مورو سنڌ جو تمام اهم شھر آھي هي سنڌ جي وچ يعني دل ۾ آھي . هن کي تعلقي جي حيثيت حآصل آھي پر مستحق ضلعي لاء آھي . هتي مشھور شخصيتن ۾ انقلابي شاعر راشد مورائي . سياستدان ۽ سابقه وزير اعظم غلام مصطفا جتوئي . عظيم سنڌي . ادريس جتوئي . سنڌ ٽي وي مالڪ غلام نبي مورائي . مشھور ڳائڻا جن ۾ الهداد زرداري . صائمه منظور . جلال چانڊيو . اداڪاره نگهت ناز ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آھن . آئون محمد بخش سهتو . هڪ پرائمري استاد گورنمينٽ پرائمري اسڪول شاه عبداللطيف ڀٽائي ۾ پڙھايان ٿو جيڪو مورو جي بهترين معياري اسڪولن ۾ پهريون نمبر آھي گذريل سال 2018 کان اسان جي اسڪول جي بلڊنگ تعمير لاء ڏنل آھي پر هن.وقت تائين 10 مهينا گذري ويا آھن صرف ڊي پي سي ئي تيار ٿي آھي ۽ 7 مهينن کان ڪم بند آھي . ٻار شام جي شفٽ ۾ گرمي ۾ هڪ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري اچن ٿا ۽ تمام پريشان آھن تقريبن 47 ٻار سرٽيفڪيٽ وٺي ويا آھن باقي 600 ٻار بچيا آھن جن مان صرف 300 جي لڳ ڀڳ ٻار اچي سگهن ٿا .. وزير تعليم جناب سردار علي شاھ صاحب ۽ سرڪار جي اعلا وس وارن کي گذارش آھي ته اسڪول جي تعمير جو ڪم فورن شروع ڪرائي ٻارن جو مستقبل سنواريو وڃي .