Aijaz Laghari
علم بيان
تشبيهه: (مشاهبت، هڪجهڙائي)
ڪنهن اسم يا ضمير جي خوبي يا خاص جي اظهار لاءِ ٻئي ڪنهن اسم يا ضمير جي ساڳي خوبي يا خامي جو ذڪر ڪرڻ کي تشبيهه چئبو آهي.
جيئن؛ ٻار گلاب جي گلن جهڙا سهڻا آهن.
ڪــــــــــالهه گڏيوسون ڪاپڙي، جهڙو ماه منير،
فـــيض،فــــراق، فقــــــير جــــوڳي جـــــاڳائي ويـــــــــو. (لطيف)
نوٽ : تشبيهه ڏيڻ لاءِ حرف جهڙوڪ؛ جهڙو، وانگي، جيان، ڄڻ وغيره استمعال ڪيا ويندا آهن.
استعارو: (استعار= اوڌر وٺڻ) ڪنهن اسم يا ضميرجي خوبي يا خامي جي اظهار لاءِ کائنس وڌيڪ ساڳي خوبي ياخامي رکندڙ ٻئي ڪنهن اسم يا ضمير جو نالو اوڌر طور استمعال ڪرڻ کي استعارو چئبو آهي. مثال: مڙس ته ڪو دودو آهين. مان ته سنڌو ديش، تون سنڌو نديءَ لوڪ ســـــارو ســـمنڊ کارو ٿـو لڳي. (دوست سومرو) مجاز مرسل: (مجاز= ڪوڙ+ مرسل= ارسال ڪيل موڪليل) جملي ۾ ڪنهن اسم يا ضمير جي غير حقيقي معنٰي طور استمعال واري صنعت کي مجازي مرسل چئبو آهي.
نوٽ : استمعال ڪيل اسم يا ضمير جي هقيقي معنٰي ڪڍبي ته جملي جي معنٰي ٿي ويندي.
جيئن؛ سندس هاٺي ڪاٺي ڪنهن پهاڙ جيان هئي. ڪاتي ڪونهي ڏوه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾، پسو پـــــر عجـــــيب جـــــــي لڄيو وڃي لـــــوه، عاشـقـــن انـــــــدوه، ســـــدا معشــــــوقن جـــــــو.(لطيف) ڪنايو: ( اشارو ڪرڻ ) جملي ۾ ڪنهن اسم يا ضمير لاءِ صفتي اصطلاح استمعال ڪرڻ واري صنعت ڪنايو چئبو آهي. جيئن؛ پيرل جا پير ڊگها آهن. (رابطو)
سندس چلهو سدائين گرم رهي ٿو.(مهمان نوازي) مڻئي مٿي جي هئا، تن چتن ڦيريـم چِت. نوٽ : ڪنايو ۾ استمعال ٿيل صفتي اصطلاح جي غير حقيقي معنٰي وٺبي آهي، پر جي حقيقي معنٰي ته به جملو بي معنٰي نه ٿيندو.