وفا ياسين آرائين

اصل نالو: غلام ياسين آرائين

ادبي نالو: وفا ياسين آرائين

والد جو نالو: محمد حسن آرائين

جنم: 1970_03_02

جنم جو هنڌ: ڳوٺ پيارو خان آرائين

تعليم : گريجوئيٽ

پيشو: استاد

سڃاڻپ:شاعر،اديب،نثرنگار۽ سماجي ورڪر

شادي: 1993

اولاد: ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون

مختلف تنظيمن سان وابستگي،سنڌي ادبي سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن جو ٻ ڀيرا سيڪريٽري ۽ سگا جي مختلف عهدن تي رهي چڪو آهي.

1990ع تي کيس پرائمري استاد طور مقرر ڪيو ويو،پنهنجي ڊيوٽي بهترين نموني نڀائيندو پيو اچي،محنتي استاد هئڻ سبب تعليم کاتي پاران ڪيترا ئي مڃتا سرٽيفڪيٽ مليل اٿس.

وفا ياسين لکڻ جي شروعات 1990 کان ڪئي ۽ استاد بخاري جي شاعري کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيائين. هن تقريبن سڀني صنفن تي لکيو آهي جهڙوڪ بيت،چوسٽا،هائيڪا،گيت،نظم،وائي ۽ گهڻو غزل لکيو اٿس.

سندس شاعري جي ٽن ڪتابن جيترو مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ آهي. سندس ڇپيل شاعري سنڌ جي سڀني اخبارن ۽رسالن ۾ شايع ٿيل اٿس ۽ ڏهن شاعرن جو گڏيل شاعري جو ڪتاب ٽاري ٽاري گل ٽڙي پيا ۾ پڻ شامل آهي.

سندس ريڊيو سان به پراڻو تعلق اٿن،هن 1985 کان ريڊيو تي لکڻ شروع ڪيو.جڏهن هي مئٽرڪ ۾ هئو. سگا ۽ ادبي سنگت طرفان ڪيترا ئي ايوارڊ مليل اٿس.

سندس پسند جي ليکڪن ۾ نورالهدا شاھ ، امر جليل ، عبدالقادر جوڻيجو ۽پسند جي شاعرن ۾ شاھ لطيف،شيخ اياز ، استاد بخاري، شيخ اياز ، احمد خان مدهوش ، آصف مٺياڻوي آهن

سندس وندر شاعري ڪرڻ،مضمون نثر لکڻ ،شاه جو رسالو پڙهڻ، ريڊيو ٻڌڻ،اسلامي ادبي ۽تاريخي ڪتاب پڙهڻ آهي.

پاڻ هن وقت شهر ڦلجي اسٽيشن ۾ رهائش پزير آهي.