾ توهان جي شِرڪت جي لاءِ دعوت ڏيون ٿا.اميد ته ضرور شرڪت ڪندا، هي ورڪشاپ انڪري به اهم آهي ته سنڌي وڪيپيڊيا جي ڏهه سال جي تاريخ ۾ هي پهريون اهڙي نوعيت جو ورڪشاپ آهي، جنهن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جي ڏهين سالگرهه پڻ ملهائي ويندي

اسانجي وڏي عرصي کان ڪيل اڻ ٿڪ محنتن ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ وڪيپيڊيا تقريب لاءِ ڪراچي سنڌ جو مقام رکيو ويو آهي. مهرباني ڪري شرڪت ڪندا، تمام سنڌي وڪيپيڊين (سنڌي وڪيپيڊيا تي يوزر کاتو رکندڙ شخصيتون) جيڪي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آهن انهن کي دعوت ڏيوٿا انهن سميت ٻيا تمام اهي نوجوان، وڏا ، اديون شاگر، شاگردياڻيون جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي وڪيپيڊيا سان دلچسپي رکن ٿا کين پڻ ان تقريب (ورڪشاپ) ۾ اچڻ جي کُلي ٿام دعوت آهي .

وڌيڪ تفصيلات لاءِ توهان اسانجي سنڌي وڪيپيڊيا فيس بُڪ پيج کي لائيڪ ۽ فالوو ڪريو، 

۽ هنن نمبرز تي رابطو ڪريو

  • جوڳي اسد | 031520679273
  • مهتاب احمد | 03023390644

برقي پتو (اي ميل) jogiasad.sdwiki@gmail.com

.مهربانيون.... توهان جو خادم اسد علي جوڳي

سنڌي وڪيپيڊيا (ڳالھ) 12:41, 29 اپريل 2017 (UTC)